72. چڱن پٺيان چُٽَ ۽ چُٽَن پٺيان چڱا. (سنڌ، چوڻي)
امير ماڻهوءَ جي مرتئي تي ته تمام ججهو مال ملندو هئس. غريب جي موت تي تمام ٿورو. ڪڏهن ڪڏهن ته پنڌ به پاڻيءَ ۾ هليو ويندو هئس. ان ڪري سدائين سڻڀي آساميءَ جي تاڙ ۾ رهندو هيو.
ڳوٺ جو وڏيرو جڏهن قبر ۾ ٽنگون لڙڪائي ويٺو ته ھن به ٻاهر راڄ ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. ڳوٺ جو وڏيرو اڄ سڀان تي هجي ۽ انهيءَ حالت ۾ ڳوٺ ڇڏڻ، معنيٰ نصيب کي پٺي ڏيڻ.
مهيني کن جي انتظر کان پوءِ به، نه وڏيرو مئو ۽ نه منجو ڇڏيائين ته ملان جا گهر ويٺي ترائي لڳي ويا. راڄ جا به گهڻا ماڻهو موٽايا هئائين . تنهن ڪري نيٺ اندر سڙئي کان لاچار ڏينهن ٻن لاءِ راڄ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيائين.
راڄ ۾ هڪڙي پاسي، اٺ ڏهه ميل پري نڪري ويو. ڪٿان اَنُّ مليس. ڪٿان گيهه، ڪٿان تيل، ڪٿان رلهي ته ڪٿان ڇا. گهڻي وقت کانپوءِ راڄ ۾ آيو هيو، سو اوڳڙ چڱي ٿيس. کيس اٺ ڏهه ڏينهن لڳي ويا، موٽڻ جي به جلدي هئس.
راڄ ڀيلي جڏهن موٽيو ته ڳوٺ جي ٻاهران ئي، ڳوٺ جو هڪڙو همراهه مليس. نه سلام نه ڪلام گڏه تي چڙهئي ئي اُپڪائي پڇيائينس؛ ”جاڙا خان! ڏي خبر ! وڏيري جي طبيعت ڪيئن آهي!“
”وڏيرو وڃي ربّ کي پرتو!“ جاڙي خان کيس تازي احوال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو. ”ڪالهه ٽيجهو به ٿي ويس!“
”هان ! ابول!“ مان جو ته گهر ئي ڊهي پيو. تنهن هوندي به دل جهلي کانئس پڇيائين؛ ”وڏيرو گذاري ويو ۽ مون کي ڄاڻُ ئي نه ڪيائون!“
”تون هئين ئي ڪونه ته ڄاڻُ ڪٿان ڪنين!“
”ڏي خبر! نهراجُّ ڪنهن ڪرايس!“
”ملان ڦتوءَ!“
”اڙي ملان ڦتوءَ!“ ٻئي هٿ سٿرن تي هڻندي چيائينس؛ ”انهيءَ کي ته بضوءَ ڪرڻ جو به ڏانءُ نه ايندو آهي. مون وارا پٽ نه هئا ڇا؟“
”توهان مان ڪا پهر ئي ڪانه لڙي!“
”ابول! منهنجا پٽ ته ٿيا ئي نه! انهيءَ کي چئبو اٿئي ..... ” ٻئي چنبا منهن ۾ هڻندي چيائين؛ ”چڱن پٺيان چٽ ۽ چٽن پٺيان چڱا!“
مطلب: وڍين پيٽان سڄا، سڄن پيٽان وڍيا.
۲- چڱن جو اولاد کري سگهي ٿو ۽ کريلن جو سڌري سگهي ٿو.