83. دانگي تپي ڇهه مهينا ته ضدي مهمان کپي ٻارنهن مهينا. (سرو، پهاڪو)
صبح جو کائي پي، موڪلائي نڪري، وري شام جو ڪن ڪڍيو بيٺو هجي، چي؛ “ گاڏي نڪري وئي!“
هڪ ڏينهن گهر ڌياڻيءَ علي الفجر جو اٿاري چيس؛ ”اڄ سوير وڃ ته گاڏي ملئي!“
”ماني- ڀورُ پيٽ ۾ وجهي نڪران ته چڱو!“ آرس ڀڃندي مهمان چيو؛ ”وڏو پنڌ لتاڙڻو آهي!“
مائي خار ۾ ماني پچائڻ لاءِ چلهه تي اچي ويٺي ۽ چلهه کي چوڻ لڳي؛ ”تپ ڙي دانگي ڇهه مهينا“.
”کپ ڙي مهمان ٻارنهن مهينا.“ مهمان به، ترڪي به ترڪي جواب ڏيندي چيس.
مطلب:- ۱- جيڪڏهن تون ٿورو سست آهين ته مان ٻيڻو آهيان.
۲- هڪ ڏينهن مهمان! ٻئي ڏينهن بلائي جان.
۳- پهرئين ڏينهن مهمان کي مکڻ، ٻئي ڏينهن مهي.
ٽئين ڏينهن ڏجيس، بجو منهن ۾ گَهِي.
۴- مهمان ۽ مڇي، ٽئين ڏينهن کان پوءِ ڌپ ڪرڻ لڳن ٿا. (رشين)