5. اُٺُ، الائي ڪهڙي پاسي ليٽي؟ (سنڌ ، پهاڪو)
شهر ويندي، اٺ حسبِ عادت گاهه واري پاسي لوڻا هڻي، گاه جا مُٺيا ڇِني پئي کاڌا. اٺ جي انهيءَ زيان تي، ڪنڀر ڏاڍو خوش ٿيندو پئي آيو.
ساهي پٽڻ لاءِ، منجهند ڌاران هڪ وڻ هيٺان ڊاٻو ڪيائون. اٺ کي به هشائي ويهاريائون. ويهڻ بعد اٺ ٿانون واري پاسي ڏانهن ليٽيو ته ٺڪر جا کوڙ ٿانءَ ڀڄي پيا. انهي تي ڪنڀر کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
“ٻين تي کلڻ نه گهرجي! خبر ناهي ته خدا ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ راضي آهي، اها ته کيس خبر آهي ته .....” جت ڪنڀر کي نصيحت ڪندي چيو؛ “اٺ، الائي ڪهڙي پاسي ليٽي”.
مطلب: ۱ . ڏسجي اٺ، الائي ڪهڙي ڪڙي ٿو ليٽي.
۲ . خبر ناهي ته هاڻي ڪنهن جي نقصان جو وارو آهي.