2. آپ ڪمائيءَ ۽ باپ ڪمائيءَ ۾ فرق آهي. (هندي ، چوڻي)
“روزانو ڏهه روپيا، مڪتب جي خرچ لاءِ گهرجن! ” ٻئي ڏينهن آخوند، صاحبزادي کي چيو. ڇوڪري پيءُ کان روزانو ڏهن روپين جي طلب ڪئي. پڻس ٻه چار ڏينهن ڏنا، پوءِ اهو چئي بند ڪري ڇڏيائين؛ “پاڻ ڪمائي وڃي آخوند کي ڏي”.
اميرزادي اها ڳالهه ماءُ سان ڪئي، جنهن مسئلو حل ڪندي، روزانو کيس ڏهه روپيا ڏيڻ شروع ڪيا . آخوند ڏهه روپيا وٺي ڇوڪري جي اکين آڏو کوهه ۾ اڇليندو هو.
هڪ ڏينهن ماڻس گهر ۾ نه هئي ته کيس ڏهه روپيا نه مليا. اتاوليءَ مان هڪڙي هنڌ مزدوري ڪيائين. اٺ آنا مليس ۽ اچي استاد جي تريءَ تي رکيائين. استاد حسبِ عادت اٺ آنا کوهه ۾ اڇلايا ته صاحبزادو خلافِ عادت ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو.
“اڳي ڏهن رپين اڇلڻ تي نه ڪاوڙبو هئين، ۽ اڄ اٺ آنا اڇلڻ تي ناراض ٿو ٿين؟ سو ڇو؟” استاد پڇيس.
“ڏهه روپيا، بابا جي ڪمائيءَ جا هئا ۽ اٺ آنا مون ڪمايا آهن!”
“مون اهو انهيءَ لاءِ ڪيو ته جيئن توکي احساس ٿئي ته .... ” آخوند نصيحت ڪندي چيس؛ “آپ ڪمائي ۽ باپ ڪمائي ۾ فرق آهي”.
مطلب: هر ڪنهن کي، پنهنجيءَ محنت جو ئي قدر ٿيندو آهي.