11. اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به، ويچار ڪجي. (سنڌ، چوڻي)
سڄي ڏينهن جو ٿڪل هيو. جيئن ئي چادر تاڻي، نرم بستري تي ليٽيو، تيئن ئي اک لڳي ويس.
سمهڻ وقت راڻي صاحبه آئي، کيس بادشاهه سمجهي پاسڙو ڏئي سمهي پئي. گهڙيءَ کانپو، بادشاه سلامت پاڻ وزير سميت خلوت گاهه ۾ آيو. راڻيءَ کي ٻيلهه ستل ڏسي، باهه ٿي ويو. تلوار ڪڍي، ٻنهي تي وار ڪرڻ وارو هيو جو وزير ٻانهن کان جهلي ورتس؛ “جيئندا قبلا! اٻهرو قدم نه کڻڻ گهرجي! ”
“اکين سان ڏسڻ کانپوءِ، ڪهڙو ويچارجي؟” بادشاهه وزير کي چيو.
تنهن هوندي به وزير کيس پاسي تي ڌڪي ويو.
سندن واڪي تي نوڪر جي اک کلي پئي. پاڻ کي راڻيءَ سان ستل ڏسي ڊڄي ويو. بُل ڏئي اٿيو ۽ پلنگ تان هٺ وڃي ڦهڪو ڪيائين. ايتري ۾ راڻيءَ جي به اک کلي پئي. يڪدم سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس سموري ماجرا ڪري ٻڌايائين.
“پاڻ ته مئو هئين، پر مون کي به مارائين ها!” راڻي دَٻَ پٽيندي چيس.
ٻنهي جي ماجرا ٻڌي، بادشاهه حيرت ۾ پئجي ويو.
“تنهنجي ڳالهه بلڪل صحيح آهي! تڪڙو قدم نه کڻجي.” بادشاهه وزير کي چيو؛ “اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به ويچار ڪجي!”
مطلب: ۱ . ڪنن ٻڌيءَ تي ته ويچار ڪجي پر اکين ڏٺيءَ تي به ويچار ڪجي.
۲ . ڪو به قدم تڪڙو ۽ اٻهرو نه کڻجي.