145. واڻيا ٿڪجن ته مٽي ڪڍن. (ساهتي ، چوڻي)
“اڙي تون هن جي پويان وڃي اک ٽيٽ ڪري ڏسي آ ته ........؟” منشيءَ ٻئي مزدور کي پويان موڪليندي چيو؛ “جهنگ جو خيال ٿو ڪري يا ڪ ٻي لنجهڻ اٿس!”
“مٽيءَ جي ڍيري ٺاهي، مٿس جهنگ جي خيال واري نموني سان ويٺو هو!” اک ٽيٽ تي ويل مزدور منشيءَ کي موٽي اچي ٻڌايو؛ “جهنگ جي خيال جو بهانو هئس!”
“تون ڪم کان نٽائين ٿو! واڻيو موٽيو ته منشيءَ دٻ پٽيندي چيس؛ “هتان موڪل جهنگ جي خيال جي ٿو وٺين، اتي وڃي مٽي جي ڍيري ٺاهي، مٿان ٿو ويهينس! هن مزور کي، مون اک ٽيٽ لاءِ موڪليو هئو.” انهيءَ مزدور ڏانھن اشارو ڪندي چيائينس؛ “انهيءَ ائين اچي ٻڌايو آهي! اهڙي ٺڳي ڪرڻ تي توکي شرم نه ٿو اچي!”
“سائين! منهنجو عرض ٻڌو! منهنجو سنگتي بلڪل صحيح ٿو چئي ته مان مٽيءَ مٿان ويٺو هئم، پر حقيقت هيئن آهي؟..........” واڻئي ھٿ ادب جا ٻڌي، وضاحت ڪندي عرض ڪيو؛ “واڻيا ٿڪجن ته مٽي ڪڍن!”
مطلب : ۱ . واڻيو / دڪاندار هڪ هنڌ ويهڻ سبب ٽوٽي ٿيندو آهي. کانئس محنت مزدوري ڪين ٿيندي.
۲ . ڪمزور ماڻهوءَ وٽ، ڪمزور بهانا هوندا آهن .