65. جيڪو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچيو. (سنڌ ، پهاڪو)
“الله بچايو!” موٽ ۾ ورندي ڏنائين.
“ڇا ڪندو آهين؟”
“نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو آهيان.”
“الله به ان کي بچائيندو، جيڪو بچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ مدد ان جي ڪندو، جيڪو پنهنجي مدد پاڻ ڪندو!” وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائينس؛ “جيڪو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچيو.”
مطلب: ۱ . خدا ان قوم جي حالت بدلي ٿو، جيڪا پنهنجي حالت پاڻ بدلي ٿي.
۲ . همتِ بنده، مددِ خدا، بي همت بنده، بيزارِ خدا.
۳ . دريا ڀَرِ تي ڇوڪر ڪُڏي، اڄ نه ٻُڏي سڀان ٻُڏي.