لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب ”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book موزون  آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون

87. ديڳڙا ويامندا ته مرندا به. (سنڌ، پهاڪو)

هڪڙي همراه پاڙي واري کان هڪ ڏينهن لاءِ ديڳڙو گهريو؛ ”ادا! اڄ مهمان آيا آهن، ٻوڙ رڌڻ لاءِ ديڳڙو کپي!“
پاڙي واري جو اڳي آزمايل نه هئو، تنهن ڪري ڊڄندي ڊڄندي جست جو اڌوراڻو ديڳڙو آڻي ڏنائينس ۽ پارت ڪندي چيائينس؛ ”ادا! ديڳڙي موٽائڻ جي پارت هجئي. اسان وٽ اَڙِيءَ اُڌِي اهوئي هڪڙو ديڳڙو آهي. جيئن ئي اُڪلائي واندو ڪرين ته موٽائڻ جي ستت مهرباني ڪجانءِ!“
”ادا ! تون گهٻراءِ نه! پاڙي جا آهيون، ائين ٿوروئي ٿيندو!“
ٻئي ڏينهن ديڳڙو واپس ڪرڻ آيو ته منجهس جست جي ننڍري ديڳڙي به وجهيو کنيو آيو. ننڍڙي ديڳڙي ڏسي مالڪ چيس؛ ”ادا هيءَ ننڍڙي ديڳڙي ته مون توکي ڪانه ڏني هئي!“
”ها ادا! تو ته واقعي نه ڏني هئي پر رات تو وارو ديڳڙو اسان وٽ ويامي پيو ۽ اها ديڳڙي ڄڻي وڌائين. پرائي شيءِ اسان ڪاڏي ڪندا سين، هونئن به ٻچو ماءُ کانسواءِ رهي نه سگهندو. تنهن ڪري پنهنجي امانت سنڀالي وٺو!“
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري اچي سوال ڪيائينس؛ “ ادا! اڄ وري مهمان اچي ڪڙڪيا آهن! ديڳڙو کپي! معاف به ڪجو! اوهان کي سدائين تڪليف به ڏيندا آهيون!“
”نه سائين تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“ پاڙي واري مروت ڏسندي چيس؛ ”کوڙ ديڳڙا! گهڻا کپن ڇا؟“
”وڏا هجن ته ٻه ڪافي آهن. ننڍا هجن ته پوءِ چار پنج ڪافي ٿيندا!“ مٿان لانگ رکندي چيائين؛ ”جيڪڏهن تڪليف سمجهو ته پوءِ ضروت ناهي!“
” نه سائين! پاڙي ۾ ڇا جي تڪليف آهي. هڪ ٻئي ۾ پاڙي پتيءَ جي ڪري ڪم ڪاريون پيا پوندا آهن. اڄ توهان جو سڀاڻي اسان جو ڪم پئجي سگهي ٿو. توهان اتي ئي ترسو! مان بيٺي پير ٿو موٽان!“
تڪڙو گهر ويو ۽ چار پنج ٺاهوڪا ٽامي جا ديڳڙا کڻي آڻي ڏنائينس.
ٻن ٽن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، نه ديڳڙا ۽ نه ٻچا مليا ته مالڪ کي اڻ تڻ ٿي پئي. پاڙي واري وٽ لنگهي ويو ۽ پڇيائينس. ”ادا ديڳڙا نه موٽيا! دل ۾ چيم ته اوهان کي يادگيري ڏياريان!“
”ها ! ادا بلڪل ياد آهن. مان پاڻ آيس پئي اوهان کي ٻڌائڻ! اوهان اجايو تڪليف ڪئي، در اصل ڇاهي جو!“ .... ٻوٿ ڀيلو ڪندي چيائينس؛ ”اوهان وارا سمورا ديڳڙا، اڳين رات مري ويا! مون کين ٿڏي تي ئي دفنائي ڇڏيو!“
”ادا ڪهڙيون چرين واريون ڳالهيون پيو ڪرين!“ ديڳڙن جي مالڪ حيران ٿيندي چيس. ”ديڳڙا به مرندا آهن ڇا؟!“
”ادا! تون به ڪو سادو ٿو ڏسجين!“ مالڪ تي ڏاڏر ڪندي چوڻ لڳو؛ ”ديڳڙا ويامندا ته مرندا به“.
مطلب: ۱- بي اصولي فائدي وقت نظر نه ايندي آهي، نقصان وقت نظر ايندي آهي.
۲- جتي لوڀي هجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
۳- لوڀيءَ سندي راڄ، ۾ ٺوڳي مري نه بک.