3. آڌا چُوڙا، آڌا ٻُورا، مال ڪُوڙا، مراد پُورا. (هندي، پهاڪو)
چوڙيگر، حسبِ عادت، ڳٽيءَ جا ڇوڏا لاٿا. پوءِ ٻانهن جي ماپ سارو، عاج کي گولائي ۾، اهڙيءَ طرح چيريائين جو ٻورو تمام گهڻو نڪتو.
“عاج ته زيان ڪري ڇڏيئي!” مائي زيان ڏسي رهي نه سگهي ۽ چيائينس؛ “ايڏو ٻورو ڪڍبو آهي؟!”
“آڌا چوڙا، آڌا ٻورا، مال ڪوڙا، مراد پورا!” موٽ ۾ ڪاريگر چيس.
مطلب: ۱. مال ڪوڙو هيو، تنهن هوندي به اڌ مال ضايع ڪري، باقي اڌ مان مراد پوري ٿي آهي.
۲. ٻانهيون/ چوڙيون پائڻ، پئسي جو زيان آهي.