134. موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به حوصلو کپي. (سنڌ ،چوڻي)
هڪڙيءَ رات، پاڙي وارن جي گابي، اٽي جي پاري ۾ ٻوٿ وڃي وڌو ته سڱن سبب ٻوٿاڙ ان ۾ ڦاسي پيس ۽ انڌن وانگر هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳو. هڪڙي اونده ٻيو اکين تي پاري جو اکياڙ چڙهيس ته گابو هراسجي وٺي ڀڳو ۽ ڪراڙيءَ جي گهر جي اڱڻ تي اچي بيٺو. ڪراڙي، اونده ۾ گابي جي کڙکڙ ٻڌي ۽ هيولا ڏسي سراپجي وئي.
پنهنجون گھريل دعائون دل تي تري آيس. اندر ۾ وسي ويس ته پڪ ڌڻيءَ ملڪ الموت کي موڪليو آهي.
من ۾ اهو گمان ويهڻ شرط گهٻرائجي وئي.
“ميان عزرائيل!” گابي کي چوڻ لڳي؛ “ڌڻي، جنهن عورت جو ساهه آڻڻ لاءِ توکي مُڪو آهي، سا مان ناهيان. اها منهنجي مهانڊي منهنجي ڀيڻ آهي. تون اجايو منهنجي گهر ڀلجي آيو آهين!”
انهيءَ شور تي ڪراڙيءَ جو وڏو پٽ به سجاڳ ٿي پيو. کيس به ماءُ جون گهريل دعائون ياد هيون. گابي جي هيولا کي ڏسي. انهيءَ کي پڻ ڊپ وڪوڙي ويو. ايتري ۾ گابي جو مالڪ به گابي کي ڳوليندو، اتي اچي نڪتو. تنهن لٺ سان گابي جي ڳچيءَ ۾ پيل پاري کي ڀڳو ته گابو ڳچيءَ ۾ پيل گرنهن سميت ٽاه کائي وٺي ڀڳو. انهيءَ تي ڪراڙيءَ کي لڱن ۾ ساه پيو.
“مئو ابو ڏاڏو گابي جو!” ڪراڙيءَ سهڪندي چيو؛ “ابا گابي ته موراڳي ساه ئي سڪايو هيو!”
“موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به حوصلو کپي!” پٽهنس چيو.
مطلب:۱- موت، هر شيءِ کان سخت آهي.
۲- ساه، سڀ کي پيارو آهي.