76. چور چور ٿيندو آ، ٻلو ٻلو ٿيندو آ. (سنڌ، پهاڪو)
چور ڇڙهه هڻي بيهي رهيو.
”ڪير!“ مالڪ ٻيهر رڙ ڪئي، جنهن تي ٻلي ڇڪي تان هيٺ ٽپو ڏئي ميائون ميائون ڪندي هلي وئي.
مالڪ سمجهيو؛ کڙڪو، ڇڪي تي ٻليءَ جي چڙهڻ ڪري ٿيو آهي. اهو گمان ڪري، سنئون نئون ٿي سمهي پيو.
مالڪ کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا ته چور به اڳتي رڙهڻ شروع ڪيو. ستت ڪنهن کٽ ۾ لڳو ته وري کڙڪو ٿيو. مالڪ کي سنڀال ٿي وئي. وري رڙ ڪيائين؛ ”ڪير!؟“
چور ڇپ هڻي بيهي رهيو.
مالڪ گهڻو ئي ”ڪير ڪير“ ڪيو پر ڪا چر پر نه ٿي ته پڪ ٿيس. ڪا گڙ ٻڙ آهي. ٻلي هجي ميائو ڪري، ڪتو هجي ڀونڪ ڪري، پڪ ماڻهو آهي، جيڪو ڇڙهه هڻي بيٺو آهي.
”ڪير! “ هيانءَ ڦاڙ رڙ ڪيائين.
چور دل ۾ چيو، ”متان رڙيون ڪري، آڪهه جاڳائي! کيس ٻلي وانگر مطمئن ڪجي ته چڱو!“ اهو خيال پچائي پهرين گلو ٺاهيائين ۽ پو ڪيائين؛ ”ميائو!“
ٻلي ۽ ماڻهوءَ جي ميائوءَ جو فرق صحيح ڪندي مالڪ لٺ کڻي اٿيو؛ ”ڪير!“
”ٻي ٻلي“؛ چور رڙ ڪئي.
گهر- ڌڻيءَ لٺ ورائيندي چيس؛ ”چور چور ٿيندو آ، ٻلو ٻلو ٿيندو آهي“.
مطلب: ڏوهي ڪيترو به پاڻ لڪائي پر نيٺ ظاهر ٿئي.
۲- ڏوهه لڪي نه سگهندو آهي.