30. ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪانون وڌي ڪيري. (سنڌ، پهاڪو)
“هتي ڀرسان کوه آهي، اتي هلي وضو ڪري، ٽپهريءَ جي نماز پڙهي زال کان موڪلايان ٿو، پوءِ توهان ڀلي وٺي وڃوس!” ڊپ کان کين چيائين.
کوه تي آيا. کوه جي چوڌاري ڦٽل ڀت هئي. چور ان جي اوٽَ ٿي ويٺا. مرد وضو ساريو. جوڻس ڀر ۾ ٿي ويٺي ۽ پاڻ ڊگهي نماز جوٽيائين، تان جو سج به لهي ويو. واهيري جي وير تي پکي به موٽيا. ڀت ڌاري وڻ هئا. تن تي ڪانون جا آکيرا هئا. وڻن تي لهڻ وقت ڪانگن اوڦٽو ماڻهو ڏٺا ته ڪانگيرو کڻي ڪيائون. ڪانون جي بوهياري تي ڀِتِ جهِم کائي، آءُ ڪيو ۽ ٻئي چور ڀت هيٺيان دٻجي مري ويا.
“ڀڄ ته ڀڄون! خدا جان آ بچائي!” مائي مڙس کي سجدي مان اٿاريندي چيو.
“ڀاڙين مٿان ڀت، آھي ڪانون ڪيرائي!”
مطلب:۱- بڇڙي ماڻهو کي بڇڙائي جي سزا ملي وڃي ٿي.
۲- بزدل / سست ماڻهوءَ کي هر ننڍي وڏي شيءِ کان نقصان رسندو آهي.