57. جوش به، وقت تي ڪم ايندو آهي. (سرو، چوڻي)
جڏهن سفر تي روانا ٿيا ته ٻروچ ڪهاڙيءَ جي ڪري مستيءَ ۾ اچي ويو. ڦونڊجي هر شيءِ تي ڊڪي ڪهاڙي اُلاريندو پئي هليو. ماڻهوءَ ڇيڻوءَ تي، مال متاع تي، ڪرڙ ڪنڊيءَ تي، مطلب ته هر شيءِ تي ٻِه- هٿڙي ڪهاڙي سان اُلر هئس.
“ڀائي!” واڻئي ڊڄندي هڪ هنڌ پڇيس؛ “اهو ڇاٿو ڪرين پيو؟!”
“مون کي جوش آهي!” ٻروچ ورنديءَ ۾ چيس؛ “انهيءَ ڪري ائين ڪندو ٿو هلان!”
اُڳاڙي ڪري موٽيا ته واٽ تي سچ مچ، ڀائوءَ- وارا اچي مٿان پين. کين ڏسنديئي واڻئي جي ته ڌوتي خراب ٿي وئي پر ٻروچ جي اُلاريل ٻِه- هٿڙي ڪهاڙي به جهڙوڪ وڃي پٽِ پئي ۽ ڀئو ۾ زمين تي ويهي رهيو.
ڌاڙيل، واڻئي کي آرام سان ڦري هليا ويا. انهن جي وڃڻ کانپوءِ ٻروچ جي وري ساڳي ڪار. اهائي ڪهاڙي، اهوئي ڳَنُ.
“ڀائي! هي ڇاٿو ڪندو هلين!” واڻئي پڇيس.
“مان جوش ۾ آهيان!” ٻروچ ڪهاڙي اُلاريندي چيس.
“هاڻي جوش ڪرڻ جي ڪهڙي ضررت آهي!” واڻئي ٿڌي ٿيڻ لاءِ نصيحت ڪندي چيس؛ “جوش به وقت تي ڪم ايندو آهي!”
مطلب: جوش / ڪاوڙ/ هيٺانهين وغيره، وقت تي فائدو ڏيندا آهن.