47. پَير کُپي ته جاٺو به لڳي. (سنڌ، پهاڪو)
ٿلهي ٿنڀري ماڙيچي کي به ساٿين ملهه وڙهڻ لاءِ اڀاريو؛ “ملهه وڙهه! کٽڻ تي گهور ملندي، گذر سفر چڱو ٿي پوندو.”
پنهنجن جي پڏائڻ تي مڙس ميدان ۾ ڪُڏي پيو. سندرا ٻڌي جڏهن ملهه ٻکين پيا ته ڳوٺاڻي ڄاڻو ملهه، ماڙيچي کي ڍاڪ تي کڻي گهمايو. ٻاهران بيٺل ماڙيچي جي ساٿين، ماڙيچي کي ڏَسُ ڏيندي چيو؛ “جاٺا مار! جاٺا مار!”
اڳلي ملھ جي ھٿن ۾ مٿي ڦرندي، مڙس جو مٿو ئي چڪرائجي ويو هيو. تنھن کي ھنن واري ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه آئي. نتيجي طور ملھ ۾ دسجي پيو. جڏھن ڌڪ کائي اچي ساٿين جي ڀرسان ويٺو ته کيس ٽوڪيندي چيائون؛ “اسان توکي جاٺي ھڻڻ لا پئي چيو پر تو ته ٻڌو ئي نه پئي. اسان جي ڏس تي ھلين ھا ته ڌڪ نه کائين ھا!”
“پير کپاڙي ته جاٺا ماراڙي!” نئين ملھ کين جواب ڏنو؛ “پير کُپي ته جاٺو به لڳي!”
مطلب: ٻئي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ، دنگو ملي ته مقابلو ڪجي، نه ته نه ڪجي.