51. جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهن جا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا. (سرو، چوڻي)
ڪتن جي باهوڙ ٿي. سونچو ٿي ويو. چور چور ٿي وئي. جيستائين گهر- ڀاتي، گهر سنڀالين ۽ سمجهن ته ڇا جي چوري ٿي آهي، تيستائين هنن کي وِٿي ملي وئي.
ڀر واري ڳوٺ ۾ مرد جو سنگتي هيو، جنهن جو گهر پَرَ- ٻاهرو هيو. ان کي اچي اٿاريائون. جنهن سواري لا ڏاچي ڏيندي تاڪيد ڪين؛ “ڏاچي ڏيان ٿو پر هڪڙي ڳالهه ياد رکجو، ڏاچي اٿو نانيءَ کري. جتي پاڻي ڏسندي اتي ويهي رهندي ۽ پو اٿڻ ۾ ڏاڍي گِيهه ڪندي. تنهن ڪري پاڻيءَ واري پاسي کان نه ڪاهي وڃجوس.”
ڏاچيءَ تي چڙهي روانا ٿيا. تيستائين پوين به گهر سنڀالي ورتو. راتو واهه پيراڊو اچي ويا، بتيون ۽ لٺيون کڻي پيري سان نڪري پيا.
سڄي رات، بک اڃ تي هلڻ کانپوءِ سج اڀريو ته ڏاچيءَ کي پاڻي نظر آيو ۽ لڙي پئي. سوارن گهڻو ئي جهليس پر کين جهل ئي نه ڏنائين. ڊُوهي، پاڻي وٽ وڃي پهتي. پاڻي پي، ڊُهي هڻي ويهي رهي. اٿڻ جو نالو ئي نه ورتائين.
ايتري ۾ پيري به، رَندَ کڻي اچي ويجها پين. مرد جيئن ڪاري ڏاند جي مالڪن کي ڏٺو، تيئن ڏاچيءَ کي اٿارڻ لاءِ ڏاڍا ڌڪ هنيائين. ڏاچي چوي ته؛ “تون ڪير ٿيندو آهين جو مون کي اٿاريندين؟”
ڏاچي نه اٿي، نه اٿي. هيءُ به ڪٽي ساڻو ٿيو ته بيزاريءَ مان تلوار ڪڍي، پهرين ڏاچيءَ جي سسي لاٿائين پوءِ مائي کي ماريائين. تيستائين مالڪ به پهتا ۽ اچي جهليائونس.
راڄوڻو فيصلو هليو.
“تو ڏاچيءَ کي ان لاءِ ماريو ته اها ڊُهي هڻي ويهي رهي!” پٽيل کانئس پڇيو؛ “مائي ڇو ماريئه؟ اها ته تو لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي نڪتي هئي!”
“ڏاچيءَ جي مالڪ مون کي چيو هيو؛ ڏاچي نانيءَ کري اٿئي! پاڻيءَ کان پاسو ڪرائجانس نه ته ويهي رهندئي.” سبب ٻڌائيندي چوڻ لڳو؛ “ڏاچيءَ جي نانيءَ تي ڇِڪَ ڪرڻ، مون کي مارايو. جيڪا مون سان ڀڄي نڪتي هئي، تنهنجو ڄڻيو اولاد ضرور مٿس ڇڪ ڪري وڃي ها ۽ هڪ ڏينهن مون سان به ائين ئي ٿئي ها، جيئن توهان سان ٿيو. تنهن ڪري کيس ماري وڌم.”
“تو ان ڪري کيس ماريو؟” ماڻهن وضاحت خاطر پڇيس.
“هاٰ!!” وضاحت ڏيندي چيائين؛ “جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهنجا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا؟”
مطلب: والدين جي اخلاق جو اثر، سڌو سنئون اولاد تي پوندو آهي.