152. هجئي واندڪائي ته وڃ وڏيراڻي اوطاق. (سرو، چوڻي/پهاڪو)
“اڙي واه ڙي ولو واه! هونءَ ڪم نه هجي ته سڄو ڏينهن ويٺو اوطاق جو حقو ڇڪين ۽ کٽون ڇنين! اڄ مهمان آيا آهن ته وري گهر تڙ وارو ٿي ويو آهين.” اها تمهيد ٻڌڻ کان پوءِ ويٺس ڪم ڳڻائڻ؛ “شام کان ڍڳا بک تهي بيٺا آهن، انهن کي گاه ۽ ڪتر وجهڻي هئي، سا تو کانسوا ڪنھن نه وڌي. دلا ته دلا به گهڙامنجيءَ تي رکئي رکئي سڪي ويا آهن! تنهنجي آسري اهي به ڪنهن نه ڀريا آهن. مهمان ته مهمان آسري ۾ ويٺا آهن، ته اجها ٿي حويليءَ تان ماني اچي. هنڌ ديري تان الڳ کڻي اچڻا آهن. حقو ته، حقي جو مزو ڇڏائي ويو آهي! اهو به تازو ڪرڻو آهي.”
ولو ماڻهن سان هٿ ملائي، اڃا کٽ تي ويٺو پئي ته وري وڏيري بوهر ڪيس؛ “ اڙي ! وري ويهين ٿو! ... اٿ بابا اٿ!..... پهرينءَ سٽ ته کوه تان پاڻي ڀري آ! پوءِ ٻيا ڪم ڪري اڳو پوءِ اچي ڪچهريءَ جو مزو وٺ! اٿ شاباس ! ڏاهو ٿيءُ اُٿ! جلدي ڪر!”
وڏيري جي جهاڙ ٻڌي ولو پنهنجو ويهڻ وِهُ سمجهندي، ڪم لاءِ اٿيو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪندو ويو؛ “هجئي واندڪائي ته وڃ وڏيراڻي اوطاق.”
مطلب: وڏيري جي اوطاق تي غريب کي نه وڃڻ گهرجي. ويندو ته رڳو ڪم ئي ڪم ڪرڻو پوندس.