121. گهر ۾ ڪنهن جو به قدر نه ٿو ٿئي. (اردو، پهاڪو)
“جيڪر گهر- واريءَ کي بزرگيءَ واري ڪرامت ڏيکاري ڇڏيان ته چڱو!” هڪ ڏينهن دل ۾ چوڻ لڳو؛ “سدائينِ لاءِ مرعوب به رهندي ۽ خدمت به پئي ڪندي.”
اهي خيال پچائي، صبح سان سوير گهران نڪتو ۽ گهڙيءَ کان پوءِ گهر جي مٿان اڏامندو نڪري ويو. مٿس گهڻن ماڻهن جي نظر پئي. ڳوٺ ۾ چئوٻول ٿي ويو. سندس گهر- واريءَ به آسمان ۾ اڏامندڙ جيئرو جاڳندو بزرگ ڏسي ڏاڍا عجب کاڌا ۽ ڪلما ڀريا.
شام جو درويش گهر ۾ جيئن پهتو، تيئن گهر- واري مٿس ڏاڪا ٻڌي چڙهي وئي؛ “مئا! روز ڊاڙون هڻندو آهين ته مان بزرگ آهيان. اڄ صبح هجين ها ته ڏيکاريانءِ ها ته ڪيئن ٿيندا آهن بزرگ! هڪڙو الله جو پهتل ٻانهڙو، سڄي ڳوٺ جي مٿان اڏامندو نڪري ويو. جڳ جهان ڏٺو، پر تو بدبخت کي اهو ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.”
“شڪر آهي!” ٿڌو شوڪارو ڀريندي، جوءِ کي چوڻ لڳو؛ “جو تون بزرگن جي بزرگيءَ کي مڃين ته ٿي!”
“ڇو؟!” جوڻس تارا ڦوٽاريندي چيس؛ “مان ڪا ڪافرياڻي آهيان ڇا؟ خدا جا سچا بزرگ هجن ته ڇونه مڃينديس.”
“خبر اٿئي! اهو ڪير هئو!” درويش وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ “اهو مان ته هيس.”
“هون! لاشڪ تون ئي هئين! مئا.... ” جوڻس ويتر چڙ کائيندي ۽ تارا ڦوٽاريندي چيس؛ “مان به چوان ته ٽيڏو ٽيڏو پئي اڏامئين!”
“گهر ۾ ڪنهن جو به قدر نه ٿو ٿئي!” بزرگ ٿڌو ساه ڀري چيس.”
مطلب؛ ۱- گهر جو پير، چلهه جو مارنگ.
۲- گهر ڪي مرغي، دال برابر.
۳- ويجهو، ڪوجهو.
۴- دور ڪا ڍول، سهانا بجتا هي.
۵- ويجهڙائپ سبب، هر شيءِ/ماڻهوءَ جي عزت/رعب/محبت، دل مان نڪري ويندي آهي.