133. مُنڊِيل هٿن سان، وڙهي ڪين سگهبو. (ڪوهستان، پهاڪو)
“توسان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي!” ڳوٺ وارن ڦُرِ جو سبب معلوم ڪرڻ لا پڇيس؛ “هٿيار ته تو وٽ مضبوط هئا، پوءِ وڙهئين ڇو ڪين؟ بچاءُ ڇو نه ڪيئي؟ مقابلو ڇو نه ڪيئي؟.....”
“ادا! ڪهڙي ٿا ڳالهه پڇو؟ مان چو-کنڀو سڪ هئس! هڪ هٿ تلوار ۾ هٿيڪو هيو ته ٻيو ڍال ۾ ٻڌل! وڙهان ته ڇا سان وڙهان؟ منهنجا ته ٻئي هٿ مُنڊِيا پيا هيا.” ڦُرجي اچڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائين؛ “مُنڊيل هٿن سان وڙهي ڪين سگهبو.”
مطلب: ۱- مون پِرين، مون ٻڌي وڌو ٻار ۾.
اڀا ائين چون؛ مڇڻ ! پاند پسائين . (شاهه)
۲- ڦاٿل ماڻهو، مقابلو ڪين ڪري سگهندو.