لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون
ڪتاب ”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
- 4.5/5.0
- 8596
- 845
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- انجنيئر عبدالوھاب سھتو
- ڇاپو پھريون
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو
- ترتيب
- سنڌ سلامت پاران :
- ٻه اکر
- سادا اکر
- انتساب
- مقدمو
- متن
- 1. آپ سکي، جڳ سکي. (هندي، چوڻي)
- 2. آپ ڪمائيءَ ۽ باپ ڪمائيءَ ۾ فرق آهي. (هندي ، چوڻي)
- 3. آڌا چُوڙا، آڌا ٻُورا، مال ڪُوڙا، مراد پُورا. (هندي، پهاڪو)
- 4. آفيسر کي، پٽيوالا ئي کڻند آهن. (سرو، پهاڪو)
- 5. اُٺُ، الائي ڪهڙي پاسي ليٽي؟ (سنڌ ، پهاڪو)
- 6. اُٺَ نه رسن، ٻورا رسن. (سنڌ، پهاڪو)
- 7. اُٺي، بُهه چُٺي. (سنڌ پهاڪو)
- 8. آپڻي گهوٽجي ته نشا ٿيوي. (سنڌ ، پهاڪو)
- 9. اڄ نه ڏٺو لال، ته سڀاڻي ئي صحيح. (هندي ، پهاڪو)
- 10. اڇي پڳ مَ پس اندر مڙيئي اڳڙيون. (چوڻي)
- 11. اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به، ويچار ڪجي. (سنڌ، چوڻي)
- 12. اک ڏٺيءَ ڳالهه لاءِ، ڪهڙو پڇڻ؟ (سنڌ، چوڻي)
- 13. اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن. (ساهتي ، چوڻي)
- 14. اکيين لونگ لڳن، جعفر وسري وڃن. (هندي، پهاڪو)
- 15. اميدن تي جهان قائم آهي. (ساهتي ، چوڻي)
- 16. اڻ هوند ۾ پئسي پلو مهانگو، هوند ۾ رپئي پلو سستو . (ساهتي ، پهاڪا)
- 17. اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو. (وچولو، پهاڪو)
- 18. ايمان ناهي ته ٿلهائپ به ڪم جي ناهي. (سنڌ، چوڻي)
- 19. باپ ڪمائيءَ ۽ آپ ڪمائيءَ، سَنڌو آهي. (هندي ، چوڻي)
- 20. بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ. (سنڌ ، چوڻي)
- 21. بکيي چکي چيو؛ “بقال ڪر! يا بقال جي زال ڪر!” (سرو، پهاڪو)
- 22. بگهڙ ڏسڻ کانپوءِ، قاضي ته ڇيلي کي ڇڏي پر ڇيلو قاضيءَ کي نه ڇڏي. (ساهتي، پهاڪو)
- 23. ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي /چوڻي)
- 24. ٻڏيءَ ٻيڙي جون، هريڙون به ڀليون. (سنڌ، پهاڪو)
- 25. ٻن ٻيڙن ۾ جيڪو چڙهي، چڏا تنهن جا چيرجن. (هندي ،پهاڪو)
- 26. ٻن جوين جو وَرُ، تنهن جو جيئري ئي جهنم ۾ گهر. (سنڌ ، چوڻي)
- 27. ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو. (سرو، پهاڪو)
- 28. ٻيلي کي باهه لڳي، راکن پڪاريو، ٻارهين مهيني ورندي آئي؛ “وِسائي ڇڏيو!” (سرو، پهاڪو)
- 29. ٻين سان ڀلي نِچُ ڪجي پر استادن سان نه ڪجي. (هندي، چوڻي/پهاڪو)
- 30. ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪانون وڌي ڪيري. (سنڌ، پهاڪو)
- 31. ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو. (سنڌ ، پهاڪو)
- 32. ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (سنڌ پهاڪو)
- 33. ڀنگان چيز ٻڏن ته به لندي رووي ڪڻڪ ڪون. (هندي، پهاڪو)
- 34. ڀونتريا ڀون ۾، ته گُهنا به گهوڙي نه چڙهيا. (لاڙ، پهاڪو)
- 35. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (سنڌ ، چوڻي)
- 36. ٺلهن ٺڪرن تي ڌڪا ڪير نه جهليندو. (ساهتي، پهاڪو)
- 37. ٽڪو ڏيئي پرائو ٻار نه کارجي. (سنڌ، پهاڪو)
- 38. ٽڪي جي ٻوڙ ۾ مک ئي ملندي. (سنڌ، پهاڪو)
- 39. ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو هرگز ڪم نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)
- 40. پاڻي پي ذات نه پڇجي. (هندي/بنگالي، چوڻي)
- 41. پرائي ڌيءَ تان کارڪ به چڱي. (سنڌ، پهاڪو)
- 42. پرائي ڏَيوَ تان کارڪ به چڱي. (هندي، پهاڪو)
- 43. پنڻ کان وڌيڪ ڪهڙو نڀاڳ آهي! (ساهتي ، چوڻي)
- 44. پنڻ وچان، پڙهڻ ياد ئي ناهي. (سنڌ، چوڻي)
- 45. پهلي آپ پهلي آپ ڪبو ته گاڏي ڇٽي ويندي. (اردو، پهاڪو)
- 46. پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو، خدا ٿو ڪري. (سنڌ ، چوڻي، پهاڪو)
- 47. پَير کُپي ته جاٺو به لڳي. (سنڌ، پهاڪو)
- 48. جاتي پاڻي، تاتي پاڻ. (هندي ، چوڻي)
- 49. جنهن جو ڪم سوئي ڪري، ٻيو ڪري ته نقصان ڀري. (سرو ، چوڻي)
- 50. جنهن جي ڳالهه، پنهنجي پيٽ ۾ نه ٿي ٽڪي، تنهن جي ڳالهه، ڪاٿي به ڪين ٿي لڪي. (اردو، چوڻي)
- 51. جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهن جا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا. (سرو، چوڻي)
- 52. جنهن جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنهن تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان. (هندي ، چوڻي)
- 53. جنهن رين جو مزو ورتو، تنهن کان ٻيا مزا وسري ويندا. (ساهتي، چوڻي)
- 54. جنهن کي پنهنجي حال جي خبر نه ٿي پوي، تنهن کي ٻئي جي سال جي خبر نه پوندي. (هندي، چوڻي)
- 55. جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي؟ (اردو، چوڻي)
- 56. جنهن ويٺي نه ڄاتو، سو بيٺي ڪهڙو ڄاڻندو؟ (سنڌ ، پهاڪو)
- 57. جوش به، وقت تي ڪم ايندو آهي. (سرو، چوڻي)
- 58. جو گهڻي جي لالچ ڪري ٿو، سو موچڙا گهري وٺي ٿو. (لاڙ، چوڻي)
- 59. جو وَڙُ جڙي جن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن. (سنڌ، چوڻي)
- 60. جوئر جُوءِ ۾ نه هوندي، ته رهو رانديون ڪندو. (سنڌ، پهاڪو)
- 61. جهڙي نيت، تهڙي مراد. (سرو، چوڻي)
- 62. جيتري جهار هڪلبي، اوتري اٿندي. (سرو، پهاڪو)
- 63. جيسي جيسيءَ جي ٻولي سمجهندو آهي. (سرو،چوڻي)
- 64. جيسين ڪاني اثر ڪري، تيسين ٻياني سر نِيئي. (سرو، پهاڪو)
- 65. جيڪو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچيو. (سنڌ ، پهاڪو)
- 66. جيڪي ڪلهو ڏيندا آهن، سي توڙ به رسائيندا آهن . (سرو، پهاڪو)
- 67. جيڪي وٺڻ سکيا آھن، سي ڏيندا ڪين آهن. (لاڙ ، چوڻي)
- 68. ڄٽ، پادر سان سڌو هوندو آهي. (سنڌ، پهاڪو)
- 69. ڄٽيءَ سُٽُ پسايو، واڻيي وڌس وٽي. ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي. (سنڌ، پهاڪو)
- 70. چاڪر مٿان چوڪيدار نه رکجن. (هندي، چوڻي)
- 71. چُتِ تي چوٽا، مدعي رد. (هندي ، چوڻي/پهاڪو)
- 72. چڱن پٺيان چُٽَ ۽ چُٽَن پٺيان چڱا. (سنڌ، چوڻي)
- 73. چور به جهڙو ڪاڪو (ساهتي، پهاڪو)
- 74. چور تي ايتري چٽي رکجي، جيتري پاڙو برداشت ڪري سگهي. (اردو، پهاڪو)
- 75. چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک! (سنڌ، پهاڪو)
- 76. چور چور ٿيندو آ، ٻلو ٻلو ٿيندو آ. (سنڌ، پهاڪو)
- 77. چورن سان چاهُ پئي، جي من ميڙ ڪيئي. پوندو ته ڪاٺِ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي. (ساهتي، چوڻي)
- 78. ڇا رٻ، ڇا بسم الله. (ٿر، پهاڪو)
- 79. ڇا ڪول ، ڇا ڪول جو وزن؟ (اردو، پهاڪو)
- 80. حرام جيڪي کائيندا، بک ۾ سيئي اونائيندا. (ساهتي، چوڻي)
- 81. خدا تعاليٰ ڇپر ڦاڙي ڏئي ٿو. (هندي ،چوئي )
- 82. خيراتون اهي ڪن، جيڪي کجين تي چڙهن! (سرو، پهاڪو)
- 83. دانگي تپي ڇهه مهينا ته ضدي مهمان کپي ٻارنهن مهينا. (سرو، پهاڪو)
- 84. دعا به لڇڻن واري کي لڳندي آھي. (سرو، چوڻي)
- 85. دنيا ۾ دوڌ کان دوڌ، پاني ڪا پاني آهي. (هندي ، پهاڪو/چوڻي)
- 86. دولت نُهن کان ماس وڇوڙي. (هندي، پهاڪو/چوڻي)
- 87. ديڳڙا ويامندا ته مرندا به. (سنڌ، پهاڪو)
- 88. ڌڻي تعالي هر هنڌ موجود آهي (هندي، چوڻي)
- 89. ڌوٻيءَ جي گهران وڃي ڇوو، ڪپڙو ڦاٽي مالڪ جو. (سنڌ، پهاڪو)
- 90. ڏاند ته ڪاھي ويو جمعو، اسان ائين به نه چئون. (پھاڪو)
- 91. ڏوهاريءَ جي من ۾ سڀ ڪو سندس گلا ٿو ڪري. (ساٿي، پهاڪو)
- 92. ڏوهٽا وڌندي جا ويري آهن. (ساهتي، چوڻي)
- 93. ربُّ ريجهائڻ سولو، رنان ريجهائڻ ڏکيو. (سرو، چوڻي)
- 94. رن چشڪي هري، رکي آرتوار. (هندي ، پهاڪو)
- 95. رنن زالن جا ڪهڙا جمعا؟ (سنڌ،پهاڪو)
- 96. ريڍار اڳيان رباب، وڄائڻ مان نه وري نه سري. (هندي، پهاڪو)
- 97. زندگي تنور ۾ به گذري ويندي، سمور ۾ به گذري ويندي. (فارسي، چوڻي)
- 98. ساهري گهر جا ڀاتي ته ويري پر چانئٺ به ويري. (هندي، چوڻي)
- 99. سڀ ڪنهن کي خدا اهو ٿو ڏئي، جو ان جي لائق آهي. (سنڌ، چوڻي)
- 100. سڃي کي چور جو ڊپ نه هوندو آهي. (سنڌ، چوڻي/پهاڪو)
- 101. سرڪار، ڪنهن جي چاچا ماما ناهي. (سرو، چوڻي)
- 102. سور آهن ئي بادشاهن کي. (لاڙ، پهاڪو)
- 103. سونارو ، پنهنجي ماءُ جي نٿ مان به نه ٽري. (سنڌ، چوڻي)
- 104. شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي. (هندي، چوڻي)
- 105. شينهن شير خدا جو، وڻيس ته بيدو ڏئي، وڻيس ته ٻچو ڏئي. (هندي، پهاڪو)
- 106. عزت لٿي کان پوءِ خيرات ڪرڻ، ڪهڙي ڪم جي؟ (نصيحت ، چوڻي)
- 107. عشق نه ڄاڻي ذات ڪذات. (هندي ، چوڻي)
- 108. فقيرياڻي ٿئي راڻي، چي؛ “جارا ڏيوڻا، مين کاوڻا!” (ساهتي، پهاڪو)
- 109. ڦٻيا اهي، جيڪي ڦاٽي مئا. (سنڌ، چوڻي)
- 110. ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. (سرو، پهاڪو)
- 111. ڪاهل جي قبر به ٻيا والاري ٿا وڃن. (سنڌ، چوڻي)
- 112. ڪتو ڪتي جو ڀاءُ آهي. (پشتو، پهاڪو)
- 113. ڪتي نه مُنهن، ڪتي جي ڌڻين مُنهن. (سرو، پهاڪو)
- 114. ڪم ڪڌو ڪجي ته به هٿ مضبوط وجهجن. (لاڙ، چوڻي )
- 115. ڪنيءَ رن جا ٻار ، ٿورا تيئن چڱا. (سنڌ ، چوڻي)
- 116. کاڻي کِچڻي، اونڌا طباخ. (سنڌ ، پهاڪو)
- 117. کيتي ، سِرَ سَيتِي (سنڌ چوڻي)
- 118. گرو گپ جو آهي ئي ڪو نه. (پھاڪو)
- 119. گيان ڌيان آهي اُتي، جُتِي آهي جِتِي. (هندي، پهاڪو)
- 120. گھٽو ڌارجي ان لاءِ، هٿان چري ڪپاه. (هندي، پهاڪو)
- 121. گهر ۾ ڪنهن جو به قدر نه ٿو ٿئي. (اردو، پهاڪو)
- 122. گهڻا پئسا، ٿورن پئسن کي ڪمائيندا آهن. (واپاري، چوڻي)
- 123. ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ. (سنڌ، پهاڪو)
- 124. لالچ ڇڏڻ سان عزت ملي ٿي. (هندي، چوڻي)
- 125. لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي. (سنڌ، چوڻي)
- 126. لک کٽيا ڏُومڻيءَ، جي ڏُوم سلامت آيو. (هندي، پهاڪو)
- 127. لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک. (سنڌ، چوڻي)
- 128. ماٺ ڏاڍي مٺي آهي. (سنڌ، چوڻي)
- 129. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا. (هندي ، پهاڪو)
- 130. مرشد لاءِ دال، ته خليفن لاءِ خال. (سنڌ، پهاڪو)
- 131. مڙس بنا ويهون ڪير نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)
- 132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال. (سنڌ، پهاڪو)
- 133. مُنڊِيل هٿن سان، وڙهي ڪين سگهبو. (ڪوهستان، پهاڪو)
- 134. موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به حوصلو کپي. (سنڌ ،چوڻي)
- 135. موت، نه وقت ڏسندو آهي نه هنڌ. (سنڌ ، چوڻي)
- 136. مئي ڪتي، پرچهه نه وڃائجي. (سنڌ، پهاڪو)
- 137. نه اڳلا نه پڇلا، مال کاڳيا وچلا. (سرائڪي، پهاڪو)
- 138. نه اڳلا نه پڇلا، واه جا وچلا. (سرائيڪي ، پهاڪو)
- 139. نه پرڻ ۾ پاڻي ايندو، نه ئي ڌوڙِ ڌاڻيون وٽبيون. (ساهتي، پهاڪو)
- 140. نَرُ ننگو، ناري لڄ. ( چوڻي )
- 141. نقصان پوڻ کان پوءِ نصيحت ڪرڻ ، ڪهڙي ڪم جي؟ (فارسي، پهاڪو)
- 142. نڪمو، پڪيءَ ٻير هيٺان به بک مري. (سنڌ پهاڪو)
- 143. نوٽن جي ڀت ٺهرائڻ سولي، سرن جي اولي. (سرو، چوڻي)
- 144. واڻڪو ٻار به نفعي جي لالچ ۾ ڌڪ کائيندو آهي. (هندي ، چوڻي)
- 145. واڻيا ٿڪجن ته مٽي ڪڍن. (ساهتي ، چوڻي)
- 146. وڃجي شادي شهيد تي ته ٿورو نه ٿڦجي لونگ فقير تي. (سرو، پهاڪو)
- 147. وڏن آئي، ننڍا وسريو وڃن. (سنڌ ، چوڻي)
- 148. وَرُ ته پهريون وَرُ، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺِڪرُ. (ساهتي، چوڻي)
- 149. وَرَ راڄ، ٻَرَ راڄ، پُٽَ راڄ، ميڇ راڄ. (پنجابي، چوڻي )
- 150. وڻ وڻ کي، اُگهاڙ نه ڏيکاربي (سنڌ / ساهتي، چوڻي )
- 151. هارئي کان پيتو ڀلو. (هندي، پهاڪو)
- 152. هجئي واندڪائي ته وڃ وڏيراڻي اوطاق. (سرو، چوڻي/پهاڪو)
- 153. هر ڪنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ، ڪانه ڪا واٽ آهي. (هندي، چوڻي)
- 154. هر ڪو دولت سان محبت ڪري ٿو. (ساهتي، چوڻي)
- 155. هر ڳالهه جي مصلحت، خدا تعالي ٿو ڄاڻي. (ساهتي، چوڻي)
- 156. يارن سان پنبئون نه ڪجي. (لاڙ، پهاڪو)
- 157. يارن سان ڪهڙا ليکا؟ (سنڌ، چوڻي)
- مددي ڪتاب
- ڏسڻي