هڪ يادگيري
ٻارن کي سبق ڏيڻ سان گڏ ادي انھن کان مارڪيٽ مان ڀاڄيون ۽ ٻيو سامان وغيرہ وٺڻ لاء بہ موڪليندي هئي. پر بازار ۾ شي جي جيڪا قيمت هوندي هئي ان کان گهٽ پئسا ڏيندي هئي ۽ اها شي لازمي طور آڻڻي بہ هوندي هئي، نہ تہ ٻي صورت ۾ سزا ملندي هئي. ان جي ڪري گهڻي پريشاني ٿيندي هئي. ان سلسلي ۾ خاص طور ڪڪڙ جا بيضا يا آنا خريد ڪرڻ لاء مختلف ڇوڪرن کي موڪليندي هئي. اهي گهڻو ڪري کڏي جي علائقي مان ملندا هئا، جتي ماڻھو ڪڪڙيون پاليندا هئا. اهو علائقو ويجهو ئي هوندو هو. هتي بہ اها ساڳي ڳالھ هوندي هئي تہ بيضن جو جيڪو اگهہ هوندو هو، ان کان گهڻا گهٽ پئسا ملندا هئا. اها خبر هوندي هئي تہ انھن پئسن ۾ ڪٿان بہ بيضا نہ ملندا. ان جو اهو حل ڪڍبو هو تہ ڇوڪرا پنھنجن گهرن مان ڪجهہ پئسا وٺندا هئا ۽ ٻيو تہ ان وقت هڪ روپئي ۾ سو پائيون هونديون هيون ۽ چار پائين جو هڪ آنو هوندو هو. اهڙي ريت ڪنھن دوڪان تان روپيو کلو ڪرائي پائيون وٺبيون هيون جنھن جي ڪري اٽڪل هڪ آني جي بچت ٿيندي هئي. پر اهو سڀ ڪرڻ جي باوجود پئسا پورا نہ ٿيندا هئا. گهرگهر وڃي بيضن جو پڇڻ ۽ گهڻي رلڻ کانپوء بہ انھن پئسن ۾ بيضا نہ ملندا هئا. پر ساڳي وقت خالي هٿين وڃڻ جو مطلب ادي جا دڙڪا ۽ مار کائڻ هوندو هو.
کڏي تي ان وقت زمين جا گهر هوندا هئا ۽ انھن جا در کليل هوندا هئا. پوء جڏهين ڇوڪرا رلي رلي ٿڪبا هئا ۽ سڄي علائقي ۾ جيڪي وٽن پئسا هوندا هئا انھن ۾ بيضن ملڻ جو ڪو امڪان نہ رهندو هو تہ پوء وٽن هڪ ئي واٽ هوندي هئي تہ اهڙو گهر ڏسجي جتي ڪو ماڻھو نہ هجي ۽ پوء اتان بيضا کڻجن. ماڻھن جي هڪ ٻئي سان واقفيت هوندي هئي ۽ اهي پري پري تائين هڪٻئي کي سڃاڻندا هئا. جڏهين گهر جي مالڪن کي ان چوري جي خبر پوندي هئي تہ کين اها پڪ هوندي هئي تہ اهي ادي جا خطابي ئي هوندا جن اهو ڪم ڪيو هوندو. جڏهين ادي وٽ شڪايت ايندي هئي تہ بجائي اهو ڏسڻ جي تہ انھن ڇوڪرن اهو ڪم ڇو ڪيو انھن کي مار ۽ سزا ملندي هئي. پر ان سان اهو ڪم ختم نہ ٿيندو هو. ڇاڪاڻ تہ ان جا ڪارڻ تہ ساڳيا موجود هوندا هئا ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهندو هو.
ٻہ ٽي ڀيرا ائين بہ ٿيو تہ مون گهر ۾ چيو تہ آئون ادي وت نہ پڙهندس. اهڙي ريت مون ادي وٽ وڃڻ بند ڪيو ۽ پاڙي ۾ ٻين عورتن کان قرآن جو سبق وٺڻ شروع ڪيو پر الائي ڪھڙي ڳالھہ هوندي هئي تہ ڪجهہ وقت کانپوء وري موٽي ادي وٽ ئي وڃڻو پوندو هو. ان جي باوجود اهي ماڻھو جن جا ٻار ادي وٽ پڙهندا هئا اهي ادي جي گهڻي عزت ڪندا هئا تہ ان سندن ٻارن کي قرآن پڙهايو هو. ٻارن جي شادي وغيرہ جي موقعي تي خاص اهتمام سان ادي کي گهرايو ويندو هو ۽ ان کي ڪپڙن جا جوڙا ۽ ٻيا تحفا ڏنا ويندا هئا.
