آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

گل حسن ڪلمتي: ڪجهہ تاثر

گل حسن ڪلمتي جي وفات جي خبر منھنجي لاء اوچتي ۽ صدمي واري هئي. سندس بيماري متعلق تہ خبر هئي ۽ هو ان جي علاج لاء گهڻا ڏينھن اسپتال ۾ بہ داخل رهيو. هڪ ڀيري ڊسچارج ٿيڻ کانپوء هو ٻيو ڀيرو بہ داخل ٿيو هو. اسان کي اهو ٻڌايو ويو هو تہ هو مڪمل طور صحتياب ٿي اسپتال مان ڊسچارج ٿي ويو هو. پر هو مڪمل طور صحتياب نہ ٿي سگهيو ۽ کيس اڃا علاج جي ضرورت هئي يا ڊاڪٽر شايد سندس بيماري جي پوري تشخيص نہ ڪري سگهيا هئا ۽ سندس علاج تي پوري توجھہ نہ ڏني ويئي هئي. ان ڳالھہ جي شڪايت ڪرڻ جو ان ڪري بہ ڪو فائدو ناهي تہ هو هڪ وڏي ۽ نالي واري ليکڪ ۽ محقق هئڻ جي باوجود ماڻھن جي هڪ اهڙي طبقي سان واسطو رکندڙ هو جنھن جي هن سماج ۾ ڪا حيثيت ناهي. هتي ماڻھو جي ڪم کان وڌيڪ سندس سماجي حيثيت، عھدو ۽ مرتبو ڳڻپ ۾ اچي ٿو ۽ ان لحاظ کان گل حسن ڪنھن ليکي ۾ نہ هو.
گل حسن سان ذاتي طور منھنجو ڪو ويجهو تعلق نہ هو. بس ساڻس مختلف ادبي پروگرامن ۾ ڪي مختصر ملاقاتون ۽ فون تي ڪجهہ ڀيرا ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي. هن مون کي پنھنجو ڪتاب عشق جون ڳليون موڪليو هو. هو ڪراچي يونيورسٽي ۾ مون کان ڪجهہ سال جونيئر هو. اتي سندس تعلق بي ايس او ۽ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جهڙين ترقي پسند شاگرد تنظيمن سان هو. اهڙي ريت هڪ ترقي پسند قوم پرست نڪتہ نظر هئڻ سندس لاء هڪ فطري ڳالھہ هئي.
گل حسن سان منھنجو واسطو هن ريت بہ ٺھيو ٿي تہ جيتوڻيڪ سندس تعلق گڏاپ ۽ ملير سان هو پر سندس پھرين نوڪري موسالين لياري جي اسڪول ڏيپچند ٽي اوجها ۾ پرائمري ماستر طور هئي. اهو اسڪول هڪ لحاظ کان منھنجو الما ماتر رهيو ۽ مون پرائمري جا چار درجا هتان تعليم حاصل ڪئي هئي. هتان پوءِ هو حڪيم بلوچ جي دور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ هليو ويو.
گهمڻ ڦرڻ گل حسن جي شخصيت جو لازمي جز هو. رڳو بلوچستان ۽ سنڌ جا مختلف علائقا نہ پر هن پاڪستان جي مختلف ڏکين علائقن ۾ مھم جوئيون بہ ڪيون. مون گهڻو عرصو اڳ سندس ڪتاب برف جو دوزخ پڙهيو هو. اهو سندس چترال جي سفر متعلق آهي جنھن ۾ زبيدہ ڀرواڻي بہ ساڻس گڏ هئي. اهي ٻيئي اتي رستي بند هئڻ ڪري ڪيترن ڏينھن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيا هئا. هن پنھنجي ان تڪليف، ڪيفيت ۽ صورتحال کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
گل حسن کيس صدارتي ايوارڊ نہ ملڻ تي بہ ڏکويل هو. سندس چوڻ هو تہ ملير جي اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪمشنر پاران سندس نالو تجويز ڪيو ويو هو ۽ ثقافت جي سيڪريٽري پڻ اها ڳالھہ ڪئي هئي تہ انھن ان تجويز کي منظور ڪري اڳتي وڌايو هو پر اهو ايوارڊ ڏيڻ وفاق جو ڪم هو ۽ اتي شايد ان نالي کي تبديل ڪيو ويو.
آئون سمجهان ٿو تہ گل حسن کي ايوارڊ نہ ملڻ جو هڪ اهم ڪارڻ سندس بحريا ٽائون خلاف انڊيجينيئس الائنس يا مقامي ماڻھن جي اتحاد ٺاهڻ ۾ اڳڀرو ۽ سرگرم رهڻ بہ آهي جنھن جي ڪري مٿس گهڻا ڪيس بہ ٺاهيا ويا.
گل حسن جو ڪراچي جي تاريخي جاين ۽ سامونڊي ٻيٽن وغيرہ جي حوالي سان گهڻو ڪم ٿيل آهي پر آئون سمجهان ٿو تہ سندس ڪم جو مرڪزي نڪتو ملير جي ماحوليات هو. بحريا ٽائون ۽ ٻين تعميراتي رٿائن رڳو ملير جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن کي متاثر نہ ڪيو آهي پر ان سان اتان جا وڻ ٽڻ، پاڻي جا ذخيرا، تاريخي ماڳ ۽ ٻي جيوت بہ متاثر ٿي رهي آهي.
گل حسن تاريخ سان گڏ ٻين گهڻن پاسن تي ڪم ڪيو آهي. علمي ۽ ادبي ڪم سان گڏ خاص طور ملير جي ماحوليات جي حوالي سان سندس ڪم جي گهڻي اهميت آهي جنھن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.