آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

خود ڪلامي

ڪڏهين ائين بہ ٿيندو آهي تہ آئون ڪنھن دوست سان ڳالھائي رهيو هوندو آهيان تہ اوچتو ئي اوچتو اهو ماڻھو مون سان ڳالھائيندي خود ڪلامي ۾ شروع ٿي ويندو آهي پر سندس ليکي تہ هو مون سان مخاطب آهي. هو پاڻ ئي سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندو ويندو آهي. ساڳي وقت سندس اها خواهش بہ هوندي آهي تہ کيس توجھہ سان ٻڌو وڃي. اهو انتھائي تڪليف وارو معاملو هوندو آهي. ان دوست کي اهو چوڻ بہ ڏکيو هوندو آهي تہ هاڻي ماٺ ڪر ۽ نارمل ٿي.
اڄ بہ ائين ئي ٿيو، جيئن هميشہ ٿيندو آيو آهي. آئون پارڪ ۾ هڪ دوست سان ڳالھائي رهيو هوس تہ هڪ ٻيو همراه اچي پاسي ۾ بيٺو. منھنجي دوست مون کان پڇيو تہ ڇا اوهان ان کي سڃاڻو ٿا. مون کي ڪا اهڙي ڳالھہ ياد نہ پئي اچي ۽ مون کيس چيو تہ نہ آئون کيس نہ ٿو سڃاڻان. ان تي هن همراه مون کي ياد ڏياريندي چيو تہ سائين آئون اوهان جي فلاڻي دوست ساڻ ٻہ ٽي ڀيرا اوهان جي گهر اچي چڪو آهيان. پوءِ مون ٿورو غور ڪيو تہ چھرو مون کي ڪجهہ سڃاتل لڳو، پر نالو پوء بہ ياد نہ آيو.
اها صورتحال مون سان اڪثر ٿيندي آهي. گهڻا ماڻھو ۽ انھن جا نالا جن سان گهڻو عرصو اڳ منھنجو ڪو واسطو رهيو هجي، يا جن سان ڪٿي ائين هلندي چلندي ملاقات ٿي هجي، منھنجي ذهن تان ميسارجي ويندا آهن. اهڙن ماڻھن سان جڏهين وري ڪٿي ملاقات ٿي ويندي آهي ۽ اهي سڃاڻپ واري انداز ۾ ملندا آهن ۽ مون مان بہ ساڳي ئي توقع رکندا آهن، پر آئون رڳو سندن چھري ۾ ڏسندو رهجي ويندو آهيان ۽ انھن همراهن کي وري پنھنجو تعارف ڪرائڻو پوندو آۡهي. منھنجي لاء اها يقينن ندامت جي ڳالھہ هوندي آهي، پر اهو آئون ڄاڻي ٻجهي ائين نہ ڪندو آهيان، بس ائين ٿي ويندو آهي. ائين بہ ناهي تہ عمر وڌي وڃڻ ڪري ڪو يادداشت جو مسئلو هجي. ڇاڪاڻ تہ اهو مسئلو مون سان هميشہ کان رهيو آهي. بس اهڙن دوستن سان معذرت ڪري جان آجي ڪرائيندو آهيان.