آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

حسن جي نياڻي جو انوکو ورتاءُ

آئون حسن سان گڏ هڪ تقريب ۾ ويٺو هئس جتي حسن جي ڏه سالن کن جي ننڍي ڌي بہ موجود هئي جيڪا گهڻو ڪري ماڻھن آڏو ماٺ هوندي آهي ۽ پنھنجي پيءُ جي ويجهو ئي هوندي آهي. مون حسن کي چيو يار اڃ لڳي آهي، پر هتي ويجهو ڪٿي پاڻي نظر نہ ٿو اچي. ننڍڙي اهو سڀ ٻڌو پئي. بنهہ ڪجهہ چوڻ جي هو اتان هلي ويئي ۽ ڪجهہ دير کان پوء ڪجهہ چوڻ کان سواءِ پاڻي جي بوتل آڻي، منھنجي هٿ ۾ ڏنائين. حسن مون کي ٻڌايو تہ اها بوتل هوءَ گهران پنھنجي پيئڻ لاء کڻي آئي آهي ۽ توهان کي پاڻي گهرندي ٻڌي، هو اها اوهان کي ڏيئي رهي آهي. منھنجي لاء اها خوشي گاڏڙ حيرت هئي. هڪ ننڍو ٻار جنھن کان سڌي ريت ڪا شيءِ گهري بہ نہ وڃي، ايتري حساسيت ڏيکاري. منھنجي لاءِ هن سماج ۽ ماحول ۾ رهندي، واقعي خوشي ۽ حيرت جي ڳالھہ هئي.