آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

لاھور

هن وقت لاهور اٽڪل ڇھن سالن جي عرصي کانپو۽ وڃڻ ٿيو آهي. ڪم جي نوعيت جي ڪري ڊي ايچ اي ۾ ئي رهيل آهيان. گذريل ڀيري جڏهين هتي آيو هوس تہ اهو علائقو اڃا ٺھي رهيو هو. بنيادي طور اهو هڪ زرعي علائقو رهيو آهي ۽ اڃا ٻنيون ۽ ساوڪ مختلف جاين تي نظر آئي ٿي. جڏهين تہ هن وقت صورتحال بلڪل بدليل آهي. سڄو علائقو ٺھي مختلف سيڪٽرن ۾ ورهائجي ويو آهي. آفيس ايندي گڏ ويٺل دوست هڪ گهٽي ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو تہ هتي شايد هي آخري ڳوٺ وڃي بچيو آهي جنھن جي زمين هتان جا ماڻھو وڪڻڻ لاء تيار ناهن، جڏهين تہ باقي سڄي ڊي ايچ اي جي زمين انھن ئي ماڻھن وڪڻي ڏني آهي. ان ئي دوست ٻڌايو تہ هتي خانگي جاين تي ٺھيل هڪ اڌ هوٽل کانسواء ڊي ايچ اي پاران هوٽل يا گيسٽ هائوس وغيرہ ٺاهڻ جي اجازت نہ ٿي ڏني وڃي. زرعي علائقي هئڻ جي ڪري هتي هرپاسي وڻ، گاه ۽ ساوڪ نظر ايندي ۽ وڻن کي وڍڻ وغيرہ جي اجازت نہ ٿي ڏني وڃي.
شھر جي چوڌاري ٺھيل رنگ روڊ شھر جي صورتحال کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ڪري پراڻو شھر ڄڻ هڪ پاسي رهجي وڃي ٿو ۽ ماڻھو ايئرپورٽ کان سڌو ۽ گهٽ وقت ۾ پنھنجي منزل تي پھچي وڃي ٿو. هڪ همراه ٻڌايو تہ هو رائي ونڊ ۾ بحريا ٽئون ۾ ٺھيل پنھنجي گهر جو آفيس کان اٽڪل پنجونجاه ڪلوميٽر جو فاصلو پنجويهہ منٽن ۾ طئي ڪري ٿو. اهو هڪ نئين لاهور جي ٺھڻ جو عمل آهي.