ڪراچي ۽ انفراديت
ڪراچي ملڪ جو اهڙو شھر آهي جتي نہ رڳو اهو تہ ٻہ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو رهن ٿا پر انھن جو واسطو مختلف ٻولين ۽ نسلن وغيرہ سان آهي. ساڳي وقت هن شھر جي اها بہ خاصيت آهي تہ هتي هرڪو پنھنجي انفرادي زندگي گذاري ٿو ۽ ڪير بہ ڪنھن ٻئي جي معاملن جي گهڻي گهرائي ۾ نہ ٿو وڃي. هتي ماڻھو جي پوئتي واري سڃاڻپ گهڻي اهميت نہ ٿي رکي. ان لحاظ کان شھر ڄڻ گهڻن اهڙن ماڻھن لاء جيڪي ڪنھن ڪارڻ پنھنجي علائقي ۽ مائٽن وغيرہ کان ڀڳا هجن ياِ سندن زندگي کي خطرو هجي اهي هن شھر ۾ اچي ڄڻ هڪ لحاظ کان گهڻي ڀاڱي محفوظ ٿي ٿا وڃن.
مون کي ياد ٿو پئي تہ ڏاڏا وٽ غلام حسين جي نالي سان هڪ مزدور هوندو هو. مضبوط جسم جو هڪ سٺي اخلاق وارو جانٺو جوان هو. سندس اڳ پوء جي ڪا خبر نہ هئي. مون کي لڳندو هو تہ پنھنجو نالو بہ هن منھنجي بابا محمد حسين جي نسبت سان رکيو هو. هو گهڻا سال ڏاڏا سان گڏ رهيو ۽ پوء سندس وفات کانپوء بابا سان گڏ هوندو هو. هڪ لحاظ کان هو ڄڻ اسان جي خاندان جو حصو بڻجي ويو هو. ساڳي وقت هو اسان ڀائرن مان ڪنھن جي بہ ڪا غلط ڳالھہ ڏسندو هو تہ فوري طور بابا کي ٻڌائيندو هو ۽ اسان کي پوء بابا کي ان جي وضاحت ڏيڻي پوندي هئي. بابا سان بہ هو گهڻا سال رهيو پر آخر تائين سندس پسمنظر متعلق ڪا ڄاڻ ملي نہ سگهي.
ساڳي ريت آئون جڏهين گلشن حديد رهڻ لاء آيس تہ هتي هڪ اسڪول ۾ هڪ پٽيوالو ۽ سندس زال رهندا هئا. خبر پيئي تہ اهي ٻيئي پنجاب جي ڪنھن علائقي مان ڀڄي هتي آيا هئا. ان عورت جا مائٽ ان جي ڳولھا ۾ هئا. گهڻي عرصي گذرڻ کانپوء، جڏهين انھن ٻنھي زال مڙس کي ڪجهہ ٻار بہ ٿي چڪا هئا، کين مائي جو ڏس پتو مليو ۽ اهي اچي ان کي زوري پاڻ سان وٺي ويا.
ڪراچي ۾ ماڻھو ائين گم ٿي ويندو آهي جيئن گاه جي ڍير ۾ سئي ۽ پوء ان جي ڳولھا ايتري ئي ڏکي هوندي آهي.
