اسٽيٽ بينڪ جون يادگيريون (6)
هتي حوالا هنڊي جھڙن غير قانوني ذريعن سان پرڏيھي ڪرنسي جي گهڻي ڏي وٺ ٿيندي رهي آهي جنھن جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان پھچي ٿو. ان سلسلي ۾ پاڪستان وقت بوقت مختلف قدم کڻندو رهيو آهي.
پرڏيھي ڪرنسين جي ڏي وٺ ۽ ڪاروبار ڪندڙ فرمن لاء اسٽيٽ بينڪ جا ضاطا وغيرہ اڳ ئي موجود هئا. انھن کي وڌيڪ موثر ڪرڻ لاءِ نوان ضابطا ٺاهيا ويا ۽ نگراني جي عمل کي وڌايو ويو. پرڏيھي ڪرنسي جو ڪم ڪندڙن کي چيو ويو تہ اهي ايڪسچينج ڪمپنيون قائم ڪن. انھن ڪمپنين جي انسپيڪشن لا3 بينڪنگ انسپيڪشن ڊپارٽمنٽ ۾ ئي هڪ ڌار سيڪشن قائم ڪيو ويو ۽ مون کي ان جو انچارج ڪيو ويو.
منھنجي حوالا هنڊي جي حوالي سان ابوظهبي ۾ ٿيندڙ هڪ ٻن ڏينھن جي ورڪشاپ ۾ نامينيشن ڪئي ويئي. اها ڪنھن بہ پرڏيھي ٽريننگ جي حوالي سان منھنجي پھرين ۽ آخري ٽريننگ هئي. ان ٽريننگ ۾ پاڪستان مان نيب جو نمائندو ۽ اسٽيٽ بينڪ جو هڪ ڊائريڪٽر پڻ شامل هو. امارات جي مرڪزي بينڪ ان جي ميزبان هئي، پر اهو هڪ سيلف فنانسنگ ورڪشاپ هو، جنھن ۾ هر شريڪ ٿيندڙ کي شريڪ ٿيڻ جي في ۽ ٻيو خرچ پاڻ ڪرڻو هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ميزبانن جو ورتاءُ نھايت سٺو هو ۽ ورڪشاپ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ انھن گهڻن اهڙن شريڪ ٿيندڙن کي جن دبئي وڃڻ چاهيو ٿي، انھن جي اتي وڃڻ جو پڻ بندوبست ڪيو. منھنجو خرچ تہ اسٽيٽ بينڪ تي هو جڏهين تہ مون سان گڏ اسٽيٽ بينڪ جو جيڪو ڊائريڪٽر شريڪ ٿيو هو، ان پاڻ پنھنجو خرچ ڪيو هو. هي همراه اسٽيٽ بينڪ ۾ اچڻ کان اڳ دبئي ۽ ابوظهبي ۾ مختلف بينڪن ۾ نوڪري ڪري چڪو هو. سندس چوڻ هو تہ هو اتي بجائي پنھنجي ذاتي ڪار رکڻ جي رينٽ اي ڪار کي ترجيح ڏيندو هو ۽ ويڪ اينڊ تي جڏهين پاڪستان ايندو هو تہ ان ڪارکي ايئر پورت تي ڪمپني جي حوالي ڪري وري ايندڙ هفتي نئين ڪار وٺندو هو. هن هتي اچڻ کان اڳ بہ ويزا وغيرہ جي حصول ۽ UAE مرڪزي بينڪ، جيڪا ان ورڪشاپ جي ميزبان هئي، جي حوالي سان منھنجي گهڻي رهنمائي ۽ مدد ڪئي هئي. ورڪشاپ دوران بہ شام جو هن مون کي پنھنجي گاڏي ۾ ابوظهبي جا مختلف هنڌ ڏيکاريا. مون نجي طور دبئي ۾ بہ ڪجهہ ڏينھن گذاريا آهن. انھن ٻنھي شھرن ۾ مون کي اهو فرق لڳو تہ دبئي وڌيڪ ڪمرشيل ۽ واپاري لحاظ کان اڳتي آهي ۽ اتي وڌيڪ رونق ۽ ماڻھن جي چھل پھل محسوس ٿئي ٿي. جڏهين تہ ابوظهبي، جيڪو امارات جي گادي جو هنڌ پڻ آهي ۽ جتي تيل جي مک پيداوارٿئي ٿي، ڪنھن دور جي اسلام آباد وانگر خاموش ۽ پنھنجن عاليشان روڊ رستن سان هڪ باوقار شھر لڳو. هتي مون کي ٽئڪسي ۾ سفر ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. هتي گهڻو ڪري ٽئڪسي ڊرائيور پاڪستان جا پٺاڻ هئا، جيڪي فاصلي جي حساب سان هڪ مقرر ڀاڙو وٺن ٿا. هڪ ٽئڪسي ڊرائيور مون کي ٻڌايو تہ ٽئڪسي هتان جي مقامي عرب جي ملڪيت هوندي آهي، جن کي هو هڪ خاص رقم ادا ڪندا آهن. هتي مون کي بس ۽ ٻي ڪا پبلڪ ٽرانسپورٽ نظر نہ آئي. اهو ورڪشاپ هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ منعقد ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ گهڻن ملڪن جا نمائندا شريڪ ٿيا هئا. انھن مان گهڻن پنھنجي ملڪ ۾ ڪرنسي ايڪسچينج جو جيڪو نظام ۽ ضابطا وغيرہ هئا، ان متعلق ٻڌايو.
هتي پاڪستان جي نيشنل بينڪ جي انتظام هيٺ ڪم ڪندڙ نيشنل ايڪسچيج پڻ ڪم ڪري رهي هئي، جنھن جا همراه بہ ان ورڪشاپ ۾ شريڪ هئا. ان جو مينيجر ناريجو صاحب هو، جنھن سان بہ ملاقات ٿي. سندس چوڻ هو تہ هتي ڪنھن هڪ مقامي ماڻھو کي ملازم رکڻ لازمي آهي. پوءِ ضروري ناهي تہ هو ڪم بہ ڪري ۽ باقاعدي آفيس اچي. اهو همراه ڪڏهين ڪيڪ وغيرہ کڻي ايندو هو ۽ ڪڏهين ڪچھري لاءِ ايندو هو. هتي جيتوڻيڪ کلي عام فقير ۽ پنڻ وارا نظر نہ ٿا اچن، جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهن، پرمنھنجو هڪ اڌ اهڙي ماڻھو سان واسطو پيو، جيڪي لڪ ڇپ ۾ خيرات گهري رهيو هو.
ڪنھن بہ شھر کي ڏسڻ ۽ ان متعلق ڪو رايو قائم ڪرڻ لاء ٻہ ڏينھن ٿورا آهن پر ان متعلق هڪ Bird’s eye view ضرور ملي وڃي ٿو.
