آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪاليج ۽ استاد

لياري جا گهڻا شاگرد ايس ايم آرٽس، ايس ايم سائنس، ڊي جي ۽ اڙدو ڪاليج ۾ داخلا وٺندا هئا جيڪي لياري جي ويجهو هوندا هئا. هارون ڪاليج لياري ۾ هئڻ ڪري هتان جي ماڻھن لاء هارون خاندان جو هڪ ٻيو تحفو هو. سندن مقصد ان کي تجارتي مقصد يا نفعي لاء استعمال ڪرڻ بدران ماڻھن جي خدمت ۽ انھن کي وڌيڪ سھولت فراهم ڪرڻ هو.
مئٽرڪ کانپوء مون هارون ڪاليج ۾ ئي داخلا ورتي. اهو ڪاليج بہ ان ڪمپائونڊ ۾ موجود هو جتي اسڪول ۽ يتيم خانو وغيرہ هئا. ان جو هڪ ڪارڻ اهو بہ هو تہ منھنجي وڏي ڀاء بہ هتان ئي گريجويشن ڪئي هئي. ان ڪاليج جي هڪ وڏي خاصيت اها هئي جنھن جي ڪري اهو سڄي ملڪ ۾ مشھور هو تہ اڙدو جو مشھور ترقي پسند شاعر ۽ دانشور فيض احمد فيض ان ڪاليج جو پھريون پرنسپل هو. هن اهو عھدو عبدﷲ هارون جي ڌي ليڊي شوڪت هارون جي دوستي ڪري قبول ڪيو هو. هڪ لحاظ کان اهو هڪ اعزازي عھدو هو ۽ هو ڪاليج ۾ گهٽ ئي نظر ايندو هو. پر ڪاليج ۾ خاص طور استادن جي تقرري ۾ هن ان ڳالھہ جو خيال رکيو هو تہ اهي پنھنجي مضمون جي بہ ڄاڻ رکندا هجن ۽ سندن هڪ ترقي پسند نڪتہ نظر پڻ هجي. ڪاليج جو انتظام ۽ روزمرہ جي معاملن کي ڏسڻ وائس پرنسپل ڊاڪٽر م ر حسان جو ڪم هوندو هو.
لياري ۾ هئڻ ڪري ڪاليج ۾ سنڌي ۽ بلوچ شاگردن جي گهڻائي هوندي هئي. شاگردن جون مختلف تنظيمون سرگرم هونديون هيون. اهي گهڻو ڪري سنڌي ۽ بلوچ شاگردن جا قوم پرست گروپ هوندا هئا.
شاگرد يونين جون باقاعدي پنھنجي وقت تي چونڊون ٿينيون هيون. شاگرد سياست ۾ تشدد نہ هو ۽ يونين جي چونڊن ۾ اهڙا شاگرد بہ چونڊجي ايندا هئا جيڪي اڻ ڌريا هوندا هئا ۽ انھن جو ڪنھن تنظيم سان تعلق نہ هوندو هو. مون فيض صاحب کي ڪڏهين ڪاليج جي عمارت ۾ نہ ڏٺو پر هڪ ڀيرو ڪاليج ۾ لطيف ڊي جي موقعي تي هو اتي موجود هو. جڏهين هو تقرير ڪرڻ بيٺو تہ ڪجهہ شاگردن شور ڪرڻ شروع ڪيو تہ سنڌي ۾ ڳالھائي جيڪا ڳالھہ سندس لاء ممڪن نہ هئي. بھرحال ڪنھن ريت هن پنھنجي تقرير پوري ڪئي. ڊاڪٽر م ر حسان علم سياست جو استاد هو پر هو گريجويٽ ڪلاسن کي پڙهائيندو هو. جيئن تہ آئون ٻن سالن کانپوء انٽرميڊيٽ ڪري ڪاليج ڇڏي يونيورسٽي هليو ويس ان ڪري مون کي کانئس پڙهڻ جو موقعو نہ مليو. پر جيڪي شاگرد کانئس پڙهيا هئا اهي سندس علم ۽ ڄاڻ جي تہ تعريف ڪندا هئا پر کين اها شڪايت هوندي هئي تہ مذهب ڏانھن سندس رويو همدردي وارو نہ هو.
بشارت صاحب ايڪانامڪس جو استاد هو. هو ليڪچر نہ ڏيندو هو پر وٽس هڪ نوٽ بڪ هوندي هئي، جنھن کي هو ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ سان کوليندو هو ۽ شاگردن کي ان مان لکائيندو ويندو هو. سندس ڳالھين مان سندس سياسي خيالن وغيرہ جي خبر نہ پوندي هئي، پر سندس ذهن ۾ هڪ صنفي تعصب هوندو هو. سندس هڪ ڳالھہ مون کي اڃا ياد آهي.هن ڪلاس دوران پڙهائيندي چيو هو تہ مڙد عورت جي ڀيٽ ۾ سٺا کاڌا تيار ڪري سگهندو آهي.
انگريزي جو مضمون اسان کي هڪ استاد پڙهائيندو هو جنھن جو نالو مون کي وسري ويو آهي. هي نرم مزاج جو شخص ۽ مختلف سبق اڙدو ۾ سمجهائيندو هو. ڪلاس جي هڪ شاگرد کيس چيو تہ اوهان اڙدو جي بجائي اسان کي سنڌي ۾ سمجهايو، جيڪا ڳالھہ ان لاء ممڪن نہ هئي. ان تي ان شاگرد کي جواب ڏنو تہ هي انگريزي جو مضمون آهي، پوء آئون ڇو نہ انگريزي ۾ سمجهايان جنھن تي هو شاگرد خاموش ٿي ويو. انگريزي جو هڪ ٻيو استاد واسطي صاحب هوندو هو، جيڪو گريجويٽ ڪلاسن کي پڙهائيندو هو. اقبال صاحب سماجي اڀياس جو مضمون پڙهائيندو هو. سندس پڙهائڻ جو انداز هڪ تقرير وارو هوندو هو. هو ڪلاس ۾ اهڙيون ڳالھيون ڪري ويندو هو، جيڪي گهڻن شاگردن لاء هضم ڪرڻ ڏکيون هونديون هيون. رٽائر ٿيڻ کانپوء هن وڪالت شروع ڪئي هئي ۽ شھر جي مختلف سياسي ۽ ادبي پروگرامن وغيرہ ۾ نظر ايندو هو. نظام صحرائي سنڌي جو استاد هو. هي سائين تاج صحرائي جو پٽ هو. منھنجي ساڻس ڪاليج ڇڏڻ کانپوء سگا پاران ڪرايل سچل ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي هئي. مون وٽ اسلامڪ هسٽري جي بجائي اسلامڪ اسٽيڊيز جو مضمون هو. شاگردن جو گهڻو لاڙو اسلامڪ هسٽري جي مضمون ڏانھن هوندو هو، ان ڪري ان مضمون جي ڪلاس ۾ گهٽ شاگرد هوندا هئا. جيڪو استاد اهو مضمون پڙهائيندو هو، ان جو نالو شايد بشارت هو. هڪ لائق ۽ مھربان ماڻھو هو. پڙهائي سان گڏ مختلف ٻين معاملن تي شاگردن کي صلاحون ڏيندو رهندو هو. منھنجي اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪرڻ کانپوء هي اڃا ڪاليج ۾ هو ۽ آفيس مان گهر موٽندي ڪڏهين ڪڏهين رستي پنڌ ساڻس سلام دعا ٿي ويندي هئي.
ڪاليج جو اسٽاف گهڻي ڀاڱي لياري جي مقامي ماڻھن تي مشتمل هوندو هو. ان ڪري شاگردن کي ساڻن لھہ وچڙه ۾ اچڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نہ ٿيندي هئي. هڪ سٺي لائبريري هوندي هئي جتي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود هو ۽ مختلف اخبارون وغيرہ ايندا هيون. هڪ بلوچ حسين بخش لائبريرين هو، جنھن جون نيشنل عوامي پارٽي سان همدرديون ھونديون ھيون. هو منھنجي ڪلاس فيلو ۽ دوست غلام محمد جو دوست هو، جنھن جي ڪري سندس مون سان بہ دوستي ٿي ويئي. غلام محمد ۽ هي ٻيئي پوء پي آئي اي ۾ ملازم ٿي ويا. غلام محمد سان تہ پوء بہ رستي پنڌ ملاقات ٿيندي هئي، پر حسين بخش سان پوء ملاقات نہ ٿي.
اسڪول جي ڀيٽ ۾ ڪاليج ۾ وڌيڪ آزادي هجي ٿي. ان جي باوجود تہ هتي ڪلاسن وغيرہ اٽينڊ ڪرڻ جي ڪا پابندي نہ هئي، پر آئون باقاعدگي سان پنھنجا ڪلاس اٽينڊ ڪندو هوس ۽ پڙهائي تي ڌيان ڏيندو هوس. اها ڳالھہ مون کي اڃا سمجه ۾ نہ ٿي اچي تہ انٽرميڊيئيٽ کانپوءِ مون ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ ريگيولر شاگرد طور بي اي آنرز ۾ داخلا ڇو ورتي. ڇاڪاڻ تہ ان وقت منھنجو ڪو دوست يا ڀاءُ يونيورسٽي ۾ نہ هو، جنھن جي ڪري مون کي اتي داخلا وٺڻ جو ڪو اتساه ۽ شوق ٿئي ها. بھرحال ڪاليج ۾ ٻہ سال گذاري آئون يونيورسٽي هليو ويس.
هيءُ ڪاليج، اسڪول جيان ڀٽو جي دور ۾ قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو.