آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

غلام مصطفيٰ لاکو

غلام مصطفيٰ لاکو انھن دوستن مان هو جن سان واقفيت عوامي تحريڪ سان تعلق جي ڪري ٿي. اها اٽڪل پنجٽيھہ چاليه سال پراڻي ڳالھہ آهي. ان وقت ڪراچي پرامن هو ۽ نسلي ۽ لساني فسادن ۽ مافيائن جي ور نہ چڙهيو هو. لاکو، صوبل خان بلوچ، سراج سومرو ۽ ارباب نوناري وغيرہ الڪرم اسڪوائر جي ويجهو ايف سي ايريا جي سرڪاري فليٽن ۾ رهندا هئا. لاکو ۽ صوبل خان اتي ڇڙا رهندا هئا ۽ انھن جو فليٽ ڄڻ پارٽي جي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان ايندڙ دوستن لاء اوطاق هوندي هئي، جتي کين مفت رهائش، کاڌو پيتو ۽ مختلف دوستن سان ملڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ وغيرہ جا موقعا ميسر ايندا هئا. هتي منھنجو اڪثر بلڪہ هفتي ۾ ٻہ ٽي ڀيرا اچڻ ٿيندوهو. مصطفيٰ ان وقت سرڪاري نوڪري ۾ هو پر پنھنجي آزاد طبيعت جي ڪري آفيسرن جي ڪاڻ نہ ڪڍڻ ۽ انھن جي هر جائز ناجائز ڳالھہ کي نہ مڃڻ جي ڪري نوڪري ڄڻ سندس مزاج وٽان نہ هئي ۽ هن جلد ئي نوڪري مان پاڻ کي آجو ڪري وڪالت شروع ڪئي. عوامي تحريڪ بہ اسان گڏ ئي ڇڏي هئي ۽ پوء ڪجهہ عرصو مختلف سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن سان رهڻ کان پوءِ هر ڪنھن پنھنجي واٽ ورتي.
ان دور ۾ ڪراچي سنگت جي حوالي سان بہ مصطفيٰ ڪجهہ عرصو گڏ رهيو. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ابراهيم جوئي تي سنڌ مدرسي ۾ سنگت جي ڪيل هڪ پروگرام ۾ سندس پڙهيل هڪ مضمون ابراهيم جوئي کي ڪاوڙائي ۽ چيڙائي وڌو هو ۽ هن پنھنجي جواب ۾ بجائي کيس مناسب جواب ڏيڻ جي کيس جماعت اسلامي جو ايجنٽ قرار ڏنو هو. مصطفيٰ جي مضمون جي ايڊيٽنگ کان پوء بہ جويو ان کان مطمئن نہ هو ۽ آئون جڏهين ان ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ ساڻس سندس حيدرآباد واري گهر ۾ مليو هوس تہ هن اها ساڳي ڳالھہ مون سان بہ ڪئي هئي. لاکي جو مضمون ۽ جوئي جو جواب ٻيئي سنگت ڪراچي جي ڇپايل ڪتاب ادبي گڏجاڻي ۾ موجود آهن.
وقت سان گڏ سنگت ۾ بہ سندس اچڻ گهٽجي ويو ۽ اسان ٻنھي جي ملڻ جا بھانا بہ ڄڻ ختم ٿي ويا. ڪڏهين ڪنھن تقريب ۾ پريس ڪلب يا آرٽس ڪائونسل وغيرہ ۾ ساڻس ملاقات ٿي ويندي هئي. اهڙي ريت اخبارن ۽ دوستن وغيرہ ذريعي سندس خبرچار ملندي رهندي هئي پر ساڻس هڪ ڊگهي عرصي کان ذاتي ڪچھري ۽ حال احوال نہ ٿي سگهيا ۽ نہ ئي هڪٻئي جي زندگين ۾ آيل تبديلين جي ڪا ڄاڻ ملي سگهي.