آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪھاڻي

هو روز منھنجي هڪ دوست سان گڏجي پارڪ ۾ ايندو هو. منھنجي بہ ساڻس شناسائي ٿي. خبر پيئي تہ هو اسٽيل مل جو رٽائرڊ ملازم هو. هڪ ڏينھن گلشن حديد ويب سائيٽ تي مون هڪ تصوير ڏٺي، جنھن ۾ ڪنھن همراه لاء ڄاڻايل هو تہ اهو ڪجهہ ڏينھن کان گم آهي، ڪنھن کي جيڪڏهين ڄاڻ هجي تہ هو مطلع ڪري. مون کي شڪ تہ هو پر يقين نہ ٿي آيو تہ اهو ساڳيو همراه آهي، جنھن سان منھنجي ملاقات ٿيندي هئي. هڪ ٻن ڏينھن کان پوء خبر پيئي تہ ان همراه جو قتل ٿي ويو هو.
ان دوران منھنجي دوست سان جڏهين منھنجي ملاقات ٿي تہ هن تصديق ڪئي تہ هي ساڳيو همراه هو. هن وڌيڪ ٻڌايو تہ کيس سندس هڪ دوست، جيڪو ملڪ کان ٻاهر ويل هو، پنھنجي گهر ۽ اتي پاليل پکين جي سار سنڀال لاء چيو هو ۽ هو روز واڪ تان ٿي ان بنگلي تي ويندو هو. ان ڏينھن بہ هي اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍائي سڌو ان بنگلي تي ويو. اتان جي چوڪيدار کي خبر پئجي ويئي تہ وٽس پئسا آهن. پئسا ڦرڻ جي ڪوشش ۾ چوڪيدار کيس گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيو ۽ لاش کي اتي ئي دفن ڪري ڇڏيو. ڪجهہ ڏينھن جي ڳولا کانپوءِ اصل حقيقت سامھون آئي ۽ گهر وارن مناسب نموني سندس تدفين ڪئي. چوڪيدار کي گرفتار ڪيو ويو جنھن جو چوڻ هو تہ هن همراه جي سندس زال تي نظر هئي ان ڪري هن کيس ماريو.
منھنجي دوست چواڻي ان همراه جو اهو مسئلو بہ هو تہ هن جي پنھنجن گهروارن ۽ خاص طور پنھنجي زال سان گهڻي هم آهنگي نہ هئي ۽ ان ڪري هو گهر کان ٻاهر رهڻ کي ئي ترجيح ڏيندو هو. اڳتي ان ڪيس جو ڇا ٿيو ان جي ڪا ڄاڻ نہ ملي سگهي.