آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جا دوست (2)

مون کي ان آفيسر جو نالو وسري ويو آهي، پر سندس ذات قريشي هئي. هو ڊيره اسماعيل خان جو سرائيڪي ڳالھائيندڙ هو. هو جيتوڻيڪ اسان جي سيڪشن ۾ نہ پر ڊپارٽمنٽ ۾ هو. نرم لھجي ۾ ڳالھائڻ وارو هڪ قربائتو ماڻھو هو. پريڊي اسٽريٽ ۾ اسٽيٽ بينڪ جي فليٽن ۾ رهندو هو. منھنجي جڏهين شادي ٿي تہ هو ڊپارٽمنٽ جو واحد ماڻھو هو، جنھن گهڻو اصرار ڪري مون کي پنھنجي زال سان گڏ پنھنجي گهر اچي ماني کائڻ جي دعوت ڏني. اسان سندس گهر وڃي ماني کاڌي. ٿوري وقت کانپوء سندس پنجاب جي پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ ڊپارٽمنٽ ۾ تقرري ٿي ۽ هو لاهور هليو ويو. ساڻس پو۽ وري ملاقات نہ ٿي آهي.
سجاد حسين بخاري جو لاهور سان واسطو هو. هو ڪجهہ عرصو اسٽيٽ بينڪ جي لاهور آفيس ۾ رهڻ کانپوء ڪراچي آيو هو. پنھننجي آزاد طبيعت ۽ وڏن آفيسرن جي اڳتي پوئتي نہ هلڻ جي ڪري هو انھن وٽ گهڻو پسنديدہ شخص نہ هو. سندس طبيعت هيٺين آفيسرن سان گهڻو ٺھندي هئي ۽ هو انھن سان ئي گهڻو اٿندو ويھندو هو. هو اسٽيٽ بينڪ جي پريڊي اسٽريٽ وارن فليٽن ۾ رهندو هو. پنھنجي گهر وارن جي لاهور منتقل ٿيڻ جي ڪري هو اتان ڇڏي بغدادي ۾ منھنجي پراڻي گهر جي سامھون هڪ فليٽ ۾ اچي رهيو هو. بابا جي وفات تي هو تعزيت لاء منھنجي گهر بہ آيو هو. ڪجهہ عرصي کانپوء سندس لاهور آفيس بدلي ٿي ويئي ۽ اتي ئي هو رٽائر ٿيو. تازو سندس وفات ٿي آهي.
ڪجهہ عرصي کانپوءِ ريسرچ آفيسرز جو جيڪو نئون گروپ آيو، ان مان غلام حسين خاصخيلي جي پوسٽنگ اسان جي سيڪشن ۾ ٿي. هي ٿر سان واسطو رکندڙ سنڌ يونيورسٽي جو گريجويٽ هو. هو بظاهر خاموش طبيعت، هر ڪنھن سان تميز ۽ طريقي سان پيش ايندڙ ھو، پر جڏهين ماڻھو سندس ويجهو ويندو هو تہ خبر پوندي هئي تہ وٽس لطيفن جو ڍير هوندو هو. ڊپارٽمنٽ جي ڪجهہ وڏن آفيسرن لاءِ اهو مشھور هوندو هو تہ اهي هيٺئين اسٽاف سان بدتميزي ڪن ٿا ۽ ايستائين تہ کين گاريون بہ ڏين ٿا. پر اهو سڀ اهي انھن سان ڪندا هئا جن کي اهي فائدا ڏيندا هئا. ٻئي ڪنھن سان ائين نہ ڪري سگهندا هئا. خاصخيلي هونئن تہ هڪ ماٺيڻو ماڻھو هو، پر پنھنجي عزت نفس تي ڪمپرومائز نہ ڪندو هو. مون کي هن هڪ واقعو ٻڌايو تہ هڪ ڀيري موڪل جي ڏينھن جانگڙا گهر فون ڪري کيس گهٽ وڌ ڳالھايو. هن ان مھل منھن بہ نہ ڌوتو ۽ گاڏي کڻي اچي بينڪ پھتو. جانگڙا ان مھل ايڪانامڪ ايڊوائزر جنجوعہ وٽ هو. ڪنھن ان کي اتي وڃي ٻڌايو تہ خاصخيلي نھايت ڪاوڙ ۾ مٿي سندس انتظار ڪري رهيو آهي. ان تي جنجوعہ ان آفيسر کي چيو تہ في الحال خاصخيلي کي سمجهائي گهر موڪل پوءِ ڏسون ٿا. خاصخيلي جو چوڻ آهي تہ ٻئي ڏينھن جانگڙا سندس سيٽ تي اچي ساڻس معذرت ڪئي. هن ڊپارٽمنٽ ۾ هو گهڻو عرصو رهيو ۽ پوء سندس نوڪري جي آخري ڏينھن ۾ کيس پنھنجي ڪم سان گڏ اسٽيٽٽڪس ڊپارٽمنٽ ۾ بدلي ڪيو ويو. رٽائرمنٽ کانپوء هو ڪراچي ۾ پنھنجن ٻارن سان گڏ رهندو آهي ۽ اڪثر ڳوٺ بہ ويندو رهندو آهي.
سيڪشن کانسواءِ ڊپارٽمنٽ جي جن ماڻھن سان واسطو پيو، انھن ۾ هڪ مون سان گڏ آيل شريف خواجہ هو. شريف لياري ۾ منھنجي ويجهو ئي رهندو هو. اسان جو هڪٻئي جي گهر ۽ ٻارن جي شادين وغيرہ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان علائقي سان کيس ۽ سندس ٻارن کي انسيت آهي. هن جيتوڻيڪ گهر بدلايو آهي پر هينئر بہ ويجهو ئي کارادر ۾ رهندو آهي. شريف جا ٻہ ڀائر خيرپور ۾ جهيڙي ۾ مارجي ويا جڏهين تہ سندس پٽ ڪراچي ۾Stray Bullet جو نشانو بڻجي ويو. هن وقت اسان ٻيئي رٽائر آهيون پر ڪڏهين اتفاق سان فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي آهي يا رستي پنڌ ملاقات ٿيندي آهي. هو اسٽيٽ بينڪ ۾ اچڻ کان اڳ بہ وڪالت ڪندو هو ۽ هاڻي رٽائر ٿيڻ کانپوء بہ وڪالت ڪندو آهي.
ڪجهہ آفيسرن، جن ۾ منھنجو ڪلاس فيلو ۽ دوست ظفر اقبال ۽ مون سان گڏ بينڪ ۾ آيل عثمان بلوچ شامل هئا، ويلفيئر ايسوسيئيشن آف ريسرچ جي نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي، جنھن جو ڪم ڊپارٽمنٽ جي آفيسرن جي مسئلن کي مٿي تائين پھچائڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ لاء ڪوشش ڪرڻ هو. ڪجهہ ڄڻن ساڙ ۽ پاڻ وڻائڻ جي شوق ۾ ڊائريڪٽر نيازي جا وڃي ڪن ڀريا تہ اها تنظيم اوهان جي خلاف ٺھي آهي. هن ان ڳالھہ تي يقين ڪيو ۽ باقاعدي هڪ محاذ آرائي جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو ۽ انھن ٻنھي کي ريسرچ مان ٻين شعبن ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو. ان صورتحال ۾ ڪجهہ عرصي کانپوء اها تنظيم تہ غير موثر ٿي ويئي پر اهي ٻيئي همراه ٻين پليٽ فارم تان سرگرم رهيا.
عثمان سنڌي بلوچ ويلفيئر ايسوسيئيش ۽ اسٽيٽ بينڪ آفيسرز ايسوسيئيشن ۾ سرگرم رهيو. هو خاص طور آفيسرز ايسوسيئيشن ۾ گهڻو سرگرم هو ۽ آفيسرن جي مختلف مسئلن جي حوالي سان انتظاميا سان لھ وچڙه ۾ ايندو هو. عثمان ڪجهہ عرصي کانپوء وري ريسرچ ۾ موٽي آيو ۽ پوء پنھنجي نوڪري جي آخري سالن ۾ سندس اتان وري ٽرانسفر ٿي ويو جتي پنھنجي رٽائرمنٽ تائين رهيو. رٽائر ٿيڻ کانپوء بہ عثمان ان لحاظ کان انھن سرگرمين سان لاڳاپيل آهي تہ هو بينڪ جي رٽائرڊ ملازمن جي ايسوسيئيشن جو عھديدار آهي ۽ انھن جي مسئلن متعلق سرگرم رهندو آهي. منھنجو ساڻس هميشہ هڪ ويجهو تعلق رهيو آهي. ڪڏهين ملاقات ۽ اڪثر فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي رهندي آهي.
پر ظفر ريسرچ ۾ نہ موٽيو. ظفر جي هڪ خاصيت اها هوندي هئي تہ آفيس جي ڪم سان گڏوگڏ کيس پبلڪ ريليشننگ جو بہ ڏانءُ هو. هو جيتوڻيڪ مختلف معاملن تي پنھنجن آفيسرن سان اختلاف ڪندو هو پر ساڳي وقت انھن سان ٺھي بہ هلندو هو. هو ڊائريڪٽر جي عھدي تائين پھتو. ممڪن آهي تہ ان ۾ سندس ڊوميسائل جو معاملو بہ هجي. سندس تعلق قصور سان هو. هو رٽائرمنٽ کان پوء ڪراچي ۾ ئي رهندو آهي. ڪڏهين ساڻس فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي آهي.