آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

سليڪون چپ

اٽڪل ستٽيهہ اٺٽيهہ سال اڳ جي ڳالھہ آهي مون سليڪون چپ تي هڪ آرٽيڪل ترجمو ڪيو ه،و جيڪو تھن وقت ف م لاشاري جي ادارت ۾ نڪرندڙ هلال مئگزين ۾ ڇپيو هو. ان وقت مون کي اهو اندازو نہ هو تہ اها چپ ايندڙ وقت ۾ خاص طور ڪميونيڪيشن جي دنيا ۾ هڪ انقلاب ۽ لاڳيتو ۽ تڪڙين تبديلين جو باعث ٿيندي. هن وقت اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جنھن جي لاء نہ ٿو چئي سگهجي تہ اهو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو.