آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ آئون

آئون ڊاڪٽر مبارڪ علي سان پنھنجي ڪنھن ويجهي لاڳاپي متعلق نہ ٿو چئي سگهان. پر ساڻس هڪ تعلق ضرور رهيو آهي. هڪ پڙهندڙ ۽ ڪنھن حد تائين ساڻس هڪ ذاتي تعلق بہ رهيو آهي. هن ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي تاريخ تي گهڻا ڪتاب لکيا آهن. سندس سڃاڻپ هڪ عوامي تاريخدان جي آهي جنھن تاريخ کي عام ۾ متعارف ڪرايو.ِ ساڳي وقت هو مختلف انگريزي ۽ اڙدو اخبارن ۾ بہ تاريخ جي حوالي سان لاڳيتو لکندو رهندو آهي. ڊان جي مختلف شعبن ۾ سندس مضمون شائع ٿيندا رهيا آهن. سندس ترقي پسند نڪتہ نظر گهڻن لاء قبولڻ جوڳو نہ هوندو آهي، جنھن جي ڪري سندس مخلتف ڪتابن ۽ مضمونن تي اعتراض ٿيا آهن ۽ انھن کي زوري بڪ اسٽالن وغيرہ تان هٽايو ويو آهي.
ڪجهہ عرصو اڳ ڊان پاران هفتيوار Encounter جي نالي سان صفحو شائع ڪيو ويندو هو جنھن ۾ مختلف سياسي، سماجي، معاشي ۽ تاريخ جي موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويندو هو. ان صفحي ۾ آئون بہ وقت بوقت مختلف موضوعن تي لکندو رهندو هوس. هڪ ڀيري ان صفحي ۾ ڊاڪٽر مبارڪ جو شھنشاه اڪبر جي دين الاهي جي حوالي سان هڪ مضمون شائع ٿيو، جنھن ۾ اڪبر جي سندس سيڪيولر نڪتہ نظر جي حوالي سان تعريف ڪئي ويئي هئي تہ هن هندوستان جي مختلف مذهبن جي ماڻھن ۾ ايڪي ۽ هم آهنگي لاء ڪوششون ورتيون ۽ مذهبي تعصب کان پاسو ڪيو. هن دين الاهي جي نالي سان نئون مذهب يا عقيدو متعارف ڪرايو، جنھن ۾ هندوستان جي مختلف مذهبن جا عنصر شامل هئا. ان جي تشھير ۽ ترويج لاء باقاعدي عبادت گاهون وغيرہ قائم ڪيون ويون. اڪبر متعلق ترقي پسند ليکڪن جو اهو هڪ عام رايو آهي. پر مون کي ان رائي سان ڪنھن حد تائين اختلاف هو. مون ان مضمون تي اهو ڪمينٽ ڪيو هو تہ اها ڳالھہ ٺيڪ آهي تہ اڪبر مذهب جي حوالي سان هندوستان جي ماڻھن سان امتياز روا نہ رکيو هو، پر کيس ڪنھن بہ صورت ۾ هڪ سيڪيولر حڪمران نہ ٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ تہ هن بھرصورت دين الاهي جي نالي سان هڪ نئون مذهب متعارف ڪرايو هو ۽ ان لاء باقاعدي عبادت گاهون وغيرہ قائم ڪيون هيون جتي ان جا پوئلڳ پنھنجن رسمن ادا ڪرڻ لاء گڏ ٿيندا هئا. ان اعتراض جو ڊاڪٽر صاحب تفصيل سان جواب ڏنو هو. سندس چوڻ هو تہ اڪبر ڪو نئون مذهب وغيرہ متعارف نہ ڪرايو هو ۽ نہ ئي سندس پاران ان کي دين الاهي جو نالو ڏنو ويو هو. اهو نالو ان دور جي ٻين ماڻھن پاران ان کي ڏنو ويو هو. بھرحال منھنجا تحفظات ان تي برقرار هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب مختلف موقعن تي ان جو حوالو ڏيندو رهندو آهي.
زيبسٽ جو ڊين فيڪلٽي ڊاڪٽر رياض شيخ منھنجو پراڻو دوست آهي. هي ڊاڪٽر مبارڪ جي بہ نھايت ويجهو آهي ۽ هڪ لحاظ کان ڪراچي ۾ ڄڻ ڊاڪٽر مبارڪ جو نمائندو آهي. هڪ ڊگهي عرصي کان هو ڊاڪٽر مبارڪ جي نگراني ۾ نڪرندڙ رسالي تاريخ کي اڪيلي سر سنڀاليندڙ ۽ ان جو ايڊيٽر آهي جڏهين تہ هن وقت ڊاڪٽر توصيف ۽ هما غفار سندس ٽيم ۾ شامل آهن. هر سال ڪراچي ۾ مختلف جاين تي تاريخ ڪانفرنسن جو انعقاد ڪرڻ انھن دوستن جو معمول آهي. ان کانسواء هو زيبسٽ ۽ ٻين تنظيمن پاران بہ وقت بوقت مختلف موضوعن تي سيمينار، ورڪشاپ ۽ ٻيا پروگرام ڪرائيندو رهندو آهي. انھن پروگرامن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ جي شرڪت سندس ترجيح هوندي آهي. هو انھن پروگرامن ۾ مون کي بہ مدعو ڪندو رهندو آهي. اهڙي ريت رياض ڄڻ ڊاڪٽر مبارڪ ۽ منھنجي وچ ۾ رابطي جو هڪ ذريعو بہ آهي. ڪجهہ عرصو اڳ زيبسٽ پاران اهڙو ئي هڪ پروگرام پاڪستان جي معيشت ۽ سماج جي حوالي سان ڪرايو ويو هو جنھن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ ۽ آئون بہ شريڪ هئاسين. مختلف موضوعن تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي. هڪ شاگرد مون کان سوال ڪيو تہ اوهان ستر جي ڏهاڪي جي ڀٽو جي صنعتن ۽ بينڪن وغيرہ کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري پاليسي کي ڪيئن ٿا ڏسو. مون ان جو جواب ڏيندي چيو تہ ان وقت اوڀر بنگال جي ڌارٿيڻ جي ڪري پيدا ٿيل حالتن ۾ ملڪي معيشت جي خراب صورتحال هئي. ان جي نتيجي ۾ نوڪر شاهي جي حيثَيت ۽ رياستي ڍانچو ڪمزور ٿي ويو هو. ان کي وڌيڪ وسيلن جن ضرورت هئي. ان جو حل وڏين صنعتن ۽ بينڪن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ۽ انھن جي وسيلن کي ڪامورا شاهي ۽ رياستي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ ڏٺو ويو. هونئن ڏٺو وڃي تہ پورهيتن جي نالي کي ان لاءِ استعمال ڪيو ويو هو پر پورهيتن سان ڪراچي جي لانڍي ۽ ڪورنگي سائيٽ ايريا ۾ جيڪي ڪجهہ ٿيو، اها هڪ تاريخ آهي. نوڪرشاهي پاران پورهيتن کي اهو باور ڪرائڻو هو تہ اهي حڪومت مان گهڻيون توقعات نہ رکن. ان وقت مون سان گڏ اسٽيج تي ويٺل هڪ مقرر چيو تہ هي ادارو جنھن ماڻھو جي نالي آهي ۽ اوهان جتي ويٺا آهيو، ان جي پاليسين جي خلاف پيا ڳالھايو. ان تي ڊاڪٽر مبارڪ کيس جواب ڏنو تہ هن کي منھنجن خيالن سان اختلاف ڪرڻ تي بہ ڪا هٻڪ نہ ٿيندي آهي.
ڪجهہ عرصو اڳ فيض جوڻيجو جي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جي مھورت لاء اسٽيل ٽائون جي هال ۾ ڊاڪٽر مبارڪ کي مدعو ڪيو ويو هو. رياض پاران مون کي ان ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر سان ملڻ لاء چيو ويو. پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ڊاڪٽر صاحب سان مختصر غيررسمي ڪچھري ٿي.
مون کانئس پڇيو تہ اوهان کي لاهور ۽ ڪراچي جي ادبي ۽ ٿقافتي ماحول ۾ ڪھڙو فرق نظر اچي ٿو. سندس چوڻ هو تہ لاهور جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جو ماحول وڌيڪ لبرل ۽ سيڪيولر آهي. ڪراچي ۾ اوهان نسبتن پنھنجي ليکي پنھنجن خيالن جو اظھار ۽ ڪجهہ ڪم ڪري سگهو ٿا، جڏهين تہ لاهور ۾ خاص طور مختلف مذهبي تنظيمن جو اوهان تي دٻاء هجي ٿو ۽ اهي اوهان کي پنھنجي مرضي مطابق هلائڻ چاهين ٿا ۽ ڪو اختلاف برداشت نہ ٿا ڪن.
ڊاڪٽر صاحب سان هن وقت وڏي عمر ۽ صحت جا مسئلا آهن. خاص طور سندس نظر جو مسئلو اهميت رکي ٿو. ان سڀ جي باوجود هو ويجهڙ تائين پنھنجو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڌي ساڻس گڏ هوندي آهي. هو لکڻ ۽ مختلف پروگرامن ۾ وڃڻ جو ڪم بہ ڪندو رهيو آهي. پر سال ٻہ اڳ ڪورونا جي ڪري سندس سرگرميون متاثر ٿيون آهن پر ان جي باوجود هو پنھنجي ڪرت کي لڳل آهي ۽ تخليقي پورهيو ڪندو رهي ٿو.