اسڪوائش
مون اهو ميچ ڏٺو هو، جڏهين پاڪستان اوپن جي فائنل ۾ هن جان شير خان کان هارايو هو. اهو هڪ دلچسپ ميچ هو ۽ ائين لڳو پئي تہ جھانگير سولائي سان اهو ميچ کٽي ويندو. هو ٻہ سيٽ کٽي ويو ۽ ٽئين سيٽ ۾ ميچ پوائنٽ تي هو. بلڪل ناقابل يقين طور جان شير هتان come back ڪيو ۽ هو اهو ميچ کٽي ويو. بھرحال پاڪستان ۾ اسڪواش اڃا بہ سندس نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ۽ اسڪواش جو مطلب ئي جھانگير خان آهي.
