آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

جويو صاحب

گهڻا سال اڳ جي ڳالھہ آهي، آئون سنڌي ادبي سنگت ڪراچي پاران شائع ٿيندڙ هڪ ڪتاب جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي صحافي ڪالوني ۾ محمد ابراهيم جويو جي گهر ويٺو هوس. ٻنپھرن جو وقت هو، جويو صاحب گهر وارن کي ماني موڪلڻ لا۽ چيو. ايتري ۾ کيس ڪنھن اچي ٻڌايو تہ ٻاهر ڪيئي ڪتاب جو ليکڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بيٺو آهي ۽ ساڻس ملڻ چاهي ٿو. اهو ٻڌندي ئي جويو صاحب گهر چورائي موڪليو تہ في الحال ماني نہ موڪلجو. ان جو ڪارڻ هن اهو ٻڌايو تہ جويو صاحب پاڻ سادي ماني کائڻ جو عادي هو جڏهين تہ رئيس ٻي طبيعت جو ماڻھو هو ۽ جويو صاحب جي ماني ڏسي ٺٺول ڪري ها. ان ڪري ان بھتر اهو ڄاتو تہ ڀلي هو ٿي وڃي، پوءِ ماني کائجي.