آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪوئيٽا جون ڳالھيون

تڏهين بلوچستان جون حالتون ايتريون خراب نہ هيون ۽ خاص طور ڪوئيٽا وڃڻ ڪا ايڏي جوکم جي ڳالھہ نہ هئي. جنوري جو مھينو هجي. ظاهر ڳالھہ آهي تہ ڪوئيٽا ۾ اها سي جي مند هئي. سرڪاري ڪم سانگي اٽڪل هڪ هفتي لاء ڪوئيٽا ۾ رهڻو هو. اڳ ۾ ڪڏهين انھن ڏينھن ۾ ڪوئيٽا وڃڻ نہ ٿيو هو ان ڪري پوري ريت سي جو اندازو نہ هو. پنھنجي لحاظ کان ڪجهہ اوڇڻ کنيا هئا. صبوح جي فلائيٽ هئي. اٽڪل يارنھين وڳي جھاز ڪوئيٽا لينڊ ڪيو. ٻاهر سج چمڪيو پئي جنھن سان مون کي اها غلط فھمي ٿي تہ موسم نارمل هوندو. پر ائين نہ هو.
ٻاهر نڪرندي ئي ٿڌ جو احساس ٿيو. خير ڏينھن جو وقت هو، هوٽل تي سامان رکي پنھنجي ڪم تي هليو ويس. ڪوئيٽا هڪ مختلف شھر آهي. ڪاروبار وغيرہ جي لحاظ کان بلوچن ۽ بروهين وغيرہ جو ڪو نالو نشان نہ ٿو ملي. پٺاڻ ۽ خاص طور افغاني سڄي شھر تي حاوي آهن. اهي ڪم ائين ٿا ڪن، جيئن قبائلي علائقن ۾ ٿيندو آهي. جيڪو اسان جو ڪم هو ان لحاظ کان اهو اڃا وڌيڪ ڏکيو هو. اسٽيٽ بينڪ تازو مني ايڪسچينج ڊيلرز کي لائسنس جاري ڪيا هئا. اسان جو ڪم اهو ڏسڻ هو تہ اهي قانون موجب ڪم ڪن پيا يا نہ. جيتوڻيڪ ان وقت حالتون ايتريون خراب نہ هيون، پر اسان کي پنھنجن مقامي واقفڪارن پاران اهو چيو ويو هو تہ ڪوشش ڪري هتي پينٽ شرٽ پائڻ کان پرهيز ڪجو. ٻي ڳالھہ تہ بازارن ۾ گهڻو گهمڻ ڦرڻ نہ ڪجو.
اهو سڀڪجهہ تہ پنھنجي جاء تي، پر ڪوئيٽا جو سڪو سي جنھن تي سج جو ڪو اثر نہ ٿي پيو، ڄڻ تہ اندر ۾ ٿي گهڙيو. بس رڳو پنھنجي آفيس ۽ هوٽل ۾ ئي هوندا هئاسين. هوٽل ۾ ٻن ڪمبلن ۽ هيٽر جي هوندي سي نہ جهلبو هو. رات جو يارنھين وڳي کن هوٽل وارا هيٽر بہ بند ڪري ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ تہ اهڙا واقعا ٿي چڪا هئا، جنھن ۾ ڪمري ۾ گيس ڀرجي وڃڻ ڪري ڪجهہ همراه، جن ۾ اسٽيٽ بينڪ جو هڪ نوجوان آفيسر ۽ سندس وني شامل هئا، مري ۾ هني مون ملھائيندي ساه ٻوساٽجڻ ڪري مري ويا هئا.
مسئلو اهو هو تہ هتي پورو هفتو گذارڻو هو، جيڪو هڪ پيڙا ۽ عذاب کان گهٽ نہ پئي لڳو. ان جي باوجود بہ ماڻھو ٻڌائين پيا تہ سي گهٽجي ويو هو. منھنجو وڏو ڀاءُ جيڪو نوڪري سانگي ڪجهہ عرصو ڪوئيٽا ۾ رهي آيو هو ٻڌائيندو هو تہ ٿڌ جي ڪري پاڻي برف ٿي ويندو هو ۽ پاڻي جا نلڪا ڦاٽي پوندا هئا. الائي اهو لطيفو آهي يا صحيح ڳالھہ آهي تہ ماڻھو چوندا آهن تہ هڪ ٽريفڪ ڪانسٽبل جيڪو پنھنجي ڊيوٽي ڏيئي رهيو هو هن جڏهين گاڏين کي اشاري ڪرڻ لاء هٿ کنيو تہ سي جي ڪري سندس ٻانھن اتي ئي ڄمي ويئي.
هن وقت جيڪي موسمياتي تبديليون آيون آهن، ان ڪوئيٽا جي موسم کي بہ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ هتي گرمين ۾ بہ پکن جي ضرورت نہ پوندي هئي ۽ سنڌ جا ماڻھو خاص طور گرمين گذارڻ لاء هتي ايندا هئا. پر هاڻي گهرن ۽ هوٽلن ۾ پکا لڳي ويا آهن. مينھن ۽ برفباري گهٽجي ويئي آهي. ڪو ڪو سال تہ اهڙو بہ ايندو آهي تہ مينھن ۽ برفباري ماڳيئي نہ ٿيندي آهي. جڏهين اسان ڪوئيٽا ۾ هئاسين تہ حنا ڍنڍ ۽ اڙڪ جا چشما سڪا پيا هئا. انھن جي پاڻي جو ذريعومٿي جبلن تي پوندڙ مينھن ۽ برفباري هوندي آهي.
شھر جي چوڌاري صوفن ۽ ٻين مختلف ميون جا باغ آهن. اوهان جيڪڏهين چاهيو تہ باغ جي مالڪ کان صوف وغيرہ خريد ڪري سگهو پيا. انھن کي چشمن وغيرہ مان پاڻي پھچائڻ لاء نالين جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ ٺھيل آهي جنھن کي ڪاريز چيو ويندو آهي. انھن جو دارومدار بہ جبلن تي ٿيندڙ برفباري ۽ مينھن تي آهي.
اهو مون کي محسوس ٿيو تہ ڪوئيٽا ۾ پشاور کان بہ وڌيڪ حڪومتي ادارن ۽ خاص طور انھن لاء جن جا اختيار محدود هجن ڪم ڪرڻ انتھائي ڏکيو آهي. انھن ماڻھن جا، پوء ڀلي اهي مقامي هجن يا افغاني، سرحد پار افغانستان سان ناتا آهن ۽ اهي وقت بوقت پوء ڀلي مذاق ۾ اهو احساس ڏياريندا رهندا تہ اوهان کي سرحد جي ٻئي پاسي پھچائي ڇڏينداسين. جناح روڊ ڪوئيٽا جو اهم تجارتي مرڪز آهي. جن مني چينجرز وٽ قانوني طور ڪاروبار ڪرڻ جو لائسنس آهي، اهي هڪ يا ٻہ مس آهن. پر جناح روڊ تي اهڙا ڪيئي دوڪان ملندا جيڪي اهو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. کين ان ڳالھہ جي پرواه نہ هوندي آهي تہ سرڪاري عملدار ويجهڙائي ۾ موجود آهن. هڪ اڌ ڀيرو تہ ائين ٿيو تہ انھن عملدارن کي پنھنجي کل بچائي لڪي اتان ڀڄڻو پيو آهي.
بھرحال اهي سڀ ڳالھيون تہ ڪم جو حصو هيون. باقي سي اهڙو هو جنھن ڄڻ هڪ ٿڌي دوزخ ۾ وجهي ڇڏيوهو. ست ڏينھن گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو هو. اتان مون کي اسلام آباد ۽ پوء پشاور وڃڻو هو. پر هڪ ٻي غيريقيني صورتحال اها هئي تہ هتي اچڻ ۽ وڃڻ وارين اڏامن جي ڪا پڪ نہ هوندي هئي ۽ اهي اڪثرعين وقت تي ڪينسل ٿي وينديون هيون.
ڪوئيٽا جو ايئر پورٽ بس جي اڏي جيان هو. اتفاق سان جھاز پنھنجي وقت تي آيو ۽ وقت تي آئون اسلام آباد پھتس. ائين پئي لڳو تہ ڄڻ هڪ ٿڌي دوزخ مان نڪري آئون هڪ نارمل دنيا ۾ پھچي ويو هوس. هتي رات گذاري صبوح سوير ئي پشاور لاء روانو ٿي ويس.