آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ: هڪ تاثر

ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ سان سياسي حوالي سان ڪجهہ وقت گذاريو ۽ ذاتي طور بہ ساڻس واسطو رهيو. عوامي تحريڪ کان جيڪي دوست ڌار ٿيا انھن جي آڏو اهو سوال هو تہ هاڻي ڇا ڪجي. ماٺ ڪري ويھڻ مناسب نہ هو. نئون سياسي گروپ ٺاهجي يا موجودہ ڪنھن هم خيال پارٽي يا گروپ سان گڏجي ڪم ڪجي. ان سلسلي ۾ پھرين تہ انھن سان رابطو ڪيو ويو جيڪي مختلف وقتن تي مختلف ڪارڻن جي ڪري عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيا هئا. انھن مان گهڻا مختلف ڪمن ڪارين سان لڳي ويا هئا ۽ ڪجهہ مختلف سياسي جماعتن ۾ شامل ٿي ويا هئا.
ڊاڪٽر ارباب ۽ سندس دوست جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل هئا ۽ پوء انھن ڌار ٿي پروگريسو جيئي سنڌ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي. اسان جا انھن سان مختلف نظرياتي ۽ سياسي معاملن تي بحث مباحثا هلندا رهيا ء پوء گڏجي وطن دوست جي نالي سان ٺاهيل تنظيم ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيوسين.
ارباب سان منھنجيون مختلف موضوعن تي گهڻيون ڪچھريون ٿيون. سندس پسند جو موضوع اهو هوندو هو تہ پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ پيداوار جو طريقہ ڪار سرمايا درانہ آهي يا اڃا تائين اهو زرعي ۽ جاگيردارانا دور ۾ آهي. ان جي اهميت ان ڪري هوندي هئي تہ ان جي بنياد تي ئي پارٽين جي تنظيم ۽ حڪمت عملي جڙندي هئي. هو منھنجي بغدادي واري گهر بہ ايندو هو. هو پاڻ هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص هو ۽ ساڻس گڏ جيڪي ماڻھو هئا انھن ۾ بہ اها ڳالھہ موجود هئي. انھن ۾ فقير محمد لاشاري بہ هو جيڪو ارباب جو ذاتي دوست بہ هو ۽ جنھن کي پارٽي جو نظريہ دان ڪري ليکيو ويندو هو. انھن مان گهڻن سان منھنجا ذاتي ناتا جڙي ويا. فقير منھنجو ويجهو دوست ٿي ويو. اهڙي ريت ان تنظيم ۾ رهڻ جو مون کي اهو وڏو فائدو ٿيو. مون کي هڪڙي ڳالھہ اها محسوس ٿي تہ ارباب هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص تہ هو پر هڪ سياسي اڳواڻ ۽ هڪ رهنمائي ڪندڙ ايڪٽوسٽ جون جيڪي خاصيتون آهن اهي منجهس نہ هيون. اخباري بيانن ۽ مضمونن کانسواء عملي طور ڪا سرگرمي نظر نہ ايندي هئي. ان جي نتيجي ۾ پارٽي ڪارڪنن کي پنھنجي اڳواڻ مان ڪو اتساه نہ ملندو هو جنھن جي ڪري اهي پارٽي ۽ سندس اڳواڻ سان لاڳاپيل رهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو تہ نہ رڳو ڪارڪن گڏ نہ رهيا پر اڳواڻ پاڻ سياسي طور اهو فيصلو نہ ڪري سگهيو تہ کيس ڪرڻو ڇا هو. گهڻا ڪارڪن غير سرگرم ٿي ويا، ڪجهہ ڄڻن ڪميونسٽ پارٽي جوائن ڪئي. ارباب پاڻ پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ وغيرہ ۾ شامل ٿيو پر اتي بہ گهڻو عرصو رهي نہ سگهيو ۽ نيٺ غير سرگرم ٿي ويو. آئون جڏهين گلشن حديد رهڻ آيس تہ هو بہ هتي ئي رهيل هو، پر سندس سرگرميون ۽ دوستن سان ملڻ وغيرہ محدود هو. منھنجي بہ هتي ساڻس ڪا ملاقات نہ ٿي بس ڪڏهين رستي پنڌ ويندي نظر ايندو هو.
فقير ۽ نقاش اڳ ئي سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم هئا ۽ آئون بہ انھن سان شامل ٿي ويس. ان تي ڪنھن دوست مون کي چيو تہ ماڻھو ادبي تنظيمن کان سياست ڏانھن ايندا آهن ۽ اوهان سياست کان ادب جي واٽ ورتي آهي. ان سلسلي ۾ اسان ڪجهہ ڄڻا اڪيلا نہ هئاسين. سنگت جي گڏجاڻين ۾ اهڙن سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو تعداد هوندو هو. هڪ تہ اهي پنھنجين سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن کان مايوس هئا ۽ ٻيو ملڪ ۾ خوف ۽ هراس جي ڪيفيت هوندي هئي. شايد اهي ئي ڪارڻ هئا جن جي ڪري سنگت جي گڏجاڻين ۾ ڀلي ڪھڙو بہ ادبي اسم پيش ڪيو وڃي پر بحث ڦري گهري سياسي مسئلن تي ٿيندو هو. نتيجي ۾ سنگت کي ڪو بہ وڌيڪ عرصي لاء گڏجاڻين لاء جاء ڏيڻ لاء تيار نہ ٿيندو هو.
ارباب لاء منھنجو اهو خيال آهي تہ هو هڪ باصلاحيت شخص هو پر ساڳي وقت هو اهو فيصلو نہ ڪري سگهيو هو تہ کيس ڪرڻو ڇا هو. سياست جي حوالي سان هن پنھنجي ڌار پارٽي بہ ٺاهي ۽ ٻين جماعتن ۾ بہ مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪيو پر ڪٿي بہ گهڻو عرصو جٽاء نہ ڪري سگهيو. ساڳي ريت سندس ساک هڪ ترقي پسند دانشور طور هئي ۽ هو مختلف اخبارن، رسالن ۽ پمفليٽن وغيرہ وسيلي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندو رهندو هو پر ان شعبي ۾ بہ هن پنھنجي ڪا حيثيت ۽ نالو نہ ڪڍيو. ساڳي ريت هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر جي طور بہ هن نہ پنھنجي ان صلاحيت کي وڌايو ۽ نہ ئي گهڻي عرصي تائين ان کي پنھنجي روزگار جو ذريعو بڻايو.
سندس لاء هڪ ڳالھہ اها چئي سگهجي ٿي تہ ان جي باوجود تہ معاشي طور هو ڏکين حالتن ۾ رهيو ۽ پنڌ هلندو رهيو پر هن سياست کي موقعن هئڻ باوجود ڪرپشن لاء استعمال نہ ڪيو. ان ڪري سنڌ جو هڪ نالي وارو سياستدان سندس متعلق چوندو هو تہ ارباب کي سياست ڪرڻ نہ ٿي اچي..بھرحال هو پنھنجو وقت گذاري تاريخ جو حصو بڻجي ويو.