آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

يوگي

صبوح واڪ ڪندي گهڻن اڻڄاڻ ماڻھن سان سلام دعا ۽ ڪڏهين حال احوال بہ ٿي ويندا آهن. اڄ اڃا ٿورو ئي پنڌ ڪيو هو تہ هڪ همراه اچي سلام ڪيو ۽ هٿ ملايو. هو شايد مون کي روز واڪ ڪندي ڏسندو آهي. مون کي چيائين تہ اها سٺي ڳالھہ آهي. پوءِ هن مون کان منھنجي عمر پڇي، جيڪا مون کيس ٻڌائي. پوءِ مون کانئس سندس عمر پڇي. مون کي چيائين تہ منھنجي عمر ٽيه سال پر تجربو پنجاه سال جو آهي. پنھنجي منھن مھانڊي مان هو همراه وڏي عمر جو لڳو ٿي. مون کي حيران ٿيندو ڏسي چوڻ لڳو تہ آئون يوگي آهيان. اسان جي عمر ٽيه سالن کانپوء ناهي وڌندي رڳو تجربو وڌندو آهي. منھنجي لاء اها نئين ڳالھہ هئي. پوء مون کي هن ڀر ۾ ئي ڪڏهين پنھنجي گهر اچڻ ۽ چانہ پيئڻ جي دعوت ڏني.