آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪميونيڪشن اسڪلز

نوڪري دوران مون Communication Skills تي هڪ ڪورس ڪيو هو. اسان جو Trainer ان مضمون جو مشھور استاد حسين عباس هو. ان هفتي کن جي ٽريننگ ۾ هن خاص طور انگريزي ٻولي سکڻ جي حوالي سان گهڻيون ڪم جون ڳالھيون ٻڌايون. سندس چوڻ هو تہ ٻولي سکڻ لا۽ اهو ضروري آهي تہ ڪتابن جو وڌ ۾ وڌ مطالعو ڪريو. پنھنجي متعلق هو ٻڌائيندو هو تہ هو جڏهين بس ۾ سفر ڪندو هو ۽ کيس ويھڻ جي جاء نہ ملندي هئي تہ هو بيٺي هڪ هٿ سان سھاري لاء ڏنڊو جهليندو هو ۽ سندس ٻئي هٿ ۾ ڪتاب هوندو هو. سندس چوڻ هو تہ اهم ڳالھہ ڪتاب کي سنڀالي رکڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ نہ، پر ان کي پڙهڻ آهي. هو اڪثر اها ڳالھہ ورجائيندو هو تہ اڄ جو پڙهندڙ سڀاڻي جو اڳواڻ آهي. ڳالھہ ٻولھہ واري ٻولي متعلق سندس چوڻ هوندو هو تہ ڳالھائڻ مھل جيئن اسان پنھنجي ٻولي ۾ گرامر وغيرہ جو خيال نہ ٿا ڪيون، اهڙي ريت انگريزي ڳالھائڻ مھل بہ گرامر وغيرہ کي ڌيان ۾ نہ رکجي. ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان ڳالھائڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي ۽ ماڻھو پوري ريت ٻولي تي عبور حاصل نہ ڪري سگهندو. ان سلسلي ۾ ڪنھن هٻڪ ۽ شرم اچڻ جي بہ ضرورت ناهي.
جيتوڻيڪ گهڻو عرصو گذري چڪو آهي پر اهي ڳالھيون ٻولي سکڻ جي حوالي سان هميشہ منھنجي ذهن ۾ هونديون آهن.