آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڀائر ۽ ڀينر

اسان پنھنجي ماءُ پيءُ جا ڪل اٺ ٻار، ڇهہ پٽ ۽ ٻہ ڌيئر آهيون. ٻہ ڀائر مون کان وڏا آهن، جڏهين تہ باقي سڀ ننڍا آهن. ٻن وڏن ڀائرن جي ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي جي آهي، جيڪو اڇي قبر تي اسان جي گهر جي ويجهو هو. ان وقت ڏاڏا ۽ بابا سان لاڳاپيل هڪ شخص، جنھن جو نالو شايد گدا علي شاه هو، پر سڀ ان کي گدالي شاه ڪري سڏيندا هئا، سان اسڪول ويندا هئا. مون کي ياد ٿو پئي تہ هڪ ڀيرو آئون بہ ان سان گڏجي ويجهو ڪاغذي بازار ۾ هڪ اسڪول ۾ ويو هوس جنھن جو نالو تہ مون کي ياد ناهي پر ان جي لوه جي گول ڏاڪڻ منھنجي ذهن ۾ اڃا تائين موجود آهي.
اڇي قبر کان نوآباد منتقل ٿيڻ کانپوء سڀني ٻارن کي ويجهن تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرايو ويو. منھنجي وڏي ڀاء عبدالرشيد نظاماڻي گريجويشن تائين پنھنجي تعليم هارون ڪاليج مان مڪمل ڪئي. هو اتي شاگرد يونين ۾ بہ سرگرم هو ۽ شايد جنرل سيڪريٽري جي عھدي لاء بہ بيٺو هو. پر اها ڳالھہ هئي تہ هو ساڄي يا کاٻي ڌر جي ڪنھن بہ شاگرد تنظيم سان لاڳاپيل نہ هو. ان وقت فيض صاحب، ڊاڪٽر م ر حسان ۽ ڪاليج جا ٻيا استاد گهڻي ڀاڱي ترقي پسند خيالن جا هئا ۽ ڪلاس روم ۾ بہ ان جو اظھار ڪندا هئا جيڪا ڳالھہ روايتي خيال رکندڙ گهڻن شاگردن لاء قبولڻ جوڳي نہ هئي. فيض صاحب مجموعي طور ڪاليج جي معاملن تي نظر رکندو هو پر ڪو ڪلاس نہ وٺندو هو جڏهين تہ وائس پرنسپل ڊاڪٽر حسان بي اي جي سياسيات جي علم جي ڪلاس وٺندو هو. ڪلاس ۾ ليڪچر دوران خاص طور مذهب جي حوالي سان هو جن خيالن جو اظھار ڪندو هو ان کي منھنجو ڀاء پسند نہ ڪندو هو ۽ ان جو اظھار بہ ڪندو هو.
هتان گريجويشن ڪرڻ کانپوء سنڌ هائي ڪورٽ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ اتي هوندي ايل ايل بي ڪيائين. ڪافي عرصو نوڪري کانپوء وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪيائين ۽ مختلف سينيئر وڪيلن سان ڪم ڪيائين. ڪجهہ وقت کانپوء امتحان ڏيئي ايڊيشنل سيشن جج ٿي ويو. ڪراچي، حيدرآباد، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ سندس تعيناتي رهي. هن وقت هو رٽائرمنٽ کانپوء وڪالت ڪري رهيو آهي. سندس ٻار بہ گهڻو ڪري قانون جي پيشي سان ئي لاڳاپيل آهن ۽ هڪ ڌي سول جج آهي.
ٻيون نمبر ڀاء عبدالحميد نظاماڻي ميٽرڪ ڪري سگهيو ۽ پوء بابا سان سندس رازڪي ڪم ۾ شامل ٿي ويو. پر لکڻ پڙهڻ ڏانھن سندس لاڙو هوندو هو. هو سنڌي ۽ اردو ادب جا مختلف ڪتاب پڙهندو هو ۽ اسان ڀائرن جي لکڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو. هو اسان جي ليکڪ دوستن سان سندن لکڻين تي ڳالھائيندو هو ۽ ان متعلق اخبارن ڏي خط پڻ موڪليندو هو. ڊسمبر 2007 ۾ سندس هارٽ اٽيڪ ۾ انتقال ٿي ويو.
چوٿون نمبر ڀاءُ شڪور نظاماڻي ڪراچي يونيورسٽي مان سوشيالوجي ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوء هڪ ڊگهو عرصو هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر رهيو. پوء هن ڪجهہ عرصو جنگ جي آن لائين ايڊيشن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن وقت هو اي آر وائي سان لاڳاپيل آهي. شڪور جو مختلف شاگرد تنظيمن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان بہ واسطو رهيو. هن ڪجهہ ڪھاڻيون پڻ لکيون.
پنجون نمبر ڀاء عبدالمجيد نظاماڻي آهي. هن ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوء بابا ۽ چاچا سان خانداني رازڪي ڪم ۾ لڳي ويو. گهڻي عرصي کانپوء اهو ڪم ڇڏي هن ڊاڪيارڊ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هتي هو هڪ وڏي حادثي جو شڪارٿي ويو ۽ ڪافي وقت اسپتال جي حوالي رهيو. ڊاڪٽرن چواڻي تہ هو رڳو پنھنجي هنيان جي زور يا will power جي ڪري وري پنھنجن پيرن تي بيٺو. هن وقت هو پنھنجا سڀ ڪم ڪار ڪري ٿو ۽ پنھنجن ٻارن سان خوش گذاري ٿو.
ٻہ ڀينر فھميدہ ۽ ثمينہ آهن. انھن ٻنھي ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. اهي ٻيئي گهريلو عورتون آهن ۽ پنھنجن ٻارن سان پنھنجن گهرن ۾ هڪ خوش زندگي گذارين ٿيون.
حسن اسان جو ڇھون نمبر ۽ ننڍو ڀاء هو. هن متعلق مون اڳ بہ ڪجهہ مضمون لکيا آهن. هو هڪ گهڻ رخو ۽ بيچين ۽ آزاد طبيعت وارو شخص هو. ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ هو حسن منصور جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. ڪراچي يونيورسٽي ۽ پاڪستان اسٽيل جي ٽريننگ انسٽيوٽ ۾ ڪجهہ وقت گذارڻ کانپوء نيٺ هن ادب ۽ صحافت کي ئي پنھنجو ڪيو. هن هلال پاڪستان ۽ جاڳو کان شروعات ڪئي ۽ اسٽار، ڊيلي ٽائمز اي ايف پي ۽ آخري وقت ۾ ڊان سان لاڳاپيل هو. وفات کانپوء سندس ڪھاڻين جو هڪ مجموعو شائع ٿيو. سندس اوچتي وفات سندس ٻارن ۽ اسان جي سڄي خاندان لاء هڪ صدمي جو باعث هئي.