آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

شيخ عزيز

شيخ عزيز سان منھنجي رڳو هڪ ملاقات چاليهہ ٻائيتاليهہ سال اڳ عبرت جي آفيس ۾ ٿي هئي، جڏهين اسان ڪجهہ دوست ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش لاء ڪوششون ڪري رهيا هئاسين. مون کي ان وقت محسوس ٿيو تہ هو هڪ گهٽ ڳالھائو ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻھو هو. اڳتي هلي سندس صحافتي ڪيريئر ۾ اها ڳالھہ سامھون آئي تہ پنھنجي پيشہ ورانا قابليت ۽ صلاحيت ۽ بااثر ماڻھن سان ناتن هئڻ جي باوجود هن رڳو پنھنجي ڪم تي ئي ڌيان ڏنو ۽ هرو ڀرو جي شھرت حاصل ڪرڻ لاء ڪنھن طرح جي پبلڪ رليشننگ نہ ڪئي. سنڌ جي صحافين ۽ اديبن جي صورتحال کي ڏسندي مون کي ڪڏهين ڪڏهين ائين لڳندو هو تہ هن جو انھن ماڻھن سان ڪو واسطو ئي نہ هو. هڪ سچو پروفيشنل ۽ پنھنجي ڪم سان ڪميٽيڊ ھو. سندس لکڻيون معروضي ۽ حقيقتن تي ٻڌل هونديون هيون. منھنجي لا۽ هو واقعي هڪ اتساه هو.