ڌرتي ۽ جيوت
اٽڪل ستاويهہ سال اڳ جڏهين اسان گلشن حديد ۾ رهڻ آياسين تہ هڪ تہ علائقي ۾ گهڻي آبادي نہ هئي ۽ ٻيو تہ وافر پاڻي هئڻ ڪري وڻ ِ۽ ساوڪ گهڻي هئي. اهو ماحول انسانن سان گڏ پکين ۽ جانورن لاء بہ سازگار هو ۽ اهي بي ڊپا ٿيو آزادي سان پيا گهمندا ڦرندا هئا. هڪ ڀيري گهر جو در کليل هئڻ ڪري ٻہ بدڪون گهر ۾ اچي ويون. اوسي پاسي پاڙي مان پڇا ڪئيسين تہ متان ڪنھن جون هجن، پر اهي ڪنھن جون بہ نہ هيون. اسان پاڻ انھن کي گهر ۾ رکڻ نہ پئي چاهيو. نيٺ اهي سيڪيوريٽي گارڊ جي حوالي ڪري ڇڏيونسين.
ان جي باوجود بہ پنھنجي شوق خاطر ٻار خاص طور مٺو ۽ مختلف قسم جون جهرڪيون وغيرہ وٺي اچي رکندا آهن. گهڻي عرصي اڳ جي ڳالھہ آهي تہ ٻارن هڪ مٺو گهر ۾ رکيو هو. گهر وارا ان کي کائڻ لاء مختلف شيون ڏيندا هئا. ائين انبن جي مند ۾ انھن انب جي هڪ ڦار ان جي پڃري ۾ رکي ڇڏي. رات جو انب جي بو تي هرکي هڪ ڪوئو مٺو جي پڃري تائين پھتو ۽ ان مٺو کي ماري ڇڏيو. ان ڳالھہ کي آئون اڄ تائين وساري ناهي سگهيو آهيان.
صبوح جو واڪ تي مختلف جانورن ۽ پکين سان واسطو پوندو آهي. اهڙو وقت هوندو هو جو مون کي پنھنجي آفيس وڃڻ ۽ واڪ جي وقت کي ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو هو. سرڪار پاران موسم جي حساب سان گهڙين کي اڳتي پوئتي ڪرڻ جو معاملو پڻ شروع ڪيو ويو هو. ان جي ڪري مون کي اونداهي ۾ ئي ٻاهر نڪرڻو پوندو هو. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ آئون جڏهين واپس گهر پھچندو هوس تہ ان وقت فجر جي ٻانگ ملي رهي هوندي هئي. اهو اهڙو وقت هوندو هو جو پکي پکڻ بہ اڃا پنھنجن آکيرن ۾ هوندا هئا ۽ سندن آواز اڃا شروع نہ ٿيندا هئا. رڳو ڪتن جا آواز هوندا هئا ۽ ڪنھن ڪنھن جاء تي اهي ولرن جي صورت ۾ پاڻ ۾ راند ڪندا، وڙهندا ۽ ڀونڪندا رهندا هئا. انھن جي ويجهو وڃڻ ۽ ڀر مان لنگهڻ ۾ ڊپ تہ لڳندو هو پر اهي پنھنجي ڪرت ۾ ئي لڳا پيا هوندا هئا ۽ جيڪڏهين ڪير ساڻن چرچ نہ ٿي ڪئي تہ ان جو نالو نہ ٿي ورتائون. هڪ ڀيري صبوح جي روشني ۾ ائين بہ ٿيو تہ هڪ ننڍڙو ڪتو گهڻي فاصلي تائين مون سان گڏ هلندو رهيو. اسان ٻيئي هڪ ٻئي کي ڪجهہ چوڻ کانسواء پنھنجي واٽ تي هلندا رهياسين.
انسانن جيان پکين ۽ ٻين جانورن جو بنيادي مسئلو بہ پنھنجي لاء کاڌ خوراڪ جو حصول هوندو آهي. مختلف ماڻھو پکين لاء مختلف جاين تي داڻو وجهندا آهن. ان تي ڪبوتر، جهرڪيون، ڪانگ ۽ مينا اچي گڏ ٿينديون آهن. صبوح پارڪ ۾ ڪجهہ ماڻھو پاڻ سان پکين لاء داڻو کڻي ايندا آهن ۽ اهو اتي انھن کي ڏيندا آهن. پر اها سھولت رولو ڪتن ۽ ٻلين وغيرہ لاء ناهي ۽ انھن کي پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاء گهڻو ڪري ڪچري جي ڍيرن مان خوراڪ ڳولھڻي پوندي آهي. بک ۾ شينھن بہ گاه کائڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. اهڙي ريت ڪتا پارڪ ۾ بہ نظر ايندا آهن تہ جيئن ماڻھو جيڪو بچيل کاڌو وغيرہ اڇلائين ٿا، ان مان ۽ ڪچري جي رکيل دٻن مان پنھنجو پيٽ ڀري سگهن. اهي هونئن پاڻ ۾ ئي لڳا پيا هوندا آهن، پر ڪڏهين ماڻھن لاء هاڃيڪار ٿي پوندا آهن. ڪجهہ وقت کان آئون پارڪ ۾ هڪ ٻلي کي ڏسندو آهيان، جيڪا ڪنھن کي تنگ نہ ڪندي آهي۽ نہ ئي ڪنھن پکي تي حملو ڪندي آهي جيئن عام طور ٻلين جو طريقو هوندو آهي، پر مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي تہ هو بکايل آهي ۽ هر ڪنھن کي اميد وارين نظرن سان پئي ڏسندي آهي. هونئن بہ پارڪ جي حالت ڪا چڱي ناهي. گاه ڄڻ تہ ختم ٿي ويو آهي. گهڻا وڻ وڍجي ويا آهن يا مناسب پاڻي نہ ملڻ ڪري سڪي ويا آهن. ماڻھن جو اچڻ بہ گهٽجي ويو آهي.
اسان جي پاڙي ۾ ئي هڪ همراه روز ڪبوترن لاء داڻو وجهندو آهي ۽ گهڻا ڪبوتر اتي اچي گڏ ٿيندا آهن. ڪبوترن جي عادت آهي تہ ڪنھن کڙڪي ۽ ڪنھن ماڻھو جي اچڻ تي اهي ڊڄي اڏامي ويندا آهن. ٻہ ٽي ڀيرا ائين ٿيو تہ منھنجي لنگهڻ تي اهي نہ اڏاڻا ۽ پنھنجو داڻو چڳندا رهيا. ان همراه مون کي چيو تہ انھن کي اهو اندازو ٿي ويو آهي تہ هن همراه مان اسان کي ڪو نقصان ناهي ان ڪري اهي اوهان جي اچڻ تي هراسجن نہ ٿا ۽ پنھنجي ڪرت ۾ لڳا ٿا پيا هجن.
وڻن ٻوٽن سميت جيڪي بہ جاندار هن ڌرتي جي گولي تي موجود آهن، اهي جيوت جو لازمي حصو آهن. فطرت جو توازن رڳو ان صورت ۾ برقرار رهي سگهي ٿو جڏهين انسان هر جيو جي هن ڌرتي تي رهڻ جي حق کي مڃي ۽ انھن جي لاء ماحول کي سازگار بڻائي.
