اسٽيٽ بينڪ جون يادگيريون (3)
آئون جنوري 1990 تائين ريسرچ ڊپارٽمنٽ ۾ رهيس. پوءِ منھنجي ٽرانسفر انڊسٽريل ڪريڊٽ ڊپارٽمنٽ ۾ ٿي، جيڪو شاهين ڪامپليڪس ۾ هوندو هو. هتي هڪ Anomaly اها هوندي هئي تہ انتظامي لحاظ کان اسان هڪ ڌار ڊپاٽمنٽ ۽ ڌار ڊائريڪٽر تحت هوندا هئاسين، پر اهو هڪ لحاظ کان ريسرچ ۽ جنرل سائيڊ جو هڪ گڏيل ڊپارٽمنٽ هو. ڊائريڪٽر جنرل سائيڊ جو هو جڏهين تہ اسان جو سيڪشن هڪ جوائنٽ ڊائريڪٽر جي تحت هو. اسان جي سيڪشن جون ساليانا رپورٽون ريسرچ ڊپارٽمنٽ ۾ فائنل ٿينديون هيون، جنھن جو نقصان اهو ٿيندو هو تہ اهي رپورٽون اڪثر ڊائون گريڊ ٿي ويندون هيون. گهڻي عرصي تائين اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ پوءِ ڊپارٽمنٽ جي سطح تي رپورٽون فائنل ٿيڻ لڳيون، جنھن جو ڪنھن حد تائين فائدو اسان کي ٿيو. ڊائريڪٽر عين الدين هو. پنھنجي طبيعت جي لحاظ کان نرم مزاج ۽ گهٽ ڳالھائڻ وارو ماڻھو هو. ائين کڻي چئجي تہ هو اڌ ڳالھہ ڪندو هو ۽ باقي اڌ ٻڌڻ وارو پاڻ سمجهي وٺي. هتي اسان جي سيڪشن جو ڪم بہ صنعتي قرضن جي حوالي سان مختلف ادارن مان انگ اکر گڏ ڪري هڪ ورڪنگ پيپر تيار ڪرڻ ھوندو هو، جيڪو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ پيش ٿيندو هو ۽ پوءِ ان جي تجويزن کي نيشنل ڪريڊٽ ڪائونسل کي موڪليو ويندو هو. عين الدين شايد پنج سال کن ڊائريڪٽر رهيو. ان کان پوءِ رياض احمد ڊائريڪٽر ٿي آيو. هي ريسرچ ڊپارٽمنٽ مان جنرل سائيڊ تي آيو هو ۽ مون سان هن جي چڱي سلام دعا ۽ واقفيت هوندي هئي. هو پاڻ ڪراچي جو هو ۽ منھنجي ڪراچي سان تعلق هئڻ ڪري وڌيڪ ويجهڙائي محسوس ڪندو هو. سندس چوڻ هوندو هو تہ عيد وغيرہ جي ڪري ٻين شھرن جا ماڻھو ڊگهي عرصي لاء پنھنجي گهر هليا ويندا آهن، جنھن جي ڪري آفيس جو ڪم متاثر ٿيندو آهي. ان ڪري هو ڪراچي ۾ رهندڙن کي ترجيح ڏيندو هو. ٿوري عرصي کانپوء هو ايچ آر جو ڊائريڪٽر ٿي هتان هليو ويو.
هي ڊپارٽمنٽ هتي 1996 تائين رهيو ۽ پوءِ ان کي اسٽيٽ بينڪ جي مين بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو ڊپارٽمنٽ وفاقي حڪومت جي هدايتن تحت قائم ڪيو ويو هو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ حڪومت ۽ بينڪ جي صاحبن اهو محسوس ڪيو تہ هن ڊپارٽمنٽ جي ضرورت ناهي ۽ اهڙي ريت اهو ڊپارٽمنٽ ئي ختم ڪيو ويو. ڪجهہ عرصو اسان ڪارپوريٽ افيئرس ڊپارٽمنٽ ۾ گذاريو، جنھن جو ڪم بينڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي گڏجاڻين جو بندوبست ڪرڻ ۽ ان جي فيصلن تي عملدرآمد وغيرہ کي ڏسڻ هو. ان. دوران بينڪ پاران ريسرچ ڊپارٽمنٽ جي انھن آفيسرن کي، جيڪي ٻين ڊپارٽمنٽن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، اهو آپشن ڏنو ويو تہ اوهان کي جنرل سائيڊ تي آندو ويندو پر ان لاء اوهان کي پنھنجي ريسرچ واري سينارٽي تان هٿ کڻڻو پوندو. گهڻي سوچ ويچار ۽ صلاح مشوري کانپوءِ اسان سڀني جنرل سائيڊ جو آپشن ڏنو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ هڪ تہ ريسرچ ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول هو ۽ ٻيو تہ اتي اڳتي وڌڻ جا موقعا محدود هئا، جڏهين تہ جنرل سائيد ۾ ڪجهہ عرصي ۾ گهڻن سينيئر ماڻھن جي رٽائرمنٽ هئي ۽ اهڙي ريت اتي اڳتي وڌڻ جا موقعا هئا. ڊپارٽمنٽ جي ختم ٿيڻ کانپوء نئين پوسٽنگ جي انتظار ۾ ڪجهہ عرصو اسان ايچ آر ۾ گذاريو. هتي ڪجهہ ٻيا آفيسر بہ هئا، جن ۾ خان محمد چانڊيو ۽ ميڊم فرزانا شامل هئا. هتان جي جوائنٽ ڊائريڪٽر اڪبر اسان کي اهو يقين ڏياريو تہ اوهان کي هتي ئي رکنداسين، پر هي چالاڪ قسم جو ماڻھو هو ۽ هن جي ڳالھين جو ڪو ڀروسو نہ هو. اتي اسان ڊپارٽمنٽ جو ڪجهہ ڪم بہ ڪندا رهياسين. پر جيئن توقع هئي، اڪبر حسين پنھنجو واعدو پورو نہ ڪيو ۽ اسان سڀني کي مختلف ڊپارٽمنٽن ۾ موڪلي ڇڏيائين.
