رسول ميمڻ
رسول هڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار طور ڄاتو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ رسول پنھنجي پيشي ۽ روزگار جي لحاظ کان هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر هو، پر گهڻن ليکڪن وانگر ائين لڳندو آهي تہ هو ڪل وقتي ليکڪ هو. تواتر سان سندس ڪھاڻين جا مجموعا ۽ ناول شائع ٿيندا رهيا. آئون سمجهان ٿو تہ هو شايد سنڌي جي ڪجهہ ليکڪن مان آهي، جن جي ڪتابن کي ڇاپڻ لاء پبلشر پاڻ تيار هوندا آهن. هو هڪ اهڙو ليکڪ هو، جنھن جي مڃتا ڪنھن بہ قسم جي پي آر نہ پر رڳو سندس لکڻيون هيون.
رسول فيس بڪ تي سرگرم هوندو هو ۽ ساڻس مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. پنھنجي اوچتي وفات کان شايد هڪ ڏينھن اڳ هن هڪ اپڊيٽ ڏني هئي، جنھن جو مفھوم اهو هو تہ پنھنجي صحت کي برقرار رکڻ لاء صبوح شام درگذر جي هڪ گوري کائو. اها هڪ وڻندڙ ڳالھہ هئي خاص ڪري اڄ جي فرسٽريشن، ڇڪتاڻ ۽ پريشاني واري دور ۾.
رسول کي آئون پنھنجن انھن ڪجهہ دوستن مان سمجهندو آهيان جن جي اوچتي وفات ڄڻ منھنجو پنھنجو ذاتي نقصان هجي. سندس لاء گهڻي محبت ۽ پيار.
