آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

رسول ميمڻ

رسول ميمڻ سان ڪنھن ويجهي ذاتي تعلق متعلق تہ نہ ٿو چئي سگهان، پر سندس لاء هڪ عزت ۽ محبت ضرور محسوس ڪندو آهيان. بس ايترو چئي سگهجي ٿو تہ هن ڪجهہ عرصي لاء گلشن حديد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. اسان ٻنھي جي آفيس وڃڻ جو وقت ساڳيو هو. صبوح جو بس اسٽاپ تي ملاقات ٿيندي هئي. سلام دعا ۽ ڪجهہ رسمي ڳالھيون ٿينديون هيون. رسول هتي ٿورو عرصو ئي رهيو ۽ پوء شھر ۾ ڪنھن ٻي جاء تي هليو ويو ۽ اسان جي ان مختصر ملاقات وارو سلسلو بہ ختم ٿي ويو. بھرحال ساڻس تعلق بلڪل ختم نہ ٿيو، پر اهو مختلف دوستن وسيلي قائم رهندو آيو. هن مون کي پنھنجين ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪجهہ ڪتاب موڪليا هئا ۽ مون سندس ناول اوڻويهہ عورتون تي ريويو لکيو، جيڪو ڪاوش ميگزين ۾ ڇپيو.
رسول هڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار طور ڄاتو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ رسول پنھنجي پيشي ۽ روزگار جي لحاظ کان هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر هو، پر گهڻن ليکڪن وانگر ائين لڳندو آهي تہ هو ڪل وقتي ليکڪ هو. تواتر سان سندس ڪھاڻين جا مجموعا ۽ ناول شائع ٿيندا رهيا. آئون سمجهان ٿو تہ هو شايد سنڌي جي ڪجهہ ليکڪن مان آهي، جن جي ڪتابن کي ڇاپڻ لاء پبلشر پاڻ تيار هوندا آهن. هو هڪ اهڙو ليکڪ هو، جنھن جي مڃتا ڪنھن بہ قسم جي پي آر نہ پر رڳو سندس لکڻيون هيون.
رسول فيس بڪ تي سرگرم هوندو هو ۽ ساڻس مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. پنھنجي اوچتي وفات کان شايد هڪ ڏينھن اڳ هن هڪ اپڊيٽ ڏني هئي، جنھن جو مفھوم اهو هو تہ پنھنجي صحت کي برقرار رکڻ لاء صبوح شام درگذر جي هڪ گوري کائو. اها هڪ وڻندڙ ڳالھہ هئي خاص ڪري اڄ جي فرسٽريشن، ڇڪتاڻ ۽ پريشاني واري دور ۾.
رسول کي آئون پنھنجن انھن ڪجهہ دوستن مان سمجهندو آهيان جن جي اوچتي وفات ڄڻ منھنجو پنھنجو ذاتي نقصان هجي. سندس لاء گهڻي محبت ۽ پيار.