آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

منھنجو مطالعو

لکڻ ۽ پڙهڻ جي شروعات مرحلي وار ٿيندي آهي. گهڻو ڪري ان عمل جي ابتدا ڪھاڻين سان ٿيندي آهي، جيڪي پاڻ کان وڏا ننڍن کي ٻڌائيندا آهن. اسان وٽ اهڙي ڪا باقاعدي روايت نہ هئي. باقي هڪ ٻار جيان نين ۽ دلچسپ ڳالھين کي ڄاڻڻ جي خواهش ضرور هوندي هئي.
منھنجو ننڍو مامي کي، جنھن جي عمر منھنجي وڏي ڀاءُ جيتري هئي، فلمون ڏسڻ جو شوق هوندو هو. ان وقت منھنجي ناني جو گهر بغدادي جي علائقي ۾ هو. جيتوڻيڪ اتي بجلي نہ هئي پراسان ان شوق ۾ اتي رات جو وڃي رهندا هئاسين تہ اسان جو هي مامو اسان کي انھن فلمن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو هو، جيڪي هو ڏسي ايندو هو. اھا شيءِ اڃا وڌيڪ اڳتي وڌڻ لاء اتساهيندي هئي. شايد منھنجي فلمن ڏسڻ جي شوق جو اهو بہ هڪ ڪارڻ هو. منھنجو اهو معمول هو تہ هر ٻئين هفتي آئون اڪيلو يا ڪنھن دوست سان فلم ڏسڻ ويندو هوس. ان جي لاء ڪڏهين ايڊوانس بڪنگ تہ ڪڏهين سينيما تي وڃي ان مھل ٽڪيٽ وٺندو هوس. سينيما جي گهر جي ويجهو يا پري هئڻ جو مسئلو نہ هو. ڪڏهين ڪڏهين ائين ٿيندو هو تہ ڪنھن پسند جي فلم ڏسڻ لاءِ پي اي سي ايچ ايس ۾ سوسائٽي سينيما تائين بہ ويندو هوس.
ان دور ۾ مختلف اردو اخبارن ۾ ڪھاڻين جا سلسلا هلندا هئا. اهڙي ريت جنگ ۾ ٽارزن جي ڪھاڻي هوندي هئي. ان کي پڙهڻ لاءِ بابا جي ڪم تان موٽڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو، جيڪو پاڻ سان جنگ اخبار کڻي ايندو هو. ساڳي طرح منھنجو هڪ چاچو حريت اخبار گهرائيندو هو جنھن ۾ فينٽم جي سلسليوار ڪھاڻي ايندي هئي. آهستي آهستي انھن اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم ۽ مضمون خاص طور جنگ ۾ ابراهيم جليس جو وغيرہ وغيرہ ۽ حريت ۾ نصرﷲ جا ڪالم ۽ اخبارن جون خبرون وغيرہ پڙهڻ شروع ڪيون.
پاڙي ۾ ڪتابن جا اهڙا دوڪان هئا، جيڪي هڪ آني روز جي حساب سان ڪتاب ڏيندا هئا. اتان بہ گهڻو ڪري ٻارن جي ڪھاڻين جا ڪتاب وٺي ايندو هوس. آئون شايد اٺين درجي ۾ هوس، منھنجو هڪ ڪلاس ميٽ آدم اوکائي هو. ان سان منھنجي دوستي ٿي ويئي، جيڪا آئون سمجهان ٿو تہ منھنجي تعليمي ڪيريئر ۽ لکڻ پڙهڻ وغيرہ جي لحاظ کان هڪ اهم موڙ هو. ان وقت پاڙي ۾ منھنجا دوست گهٽ هئا. آدم جو اهو روٽين هو تہ هو روز ميمڻ سوسائٽي ۾ اخبارن وغيرہ پڙهڻ لاءِ اوکائي ميمڻ لائبريري ويندو هو جتي ٻئي فلور تي پڙهڻ جي سھولت بہ هوندي هئي. آئون بہ شام جو روز اتي وڃڻ لڳس. لائبريري ۾ اخبار پڙهڻ کانپوءِ اسان ڪجهہ ڄڻا ٻاهر دڪي تي اچي ويھندا هئاسين. ان وقت همدرد نونھال جي نالي سان حڪيم سعيد جي نگراني ۾ ٻارن لاءِ هڪ رسالو نڪرندو هو ۽ شايد اڃا بہ نڪرندو آهي. اسان لاءِ ان رسالي جي ڇڪ ان ريت هوندي هئي تہ ان ۾ هر مھيني مختلف سوال ايندا هئا. انھن سوالن جي صحيح جواب ڏيڻ وارن جا فوٽو ايندڙ مھيني جي رسالي ۾ شائع ٿيندا هئا. اسان سڀ دوست گڏجي ويھي، انھن جا جواب ڳولھيندا هئاسين ۽ اهي پوء رسالي جي ڏنل پتي تي پنھنجي فوٽو سان گڏ موڪليندا هئاسين ۽ ايندڙ مھيني جي رسالي جو انتظار ڪندا هئاسين. هن وقت گهڻين عام ڀلائي وارين جاين جيان اها لائبريري بہ بند ٿي ويئي آهي ۽ ان جي جاء تي اپارٽمنٽ ٺھي ويا آهن.
ان ريت مون ۾ نصابي ڪتابن پڙهڻ جو شوق پڻ پيدا ٿيو. ستين ڪلاس تائين آئون مڙيئي ائين پاس ٿيندو ايندو هوس پر اٺين جي اسڪول جي امتحانن ۾ منھنجو پھريون نمبر آيو. ان جي مڃتا ۾ اسڪول جي ٿيل تقريب ۾ مون کي ٽي ڪتاب ڏنا ويا. انھن ڪتابن جي مواد ۽ عنوان متعلق تہ مون کي گهڻو ياد ناهي پر هڪڙي ڳالھہ ياد آهي تہ انھن ۾ هڪ ڪتاب دنيا جي مختلف مشھور شخصيتن متعلق هو، جنھن ۾ زار جي روس جي مشھور ڪردار راسپوتين متعلق مضمون پڻ شامل هو.
ايستائين منھنجو سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن وغيرہ سان ڪو خاص واسطو نہ پيو هو. ستر جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ڪراچي مان هلال پاڪستان اخبار جو جاري ٿيڻ منھنجي زندگي ۾ هڪ ٻيو اهم موڙ هو. بابا جنگ اخبار بند ڪري هلال گهرائڻ شروع ڪئي.
ان وقت ٻولي جي بل جي منظوري ڪري سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا هئا. ان جي ڪري هڪ جذباتي صورتحال پيدا ٿي پيئي هئي. اخبارن ۽ ليکڪن جو ان کان متاثر ٿيڻ هڪ فطري ڳالھہ هئي. ان سلسلي ۾ امر جليل جو ڪالم تنھنجيون منھنجيون ڳالھيون، جيڪو هفتي ۾ پنج ڏينھن ايندو هو، دلچسپي جو باعث هوندو هو. هينئر آئون سوچيان ٿو تہ مون کي لڳي ٿو تہ امر جليل جي ان ڪالم سنڌي ماڻھن ۾ قوم پرستي کان وڌيڪ نسل پرستي کي همٿايو ۽ سنڌ جي ماڻھن ۾ ويڇن کي وڌائڻ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪيو. ساڳي وقت ان ڪالم مون کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ لاء هڪ اتساه پڻ ڏنو.
منھنجي لاء هڪ مثبت ڳالھہ اها هئي تہ آئون جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۽ اخبارن سان گهڻو مانوس نہ هوس، پر منھنجي انٽرميڊيٽ تائين ميڊيم سنڌي رهي هئي. ان ڪري سنڌي ادب ۽ صحافت وغيرہ سان منھنجو تعارف ٿيو تہ مون کي گهڻي ڏکيائي نہ ٿي. هلال جي ڪري سنڌي ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيس ۽ مختلف سنڌي رسالن، ڪتابن ۽ ليکڪن سان تعارف ٿيو.
منھنجي پڙهڻ جي عمل ۾ منھنجي سياسي سوچ ۽ ان حوالي سان دوستين جو بہ اهم ڪردار آهي. يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ وقت گهڻين شاگرد تنظيمن پاران نون شاگردن کي ڪورو ڪاغذ سمجهي، انھن تي ڪم ڪيو ويندو هو. منھنجو جيتوڻيڪ ايستائين ڪنھن شاگرد تنظيم سان باقاعدي تعلق نہ هو، پر آئون صفا ڪورو ڪاغذ بہ نہ هوس. 1970 ۾، جڏهين مون مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو، ملڪ هڪ وڏي سياسي سرگرمي يعني بالغ رائي دہي جي بنياد تي ٿيل چونڊن جي عمل مان گذري چڪو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ نئون ملڪ بنگلاديش وجود ۾ اچي چڪو هو. ان کان اڳ جي سالن ۾ بہ جڏهين ايوب خان خلاف کاٻي ڌر جا شاگرد شھر جي سڙڪن تي مظاهرا ڪندا هئا، انھن کي ڏٺو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊن کان اڳ هڪ وڏي جلوس ۾، جيڪو شھر جي مختلف رستن تان گذرندو رات جو دير سان لياري ۾ اچي ختم ٿيو هو، شامل هوس. اهڙي ريت منھنجي ذهن ۾ مختلف سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن متعلق ڪجهہ تاثر هئا. منھنجي ذهن ۾ هڪ سنڌ دوست ۽ سوشلسٽ گڏيل سوچ هئي.
يونيورسٽي ۾ تنظيمي طور مون سان پھريون رابطو اسلامي جميعت طلبہ جي همراهن ڪيو ۽ مون کي پنھنجو لٽريچر ڏيڻ لڳا. مون ان وقت مولانا مودودي جا ٻہ ڪتاب خلافت و ملوڪيت ۽ اسلامي معيشت پڙهيا. پر جلد انھن همراهن کي اهو محسوس ٿيو تہ انھن ترن ۾ تيل ناهي ۽ هو مون کان پري ٿي ويا.
يونيورسٽي ۾ جيتوڻيڪ سنڌي منھنجو مضمون نہ هو، پر يونيورسٽي ۾ اچڻ کان اڳ سائين اياز قادري جو هڪ استاد ۽ ليکڪ جي طور نالو گهڻو ٻڌو هو. هو ان وقت سنڌي ڊپارٽمنٽ جو چيئرمين هو. اتي ساڻس ۽ سائين نوازعلي شوق سان ملاقات ٿي. سليم ميمڻ بہ ان وقت سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچررمقرر ٿيو هو. ان دوران ٻين گهڻن سنڌي شاگردن سان ملاقات ٿي. انھن مان آئون ايوب لغاري جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري ٿو سمجهان تہ ان وقت اسان گڏجي يونيورسٽي ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش ڪئي هئي، جنھن جي سلسلي ۾ منھنجي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گهڻن سنڌي اديبن، صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن سان ملاقات ۽ واقفيت ٿي هئي.
ان سان گڏوگڏ پنھنجي پاڙي ۾ آئون مختلف ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن سان لاڳاپي ۾ هوس. شاعر سائين محمد جمن هالو اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. سنڌي ادبي سنگت لياري شاخ جون ڪجهہ گڏجاڻيون اسان سندس گهر تي بہ ڪيون هيون، جنھن ۾ هو پاڻ بہ شريڪ ٿيو هو. منھنجي دوستن مان گهڻن جو واسطو سنڌي عوامي تحريڪ سان هو. انھن پوء لياري ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ پڻ قائم ڪئي. اهي دوست خاص طور ان پارٽي جو رسالو تحريڪ ۽ رسول بخش پليجو جا مختلف ڪتاب جھڙوڪ صبوح ٿيندو ۽ ڌراڙن جا ڌڪ وغيرہ پڙهڻ لاء ڏيندا هئا. ان ويجهڙائي جو هڪ ڪارڻ اهو هو تہ پارٽي ساڳي وقت قومي ۽ طبقاتي جدوجھد کي گڏي هلائڻ جي ڳالھہ ڪندي هئي، جيڪا مون کي پنھنجي مزاج جي وڌيڪ ويجهو لڳندي هئي. انھن دوستن ۽ خاص طور رحيم بخش آزاد کان انگريزي ۽ اردو جا گهڻا ڪتاب ملندا هئا، جن ۾ اهڙا ڪتاب بہ هوندا هئا جن تي پاڪستان ۾ بندش هوندي هئي. ان سلسلي ۾ مون کي خاص طور سليگ هيريسن جو بلوچستان جي صورتحال تي لکيل ڪتاب افعانستان جي پاڇي ۾ ياد آهي. آزاد وٽان آرٽ فلمن جا ڪيسٽ بہ ملندا هئا.
منھنجي تعليم ۽ تربيت جو اهو سلسلو لاڳيتو هلندو رهيو ۽ اخبارن جي مطالعي ۾ سنڌي ۽ اردو اخبارن سان گڏ انگريزي اخبارون ۽ رسالا خاص طور ڊان ۽ هيرالڊ وغيرہ شامل ٿي ويا. منھنجو لاڙو گهڻي ڀاڱي کاٻي ڌر جي ليٽريچر ڏانھن هوندو هو. پر اهو ضروري نہ هو تہ اهو ڪنھن هڪ ڌر يا پارٽي جي ليٽريچر تائين محدود هجي. ساڳي وقت مختلف مضمون جھڙوڪ سياسيات، معاشيات، سماجيات ۽ ادب منھنجي مطالعي ۾ هوندا هئا. مختلف انگريزي رسالا ٽائيم، نيوزويڪ ۽ ايڪانامسٽ وغيرہ مون کي بينڪ جي لائبريري مان ملي ويندا هئا، جڏهين تہ سوويت يونين جي ڪجهہ رسالن نيوٽائمز، ايشيا آفريڪا ۽ اسپوتنڪ وغيرہ کي مون سبسڪرائب ڪيو هو.
ان وقت جو ڪراچي شھر علمي، ادبي ۽ ثقافتي ماحول جي لحاظ کان اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻو بھتر ۽ مختلف هو. مختلف علائقن ۾ ننڍين لائبريرين ۽ ريڊنگ رومز جي سھولت کانسواء ڪجهہ وڏيون لائبريريون هونديون هيون. پاڪستان چوڪ تي برٽش ڪائونسل جي لائبريري هئي، جيڪا پوء هنگامن ۽ شھر جي حالتن خراب ٿيڻ ڪري ڪينٽ اسٽيشن واري پاسي منتقل ٿي ويئي. فريئر هال جي سامھون آمريڪن ڪائونسليٽ جي لائبريري هئي، جيڪا ساڳي ريت شھر جي حالتن جي ڪري بند ٿي ويئي. سرور شھيد روڊ تي گوئٽي انسٽيٽيوٽ هو جيڪو هاڻي بند ٿي ويو آهي ۽ اتي هاڻي اپارٽمنٽ ٺھي ويا آهن. سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ فرينڊشپ هائوس هو، جيڪو پوءِ چيل ڪوٺي پي اي سي ايچ ايس منتقل ٿي ويو ۽ پوءِ بند ٿي ويو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرس جي لائبريري اڃا تائين هلندي اڃي. ساڳي ريت صدر ۾ ٿامس اينڊ ٿامس، پاڪ آمريڪن، ساسي ۽ اسٽينڊرڊ پبلشنگ هائوس جھڙا ڪتابن جا دوڪان هوندا هئا. انھن مان هن وقت ٿامس اينڊ ٿامس پنھنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي جڏهين تہ باقي بند ٿي چڪا آهن.
هتي جن لائبريرين وغيرہ جو مون ذڪر ڪيو آهي اتي رڳو ڪتاب ۽ پڙهڻ جو ماحول نہ هوندو هو پر اتي ٻيون گهڻيون شيون جھڙوڪ مختلف دستاويزي ۽ ٻيون فلمون ڏيکارڻ ۽ مختلف سيمينار ۽ ليڪچر وغيرہ پڻ ڪرايا ويندا هئا. منھنجو فارغ وقت ۽ دفتر مان موڪلن جو گهڻو وقت انھن لائبريرين ۾ گذرندو هو. صدر ۾ وڃڻ جو هڪ مقصد ڪتابن جي دوڪانن تي ڪتاب ڏسڻ ۽ پوء پنھنجي پھچ سارو ڪتاب خريد ڪرڻ هوندو هو ۽ ڪڏهين ائين ئي واپس اچبو هو. هن وقت اهو منظرمڪمل طور بدلجي چڪو آهي، جنھن جو هڪ نتيجو سماج ۾ اسھپ، هڪٻئي کان نفرت، انتھا پسندي ۽ تشدد جي صورت ۾ نڪتو آهي.
منھنجو مطالعو ڪنھن هڪ سبجيڪٽ ۽ موضوع تائين محدود ناهي. معاشيات، سياسيات، بين الاقاوامي معاملا، سماجيات، تاريخ ۽ ادب منھنجا ترجيحي موضوع رهيا آهن. هاڻي انھن ۾ ماحوليات جو موضوع پڻ شامل ٿي ويو آهي. مطالعي جي ان عمل ۾ ادبي سياسي گڏجاڻين پڻ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انھن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندڙ دوستن اديبن ۽ عالمن کان گهڻو سکڻ جو موقعو مليو آهي.
ڪتاب ڄڻ منھنجي شخصيت جو لازمي حصو بڻجي ويا آهن. رٽائرمنٽ کان پوءِ انھن جي اهميت اڃا وڌي ويئي آهي. اسٽيٽ بينڪ جي لائبريري هن وقت بہ ملڪ جي ڪجهہ بھترين لائبريرين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. اتي بينڪ جي لاڳاپيل شعبن سان گڏوگڏ ادب، تاريخ، سماجيات ۽ سياست وغيرہ جي مختلف موضوعن تي پڻ ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو آهي. دنيا جا مختلف مشھور مئگزين هتي آن لائين ۽ فزيڪل طور دستياب هوندا آهن. منھنجي لاء پنھنجي علمي اڃ کي پوري ڪرڻ لاء اهو هڪ وڏو ذريعو رهيو آهي. رٽائرمنٽ کانپوء بہ گهڻي عرصي تائين آئون اها سھولت حاصل ڪندو رهيس.
مون هڪ ليکڪ جو قول پڙهيو هو تہ مون کان پڇيو ٿو وڃي تہ مون کي ڪھڙن ليکڪن ۽ ڪتابن متاثر ڪيو آهي. اهو ائين آهي جيئن ڪنھن شينھن کان پڇيو وڃي تہ هن ڪيتريون ۽ ڪهِڙيون رڍون کاڌيون آهن. اهڙي ريت لاڳيتو پڙهندڙ لاء بہ انھن ليکڪن ۽ ڪتابن جو حساب ڪتاب رکڻ ڏکيو هوندو آهي جن کي هن پڙهيو هوندو ۽ جن کان هو متاثر ٿيو هوندو. سندس پڙهڻ جو هڪ لاڳيتو سلسلو هوندو آهي. شروعات ماڻھو ڪجهہ ليکڪن ۽ موضوعن کان ڪندو آهي ۽ پوء ان ۾ وقت سان گڏ لاڳيتو واڌارو ايندو ويندو آهي. اهڙي ريت سنڌي ادب جي لحاظ کان مون جيئن اڳ امر جليل جي ڳالھہ ڪئي تہ ان ۾ وقت سان گڏوگڏ نسيم کرل، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، شيخ اياز، نجم عباسي، سراج ميمڻ، علام نبي مغل، ۽ ٻيا انيڪ ليکڪ ۽ سندن ڪتاب شامل ٿيندا ويا. ان سان گڏوگڏ نان فڪشن جھڙوڪ چچ نامو وغيرہ پڻ مطالعي ۾ آيا. اهي هڪ دور ۽ هڪ روايت جا ليکڪ آهن جڏهين تہ ستر جي ڏهاڪي کان پوء جا ليکڪ ماڻڪ، شوڪت شورو، مشتاق شورو ۽ شوڪت ڪيھر وغيرہ کي هڪ ٻئي دور جا ليکڪ چئي سگهجي ٿو. سنڌي ليکڪن ۾ مون کي حليم بروهي هڪ منفرد ليکڪ لڳندو آهي. سندس ناول اوڙاه پنھنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ منفرد ناول آهي. پر کيس جوڳي مڃتا ناهي ملي سگهي. ايم ايچ پنھور پنھنجي نڪتہ نظر جي حوالي سان هڪ اهم ليکڪ آهي. سندس آتم ڪھاڻي آپ بيتي جگ بيتي ۽ تاريخ متعلق ڪتاب خاص طور سومرا دور جي تاريخ مون کي گهڻو متاثر ڪيو. اياز جو نثر مون کي وڌيڪ اتساهيندو آهي. سندس جيل ڊائري، مختلف شعري مجموعن تي لکيل مھاڳ ۽ آتم ڪٿا سنڌي ادب ۾ اهم جاء والارين ٿا. سھڻي رسالي سنڌي ادب ۽ اديبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. سرد لاش جو سفر، اروڙ جو مست، چوٽيھون در، پشو پاشا، پيراڻي وغيرہ اهڙيون ڪھاڻيون هيون جن ذهن تي چٽا نقش ڇڏيا ۽ وڏيڪ اهڙي ادب پڙهڻ لاء اتساهيو. اردو ليکڪن ۾ مون کي ڪرشن چندر، منٽو ۽ عصمت چغتائي پڙهڻ ۾ وڌيڪ دلچسپ ۽ سولا لڳندا هئا. انتظار حسين، راجندر سنگه بيدي ۽ قرت العين حيدر جا نالا مون گهڻو پوءِ ٻڌا.
ادب ۽ سماجي ماحول سياسي ۽ معاِشي موضوعن تي پڙهڻ لاءِ وڌيڪ اتساه ڏئي ٿو. عوامي تحريڪ جي دوستن سان واسطي ۾ هئڻ ڪري پارٽي جو ترجمان تحريڪ رسالو ۽ صبح ٿيندو، دراڙن جا ڌڪ جھڙا ڪتاب ۽ ٻيو پارٽي لٽريچر مطالعي ۾ رهندو هو. ان دوران ئي مون جي ايم سيد جو ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ بہ پڙهيو، جنھن مذهب متعلق هڪ سيڪيولر نڪتہ نظر اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. عوامي تحريڪ سان واسطي جي ڪري منھنجو ڊاڪٽر فيروز احمد سان واسطو ٿيو. ان منھنجي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڪراچي مان اردو ۾ پاڪستان فورم جي نالي سان رسالو ڪڍندو هو. اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ گهڻن مضمونن کانسواء سندس اردو ۾ ٻہ ڪتاب انگولا ڪي آزادي ۽ پاڪستان اور سامراج لکيل آهن. هو پنھنجن دوستن کي مختلف ڪتاب ان تاڪيد سان پڙهڻ لاء ڏيندو هو تہ انھن کي پڙهو پر انھن جي شڪل صورت خراب نہ ڪيو. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ليکڪ طارق علي منھنجي پسند جو ليکڪ رهيو آهي. سندس فڪشن ۽ نان فڪشن جا گهڻا ڪتاب منھنجي مطالعي ۾ رهيا آهن. مون سندس ڪتاب Can Pakistan Survive? جو سنڌي ۾ ترجمو بہ ڪيو جيڪو سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو هو.
پرڏيھي ليکڪن ۾ منھنجو گهڻو لاڙو سوويت ليٽريچر ڏانھن هو. ان ۾ فڪشن ۽ نان فڪشن ٻيئي شامل هوندا هئا. گنڪووسڪي جو ڪتاب پاڪستان جا ماڻھو، گورڪي جو ماء، شولوخوف جو ۽ ڊان وهندو رهيو منھنجي مطالعي ۾ رهيا. ان ئي دور ۾ ٽالسٽائي جو امن ۽ جنگ، دوستووسڪي جا ڪتاب ڏوه ۽ سزا، ڪرامازوف ڀائر، ايڊيٽ ۽ نوٽس فرام انڊر گرائونڊ مطالعي ۾ آيا. ان وقت اهو ضروري نہ هو تہ مون انھن ڪتابن کي پوري ريت سمجهيو هجي، پر انھن جو هڪ تاثر منھنجي ذهن تي ضرور رهجي ويو. آسڪر وائلڊ جون ڪجهہ ڪھاڻيون مون پڙهيون. سندس ڪھاڻي پورٽريٽ آف ڊوريئن گري ڄڻ منهجي ذهن تي نقش ٿي ويئي. ساڳي ريت ايچ جي ويلس جو ناول وار آف ورلڊز ۽ جارج آرويل جو ناول 84، ائنيمل فارم ۽ سندس اسپين جي گهرو ويڙه جي حوالي سان لکيل ڪتاب Homage to Catalonia ڄڻ منھنجي يادگيري جو مستقل حصو بڻجي ويا.
پڙهڻ جو دائرو جيئن وسيع ٿيندو ويو، تيئن دنيا جي مختلف ملڪن جي ليکڪن ۽ سندن ڪتابن جي ڄاڻ ملي. فرانز فينن جو افتادگان خاڪ ۽ ايرڪ فرام جا مختلف ڪتاب هٿ ڪيا. ان وقت بس جنھن ليکڪ ۽ ڪتاب جي ٿوري تعريف ۽ نالو ٻڌبو هو تہ ان جي ڪتابن جي ڳولھا ۽ انھن کي پڙهڻ شروع ٿي ويندوهوس. البرٽ ڪاميو ۽ سارتر کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. انھن مان ڪاميو مون کي وڌيڪ سولو لڳو. سندس ناول پليگ ۽ ٻيا ڪجهہ فڪشن ۽ نان فڪشن جا ڪتاب مطالعي ۾ رهيا.
پنھنجي انقلابي سياست ۽ فيڊل ڪاسترو ۽ چي گويرا جھڙن اڳواڻن جي ڪري لاطيني آمريڪا منھنجي لاءِ ڄڻ تہ خوابن جي سرزمين رهي آهي. هتان جي ادب سان منھنجي باقاعدي واقفيت جي شروعات ان وقت ٿي جڏهين گبريئل گارشيا مارڪيز کي 1980 جي ڏهاڪي ۾ نوبل انعام مليو ۽ سندس ناول اڪيلائي جا سو سال منھنجي مطالعي ۾ آيو. ان کانپوءِ گارشيا منھنجي پسند جو ليکڪ بڻجي ويو ۽ مختلف ذريعن سان سندس ناول، ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ آتم ڪٿا مطالعي ۾ آيا. ان کانپوء لاطيني آمريڪا جي ڪجهہ ٻين ليکڪن ماريو ورگاس للوسا، جنھن کي پڻ نوبل انعام مليو هو، جو مشھور ناولFeast of Goat ، سندس آتم ڪٿا ۽ ٻيا ڪجهہ ڪتاب مطالعي ۾ رهيا. ساڳي ريت آئزبيل آلندي جا ڪتاب House of Spirits, City of Beasts ،Maya’s Note Book مطالعي ۾ رهيا. چلي جي نوبل انعام يافتا انقلابي شاعر پابلو نرودا جون يادگيريون Memoirs پڻ منھنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪيو.
تازو مون فلسطيني شاعر محمود درويش جون يادگيريونMemory for Forgetfulness پڙهيو جنھن ۾ بيروت جي صورتحال ۽ فلسطينين جي جدوجھد کي احساساتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ترڪي جي نوبل انعام يافتا ليکڪ اورهان پامڪ جا ناولRed, Snow ۽ سندس استنبول جون يادگيريون اهم ڪتاب آهن. ترڪي جي هڪ ٻي ليکڪ ايلف شفق جاForty Rules of Love ۽ ڪجهہ ٻيا فڪشن ۽ نان فڪشن جا ڪتاب مطالعي ۾ رهيا. قادر عبدﷲ، جيڪو هڪ قلمي نالو آهي، جو لکيل ناول هائوس آف ماسڪ، ايران جي انقلاب کان اڳ ۽ ٿورو پوءِ واري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو.
ارون دتي رائي پنھنجين لکڻين سان گڏ پنھنجي سماجي ۽ سياسي ڪم جي ڪري بہ ڄاتي وڃي ٿي. سندس نڪسل باغين تي لکيل ڪتاب Walking with the Comrades, ۽ ٻہ ناول The Ministry of Utmost Happiness ۽ God of Small things منھنجي مطالعي ۾ رهيا. ساڳي ريت جميلا هاشمي جو منصور حلاج جي زندگي جي حوالي سان لکيل ناول دشت سوس پڻ مون کي گهڻو متاثر ڪيو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي موضوع تي ڪجهہ ڪتاب منھنجي دلچسپي جو باعث رهيا آهن. سازاگر وال جا ڪتاب سنڌ جا عامل ۽ Sindhi Tapestry سلمان رشيد جوTime of Madness ، ريٽا نندا جو From Quetta to Delhi- A Partition Story ننديتا ڀاوناني جو Making of Exile- Sindhi Hindus and Partition of India ريٽا ڪوٺاري جو ڪتاب The Burden of Refuge- Experiences Sindhis of Gujrat ۽ سندس مضمون RSS in Sindh منھنجي مطالعي ۾ رهيا. ان سان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ جي ڪارڻن ۽ ان کانپوء جي صورتحال جي ڄاڻ ملي ٿي.
2019 ۾ ڪورونا ۽ ان کانپوء عائد ڪيل پابندين جي ڪري منھنجي بينڪ ۾ اچ وڃ گهٽجي بلڪ ذري گهٽ ختم ٿي ويئي آهي. ان جو وڏو نقصان مون کي اهو ٿيو آهي تہ هاڻي آئون لائبريري جي سھولت ان ريت استعمال نہ پيو ڪري سگهان، جيئن اڳ ڪندو هوس. ان جي پورائي ڪنھن حد تائين مختلف دوستن ۽ ويب سائيٽس جي مدد سان اي بڪس وسيلي ٿي وڃي ٿي. اها ڪوشش منھنجي اڳ بہ هوندي هئي تہ مختلف ويب سائيٽ جي وسيلي گهربل ڪتابن جي ڳولھا ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ان ڳالھہ جي باوجود تہ ڪجهہ گهربل مواد ملندو آهي ۽ ڪجهہ نہ ملندو آهي ۽ ڪجهہ اڌورو ملندو آهي پر گوگل سرچ گهڻي فائديمند آهي. رٽائرمنٽ کانپوءِ موبائل منھنجي لاءِ گهڻو فائديمند ثابت ٿيو آهي. آئون ليپ ٽاپ ۽ ڊيسڪ ٽاپ وغيرہ تي هڪ محدود وقت لاء ڪم ڪري سگهندو آهيان، جڏهين تہ موبائل جي حوالي سان اهڙي ڪا پابندي ناهي هوندي ۽ ان کي پنھنجي فارغ وقت ۽ سھولت مطابق استعمال ڪري سگهبو آهي. ان سلسلي ۾ مون سان گهڻن دوستن جي مدد پڻ شامل رهي آهي. هڪ دوست جي صلاح سان مونAny Books جي ويب سائيٽ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ ان کي سبسڪرائب بہ ڪيو. اها هڪ شاهوڪار سائيٽ هئي ۽ ان تي اٽڪل هر موضوع تي گهڻن ليکڪن جا هزارين ڪتاب موجود هئا. ان سائيٽ تي مون فڪشن ۽ نان فڪشن جا گهڻا ڪتاب پڙهيا، پر اوچتو اها سائيت ڪجهہ سببن ڪري بند ٿي ويئي ۽ مون کان هڪ بھترين ذريعو کسجي ويو. ساڳي ريت اردو ڪتابن لاء ريکتا اردو رسالن ۽ ڪتابن لاء هڪ ڪارائتي سائيٽ آهي جڏهين تہ مبشر علي زيدي کا ڪتب خانہ تي اڙدو ۽ انگريزي جا گهڻا ڪارائتا ڪتاب ملي وڃن ٿا. سنڌي ڪتابن جي حوالي سان سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ آهي، جنھن تي مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب موجود آهن ۽ انھن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ٿي رهيو آهي.
منھنجو دنيا سان لاڳاپي ۽ رابطي جو اهم وسيلو منھنجا ڪتاب ۽ منھنجو مطالعو آهن. ان سان پنھنجي شھر ۽ ملڪ جي ماڻھن سان گڏوگڏ دنيا جي مختلف علائقن ۽ ملڪن جي ماڻھن جي ڪلچر، انھن جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن، انھن جي جدوجھد، رسمن، عقيدن ۽ عادتن وغيرہ جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ ماڻھو اهو محسوس ڪري ٿو تہ هو اڪيلو ۽ محدود نہ پر ان سڄي دنيا ۽ وشال ڪائنات جو هڪ حصو آهي. منھنجو مطالعو مون کي اهو احساس ڏياريندو آهي تہ اڃا گهڻو ڪجهہ آهي جنھن جي مون کي ڄاڻ ناهي. ساڳي وقت نوان جذبا ۽ نوان احساس ماڻھن ۽ پنھنجي سماج سان هڪ مثبت ناتو قائم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا آهن.
انساني سماج کي انفرادي ۽ اجتماعي طور اڳتي وڌائڻ لاء مطالعي جي گهڻي اهميت آهي ۽ ڪوشش ڪري ان جي همت افزائي ڪجي..