آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪراچي: ڌرڻا ۽ آئون

ملڪ ۾ جتي بہ ڪا ڳالھہ ٿئي ٿي تہ ان جو اثر ڪراچي، ان جي معاشي ۽ سماجي زندگي ۽ ان جي شھرين تي پوڻ لازمي آهي. پوءِ ڀلي ان جو واسطو شھر سان هجي يا نہ. هڪ ڊگهي عرصي تائين وڳوڙن جو شڪار رهڻ کانپوءِ شھر ۾ ڪجهہ سڪون ٿيو آهي. پر مستقل مفاد رکندڙ ڌريون ڪنھن موسي بھاني سان ان کي ڊسٽرب ڪنديون رهنديون آهن.
ڪجهہ سال اڳ اهي ڊسمبر جا ڏينھن هئا تہ ڪوئيٽا ۾ دھشت گردي خلاف شھر جي مختلف علائقن ۾ ڌرڻا هنيا ويا هئا ۽ شھر جي زندگي ڄڻ مفلوج ٿي ويئي هئي. مون کي ڪنھن ضروري ڪم سان آفيس وڃڻو هو. گلشن حديد کان تہ ڪنھن روڪ ٽوڪ ۽ رڪاوٽ کانسواء نڪري آياسين. ملير پندرنھن تي رستو بند هو ۽ اڳتي وڃڻ جي ڪا واٽ نہ هئي. اسان سوچيو تہ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا وارو روڊ صاف هوندو، اتان نڪري وينداسين. مختلف گهٽين مان ٿيندا سڙڪ تي پھتاسين. اڃا ڪجهہ اڳتي وياسين تہ ماڻھن جو هڪ هجوم، جنھن ۾ گهڻا ننڍي عمر جا ڇوڪرا هئا، ڏنڊا دڪا کنيو گاڏين کي روڪي رهيا هئا. ان صورتحال ۾ پوئتي موٽڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نہ هئي. اهو شڪر ڪيوسين تہ انھن اسان کي پوئتي موٽڻ ڏنو ۽ پوءِ پاڻ کي بچائي موٽي اچي گهر پھتاسين.
اهڙي صورتحال ان وقت بہ ٿي هئي جڏهين گلشن اقبال ۾ منھنجي ڀاءُ جي ڌيءَ جي شادي هئي ۽ اتي وڃڻ ضروري هو. ان وقت بہ ڪوئيٽا جي واقعن جي ڪري شھر متاثر ٿيو هو ۽ مختلف علائقن ۾ ڌرڻا لڳل هئا ۽ روڊ رستا بند هئا. ان وقت گلشن حديد بہ متاثر هو ۽ هتي ڌرڻي جي ڪري گهر مان قدم ٻاهر رکڻ ئي ڏکيو هو. اهڙي ريت قائد آباد تائين پھچڻ جو تہ سوال ئي نہ هو، بلڪ نيشنل هائي وي کي سپر هائي وي سان ڳنڍيندڙ لنڪ روڊ بہ بند هو. ان ڏينھن تہ وڃڻ جي ڪا واٽ نہ هئي ۽ ڀاءُ جي اصرار جي باوجود بہ نہ وڃي سگهيس.
تازو ستاويهہ ڊسمبر تي وري اهڙي صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو. پاراچنار ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال، وڏي جاني نقصان ۽ اتي سڙڪ بند ٿيڻ واريون خبرون گهڻن ڏينھن کان اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن. 26 ڊسمبر تي فيس بڪ ذريعي روڊ بند ٿيڻ ڪري، ڊرگ روڊ کان ملير پندرنھن تائين ٽريفڪ جام ٿيڻ جون ڳالھيون هيون. منھنجي ذهن ۾ اها ڳالھہ هئي تہ اها رڳو ان ڏينھن ۽ وقت جي ڳالھہ هئي ۽ مسئلو هاڻي حل ٿي ويو هوندو. اهڙي ريت پروگرام موجب آئون صبوح هتان بينڪ وڃڻ لاءِ نڪتس. گلشن حديد کان ملير پندرنھن تائين ڪنھن قسم جي احتجاج يا پريشاني جا ڪي آثار نہ هئا. پل کان اڳتي وڃڻ لاءِ رستو بند هو ۽ پوليس رڪاوٽون رکي ڇڏيون هيون. ڪورنگي واري رستي جي پڇا ڪري ملير ڪورٽ جي پويان واري گهٽي مان نڪتاسين. اڳتي رستي جي پڇا ڪرڻ تي هڪ همراه هڪ ٻئي رستي جو ٻڌايو تہ اهو سڌو قيوم آباد ويندو. اهو رستو دراصل ملير ايڪسپريس وي جو هڪ حصو هو جيڪو گهڻي قدر تہ ٺھي ويو آهي پر ڪجهہ حصن تي ان جو ڪم اڃا هلندڙ آهي. ملير نئين مان اهو رستو وڃي ٿو. اسان ڪنھن پريشاني کانسواء ٿوري وقت ۾ قيوم آباد ۽ پوء اتان مائي ڪولاچي کان ٿيندا ٽاور پھچي وياسين. پنھنجا ڪم ڪار لاهي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کان ٿيندا گلشن حديد پنھنجي گهر پھچي وياسين. ان وقت تائين ان رستي تي ڪا روڪ ٽوڪ نہ هئي.
اهو معاملو اربع ڏينھن نمائش بندر روڊ تي ڌرڻي کان شروع ٿيو هو ۽ پوءِ اهو شھر جي ٻين علائقن ۾ ڦھلجي ويو. اسان جي گهر پھچڻ کانپوءِ خبر پيئي تہ ان ڏينھن شام جو اسٽيل ٽائون موڙ پڻ بند ٿي ويو هو.
هڪ غيريقيني واري صورتحال هئي، جنھن ۾ چوڻ کي تہ اهي ڌرڻا ۽ ان ۾ شامل ماڻھو پرامن هوندا آهن، پر اهي ڪنھن وقت بہ پرتشدد ٿي سگهن ٿا. خاص طور اهو امڪان اڃا وڌي وڃي ٿو جڏهين ٻيا مذهبي گروه بہ شھر ۾ ڌرڻن جي ڳالھہ ڪن ٿا. هن وقت شھر ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ۽ هر ڪو خير خيريت جون دعائون پيو گهري. ان ۾ محفوظ واٽ تہ ماٺ ڪري گهر ويھي رهڻ آهي. پر اهو مسئلي جو حل ناهي. نوڪري پيشہ ماڻھو تہ کڻي ائين ڪري، پر شھر جي آبادي جي گهڻائي اهڙن پورهيتن جي آهي، جن جو گذران ئي آڻين ۽ چاڙهين تي آهي. اهي ئي ماڻھو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. ساڳي ريت گهڻن ماڻھن کي ايمرجنسي ۾ اسپتال وغيرہ پھچڻو هوندو آھي، جيڪا ڳالھہ انھن حالتن ۾ ممڪن ناهي هوندي. اهي بہ خبرون آهن تہ ان صورتحال جي ڪري گهڻا ماڻھو وقت تي پنھنجي فلائيٽ لاءِ ايئر پورٽ نہ پھچي سگهيا.
ڏٺو وڃي تہ اهي معاملا لاڳاپيل صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سان واسطو رکن ٿا ۽ اهي ئي ان سلسلي ۾ ڪي جوڳا قدم کڻي سگهن ٿا.