آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڌرڻا

خاص طور سنڌ ۾ مختلف مسئلن تي احتجاج لاء ڌرڻا هڪ اهم ذريعو بڻجي ويا آهن. ان سان مسئلا ڪيتري قدر حل ٿين ٿا يا رڳو ڌرڻي وارن جي تسلي ٿئي ٿي ان متعلق سڀني کي ڄاڻ آهي.
ڪراچي ملڪ جو وڏو شھر آهي ۽ ساڳي وقت بدانتظامي جو پڻ شڪار آهي. شھري سھولتن بجلي، پاڻي ۽ گيس وغيرہ جي حوالي سان شھر جي سڀني ماڻھن سان مسئلا آهن. پر ڳالھہ اها آهي تہ ڌرڻن جي ڪري ان عام ماڻھو جي زندگي متاثر ٿئي ٿي، جيڪو اڳ ئي مھانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين گهڻن مسئلن جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي.
ڪالھہ منھنجي پٽ طاهر کي آفيس مان موٽڻ ۾ دير ٿي ويئي. اٽڪل سوا نائين وڳي ان مون کي فون ڪيو تہ آئون آفيس مان نڪران پيو. منھنجو خيال هو تہ يارنھن سوا يارنھن تائين گهر پھچي ويندو، جيئن عام طور ٿيندو آهي. ان دوران مون کي خبر پيئي تہ رزاق آباد جي ويجهو عبدﷲ ڳوٺ جي ماڻھن ٻن ڏينھن کان بجلي نہ هئڻ ڪري هائي وي بند ڪري ڇڏي هئي. مون اهو ٻڌائڻ لاء کيس فون ڪيو تہ هن ٻڌايو تہ ملير پندرنھن وٽ بہ ماڻھن بجلي ۽ پاڻي تي احتجاج ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو هو، جيڪو گهڻي دير کانپوء کليو. عبدﷲ ڳوٺ وٽ روڊ بند هئڻ ڪري ڊرائيور بس کي ٻئي پاسي ڏانھن موڙيو پر پورٽ قاسم واري روڊ تي هڪ ٽرالي جي خراب هئڻ ڪري بس ڪلاڪ کن اتي ڦاٿل رهي. ڊرائيور هوشياري ڪندي بس کي مھراڻ ايڪسپريس وي ڏانھن موڙي ڇڏيو ۽ اهڙي ريت يارنھين وڳي گهر پھچڻ وارو ماڻھو اٽڪل هڪ وڳي گهر پھتو.