ڪراچي جو ادبي منظر نامو
شھر ۾ اڙدو ادب جي حوالي سان گهڻيون سرگرميون ٿينديون هيون. انھن مان منھنجو واسطو ڪجهہ تنظيمن سان هو. عوامي ادبي انجمن شھر ۾ ترقي پسند اديبن جو هڪ اهم فورم هو. ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي ادبي پليٽ فارم انجمن ترقي پسند مصنفين تي پابندي کانپوءِ ڪنھن متبادل پليٽ فارم جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، جتي مختلف ٻولين جا ترقي پسند ليکڪ گڏ ٿي سگهن. ڊاڪٽر م ر حسان ملڪ جي اهم ليکڪن جي سھڪار سان عوامي ادبي انجمن قائم ڪئي. اڳتي هلي اها ڄڻ ڊاڪٽر حسان جي سياسي جماعت ڪميونسٽ ليگ جو کليل ادبي پليٽ فارم بڻجي ويئي. ان جي معاملن کي هلائڻ وارا گهڻو ڪري پارٽي جا ڪارڪن هوندا هئا. نور محمد شيخ ڊاڪٽر حسان جو شاگرد ۽ ساڳي وقت پارٽي جو ڪارڪن هو. هو انجمن جو سيڪريٽري ۽ معاملن کي هلائيندڙ هو. پارٽي جا ٻيا ڪارڪن جھڙوڪ لالا لعل بخش رند، فصيح الدين سالار ۽ اختر حسين ايڊوڪيٽ بہ ان ۾ سرگرم هوندا هئا. ان جون باقاعدي ماهوار گڏجاڻيون ادارہ امن و انصاف جي رمپا پلازه جي هال ۽ پي ايم اي هائوس ۾ ٿينديون هيون. انھن گڏجاڻين ۾ شھر جا گهڻا ترقي پسند اديب ۽ سياسي ڪارڪن شريڪ ٿيندا هئا. ان کي سرگرم رکڻ ۾ نورمحمد شيخ جو اهم ڪردار هو، جيڪو ان جي لاء ماڻھن کي نہ رڳو باقاعدي دعوت ڏيندو هو پر گڏجاڻي ۾ انھن جي لاء چانھن ۽ بسڪٽ وغيرہ جو انتظام بہ ڪندو هو. ڊاڪٽر حسان جيتوڻيڪ هارون ڪاليج جو وائس پرنسپل هو، پر منھنجي روبرو ساڻس ڪا ملاقات نہ ٿي. جڏهين مون عوامي ادبي انجمن جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو، ان کان اڳ ڊاڪٽر صاحب جو انتقال ٿي چڪو هو ۽ اهڙي ريت سندن صحبت مان استفادو نہ ڪري سگهيس. نورمحمد شيخ ۽ لالا لعل بخش رند لياري ۾ منھنجي گهر جي ويجهو ئي رهندا هئا. انھن سان ڄڻ منھنجو هڪ ذاتي تعلق جڙي ويو. انجمن جي گڏجاڻي کانپوءِ اسان ڪجهہ دوست پنڌ لياري ۾ پنھنجن گهرن ڏانھن نڪرندا هئاسين ۽ کل ڀوڳ، ڪچھري ڪندا ۽ ڪنھن هوٽل تي ويھي چانھن پي گهر پھچندا هئاسين. اسان جو اڪثر هڪ ٻئي جي گهر بہ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. فصيح سالار جو پي اي سي ايچ ايس ۾ گهر هو. هو ڪنھن خاص موقعي تي دوستن کي مدعو ڪندو هو جنھن ۾ ٻين دوستن سان گڏ اختر حسين ايڊوڪيٽ، جيڪو فصيح جو ڀيڻويو بہ آهي، بہ شريڪ هوندو هو.
انجمن جي گڏجاڻين ۾ پاڪستان جي مختلف ٻولين جا گهڻا ترقي پسند اديب شامل هوندا هئا. انھن ۾ حسن عابدي، سرور جاويد، رحيم بخش آزاد، ن م دانش ۽ ٻيا دوست هوندا هئا.
منھنجي نظر ۾ انجمن جي هڪ خامي ۽ ڪمزوري اها هئي تہ ان کي هڪ شخص نورمحمد شيخ هڪ مذهبي فرض جيان هلائيندو هو. گهڻي عرصي تائين هو ان جون گڏجاڻيون مختلف جاين تي منعقد ڪندو رهيو. هن وقت انجمن گهڻي سرگرم ناهي.
ڪراچي جي ڪجهہ دوستن پاران، جيڪي ڪنھن وقت ترقي پسند سياست سان ڪنھن ريت لاڳاپيل رهيا هئا، شھر ۾ نظرياتي ۽ ادبي سطح تي انھن سرگرمين کي وري جاري ڪرڻ لاء سرگرمي شروع ڪئي ويئي. انھن ۾ محمد علي صديقي، واحد بشير، پروفيسر نصير، حسن عابدي، پروفيسر حسن عابد، راحت سعيد ۽ ٻيا ڪجهہ دوست شامل هئا. انھن ارتقاء جي نالي سان هڪ فورم قائم ڪيو جنھن جون ماهوار گڏجاڻيون گلشن اقبال ۾ پروفيسر نصير جي ڪاليج ۽ ٻين جاين تي ٿينديون هيون. ان فورم پاران پنھنجن ميمبرن تي هڪ هزار روپيا فنڊ مقرر ڪيو ويو. انھن پيسن مان ارتقاء رسالو جاري ڪيو ويو. ڪجهہ عرصي کانپوء حسن اسڪوائر جي ويجهو احمد سينٽر ۾ ارتقاء جي باقاعدي آفيس قائم ڪئي ويئي، جتي گڏجاڻيون ۽ ليڪچر پروگرام وغيرہ ٿيندا هئا. مختلف وقتن تي وڏا پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا هئا، جن ۾ نہ رڳو ملڪ جي ٻين شھرن پر پرڏيھہ جا ليکڪ پڻ شريڪ ٿيندا هئا. هن وقت ڪڏهين ڪڏهين ڪي ليڪچر ۽ ٻيا پروگرام وغيرہ ٿيندا آهن، پر ڪا گهڻي سرگرمي ناهي. ساڳي ريت ويجهڙ ۾ ارتقاء رسالي جو بہ ڪو پرچو نظر ناهي آيو.
انھن دوستن شھر جي ادب سان دلچسپي رکندڙ ڪجهہ ٻين دوستن سان گڏجي انجمن ترقي پسند مصنفين جي احياء جي ڪوشش ڪئي. ان جي تنظيم سازي ڪئي ويئي. حسن عابدي ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ آئون جوائنٽ سيڪريٽري ٿيس. ان جون گڏجاڻيون پي ايم اي هائوس ۾ ٿينديون هيون. پر ڪجهہ عرصي کانپوء اها تنظيم غيرسرگرم ٿي ويئي. جيئن ترقي پسند تنظيمن جي روايت رهي آهي اها تنظيم تقسيم در تقسيم جو شڪار ٿي ويئي. ان جا گهڻا دعويدار نڪري آيا. هن وقت چيو وڃي ٿو تہ ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ان جا چار ڌڙا ڪم ڪري رهيا آهن.
انھن کانسواء شھر جي پسگردائي وارن علائقن ۾ مختلف تنظيمون پنھنجيون گڏجاڻيون ڪنديون هيون. انھن ۾ اهم ملير ۾ بزم علم و دانش هئي. جنھن جو روح روان منصف رضا هو. ان جي وفات کانپوءِ اها تنظيم بہ ڄڻ ختم ٿي ويئي.
ڪراچي پريس ڪلب شھر جي صحافين، ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن جي گڏجڻ جي هڪ اهم جاء هئي. هتي نہ رڳو سياسي جماعتون پنھنجا جلسا ۽ گڏجاڻيون ڪنديون هيون، پر اها سھولت اديبن ۽ ادبي تنظيمن کي بہ حاصل هوندي هئي. هڪ تہ پريس ڪلب جي پنھنجي ادبي ڪاميٽي هوندي هئي، جنھن ۾ نعيم آروي، زيب اذڪار حسين، حسن عابدي ۽ جان خاصخيلي، جيڪي ساڳي وقت صحافي ۽ اديب هوندا هئا، ان ڪاميٽي ۾ شامل هوندا هئا. هڪ لحاظ کان اهي سڀ شھر جي مختلف ترقي پسند ادبي تنظيمن سان لاڳاپيل فرد هوندا هئا. اها ڪاميٽي هڪ تہ پنھنجي ليکي مختلف پروگرام ترتيب ڏيندي هئي ۽ ٻيو مختلف ادبي تنظيمن سان گڏجي پروگرام ڪندي هئي. سنڌي ادبي سنگت پاران پريس ڪلب جي سھڪار سان گهڻا وڏا ۽ ننڍا پروگرام ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ سنگت کي اهو فائدو حاصل هو تہ ان جا گهڻا ڪارڪن ساڳي وقت صحافي ۽ پريس ڪلب جا رڪن بہ هئا، جنھن جي ڪري کين اتان جي سھولتن کي حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نہ ٿيندي هئي.
گهڻين ٻولين واري شھر هئڻ ڪري مختلف ٻولين جي اديبن ۽ انھن جي تنظيمن سان له وچڙه ۾ اچڻ جو موقعو ملندو هو. شھر ۾ ڇڪتاڻ واري وقت بہ ڪجهہ ان وهڪري ۾ وهي بہ ويندا هئا، پر انھن تنظيمن جي ڪارڪنن جي اها ڪوشش هوندي هئي تہ پنھنجا هوش و حواس برقرار رکن ۽ گهٽ ۾ گهٽ پاڻ شھر ۾ هڪ ڀائپي ۽ امن امان واري ماحول کي برقرار رکڻ ۾ مدد گار ثابت ٿين. انھن جو مثال ان ڏيئي جهڙو هو، جيڪو سج جي لھڻ کانپوء بہ اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ هو اونداهي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. هن وقت شھر جي ادبي ماحول ۾ گهڻي ڀاڱي ماٺارآهي ۽ مختلف تنظيمن پاران جيڪي ماهوار ۽ هفتيوار گڏجاڻيون ۽ پروگرام ڪيا ويندا هئا اهي نہ ٿا ٿين.
