آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

منھنجا اسڪول ۽ استاد

ماڻھو سڄي عمر سکڻ جي عمل ۾ هوندو آهي. جيئن چوندا آهن تہ ماءُ جي هنج کان وٺي قبر تائين اهو عمل جاري رهندو آهي. گهر ۽ پاڙي جو ماحول، ڪتاب ۽ تعليمي ادارا ڪنھن جي شخصيت کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ان جا مثبت ۽ منفي ٻيئي پاسا هوندا آهن. وقت سان گڏوگڏ ماڻھو ڪن لاڙن ۽ خيالن کي قبول ڪندو ۽ ڪن کي رد ڪندو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم ڏيندڙ استادن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اڳ ۾ تہ مائٽ ٻار کي استاد جي حوالي ڪري پاڻ آجا ٿي ويندا هئا ۽ اها استاد جي مرضي هوندي هئي تہ هو ٻار سان ڪھڙو بہ ورتاء ڪري.
اسان جي دور۾ هن وقت جيان اهڙا پرائيويٽ اسڪول نہ هوندا هئا جيڪي تجارتي بنياد تي ٻارن کي تعليم ڏين. ان وقت هڪ تہ سرڪاري اسڪول هوندا هئا ۽ ٻيا مخير ماڻھن يا مختلف سماجي تنظيمن پاران قائم ڪيل اسڪول هوندا هئا جيڪي معمولي في ۾ شاگردن کي گهڻيون سھولتون ڏيندا هئا.
مٺي در ۾ اسان جي رهائش دوران جيتوڻيڪ مون کي هڪ ٻہ ڀيرا ڪاغذي بازار ۾ هڪ اسڪول ۾ موڪليو ويو هو جنھن جي مون کي بس ايتري يادگيري آهي تہ ان جي لوه جي گول ڏاڪڻ هوندي هئي. نوآباد منتقل ٿيڻ کانپوء مون باقاعدي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو.
اتي اسان جي گهر جي سامھون سرڪاري ڏيپچند ٽي اوجها پرائمري اسڪول هو. اها ڪاٺ جي ٺھيل هوندي هئي. ان سان گڏ هڪ وڏو گرائونڊ هوندو هو جتي ٻار بہ راند ڪندا هئا ۽ شام جو لياري جي مختلف فٽبال ٽيمن جا ميچ بہ ٿيندا هئا. هن وقت اها صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. اسڪول ۽ ميدان ڪرن فائونڊيشن نالي هڪ اين جي او جي حوالي ڪيا ويا آهن جتي هاڻي نئين عمارت ۾ اوسي پاسي جا ٻيا گهڻا اسڪول بہ منتقل ڪيا ويا آهن. چوڌاري هڪ وڏي ديوار ٺاهي ميدان ۾ داخلا بند ڪئي ويئي آهي.
منھنجو گهڻو شوق پڙهائي وغيرہ ۾ نہ هوندو هو. بس دوستن سان راندين ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي هوندي هئي. جڏهين تہ منھنجن مائٽن کي مون کي پڙهائڻ جو وڌيڪ فڪر هوندو هو. اهي زوري مون کي اسڪول موڪليندا هئا. هاڻي آئون سوچيان ٿو تہ مون کي لڳي ٿو تہ انھن چڱو ڪيو نہ تہ ٻي صورت ۾ تہ آئون ڪنھن ڪم جو نہ هجان ها.
ان وقت اسڪول ۾ ٻار تي اڄ جيان پڙهڻ جو دٻاء نہ هوندو هو ۽ نہ ئي پرائمري سطح تي کيس ڪي ڪتاب ۽ ڪاپيون کڻي وڃڻا پوندا هئا. سليٽ ۽ چاڪ هوندو هو. صورتخطي وغيرہ جي مشق ۽ ان کي سڌارڻ وغيرہ جي بہ ڪا پابندي نہ هئي. پي ايل 480 تحت ٻارن کي هاف ٽائيم ۾ آمريڪا مان آيل کير پيئاريو ويندو هو ۽ گيه جا بند دٻا ڏنا ويندا هئا جيڪي اهي گهر کڻي ويندا هئا.
اسڪول ۾ يقينن گهڻا استاد هئا پر مون کي رڳو هڪ استاد ياد آهي. سندس نالو تہ الائي ڇا هو پر کيس قاضي صاحب ڪري سڏيندا هئاسين. انتھائي نرم مزاج جو استاد هو. سندس هٿ ۾ ڪڏهين لڪڻ نہ ڏٺو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اٿڻ ويھڻ ۽ کاڌي پيتي جا طور طريقا ٻڌائيندو هو. مون کي اڃا تائين سندس ٻئي ڪنھن کي پاڻي پيئارڻ جو ٻڌايل طريقو ذهن تي نقش ٿيل آهي. قاضي صاحب اتي پاڙي ۾ رهندو هو. اهي استاد پنھنجن شاگردن جي خبر چار رکندا هئا. منھنجي اسٽيٽ بينڪ ۾ وڃڻ تائين ساڻس رستي پنڌ سلام دعا ٿيندي هئي. هڪ ڏينھن منھنجي بينڪ جي هڪ دوست ٻڌايو تہ قاضي صاحب کيس ٻڌايو هو تہ منھنجو بہ هڪ شاگرد اسٽيٽ بينڪ ۾ ملازم آهي. ڪافي عرصي کان سائين جي ڪا خبر چار ناهي.
هن اسڪول ۾ چار درجا پڙهڻ کانپوء پنجين درجي ۾ گهر کان سڌ پنڌ تي حاجي عبدﷲ هارون اسڪول ۾ داخل ٿيس. هن اسڪول ۾ سنڌي اڙدو ۽ گجراتي ميڊيم هوندي هئي. هڪ لحاظ کان اهو اسڪول هڪ ڪامپليڪس جو حصو هو. ان سان يتيم خانو ۽ ڊسپينسري بہ هئي. مولوي محمد صادق کڏي واري جو مدرسو ۽ جامع مسجد بہ ان ڪامپليڪس جو حصو هئا. ان وقت هڪ هوٽل ۽ ڪجهہ دوڪان بہ ان جو حصو هئا. ان جي سامھون ئي عيدگاه ۽ ڪجهہ دوڪان هوندا هئا جن کي ان ڪامپليڪس جي ايڪسٽينشن ڪري ليکي سگهجي ٿو. منھنجي مئٽرڪ ڪرڻ کان اڳ اسڪول سان گڏ ئي هارون ڪاليج قائم ڪيو ويو.
پيپلز پارٽي جي پھرين حڪومت جي دور ۾ تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو. ان قدم جو مقصد تعليم کي عام ڪرڻ ۽ ان کي هيٺين طبقن تائين پھچائڻ هو. پر ان سلسلي ۾ مختلف ادارن ۾ فرق ڪرڻ ضروري هو. حاجي عبدﷲ هارون جي نالي سان جيڪي ادارا هلي رهيا هئا هڪ تہ انھن جي تعليم وغيرہ جو معيار بھتر هو ۽ ٻيو تہ انھن جو مقصد نفعو ڪمائڻ نہ پر علائقي جي ماڻھن جي ڀلائي هو. انھن ادارن کي پوء آيل حڪومت پاران هارون فيميلي کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ويئي پر انھن انھن کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اسڪول سان گڏ هڪ وڏو گرائونڊ هو جتي روز صبوح جو اسمبلي ٿيندي هئي. پي ٽي جو استاد، جنھن جي مڇين جي اسٽائل جي ڪري کيس ڇوڪرا هٽلر چوندا هئا، ان ڳالھہ تي نظر رکندو هو تہ ڪير دير سان آيو آهي ۽ اسمبلي ۾ نہ پھتو آهي. سندس سزائن جي ڪري اها ڪوشش هوندي هئي تہ وقت جي پابندي ڪئي وڃي. ان وقت اسان کي سياسي معاملن وغيرہ جي گهڻي خبر نہ هوندي هئي. اسان جي پاڙي ۾ ئي اسلم عباسي نالي جو هڪ اڳواڻ رهندو هو. ايجيٽيش ۽ مظاهرا وغيرہ ڪرڻ سندس ڪم هوندو هو. ان وقت شھر ۾ ڪنھن مسئلي تي شايد ڪو احتجاج هلي رهيو هو. صبوح جو اسمبلي هلي رهي هئي ۽ استاد ِ۽ شاگرد بيٺا هئا تہ اسلم هڪ پٿر هٿ ۾ کڻي اچي هيڊ ماسٽر جي ڀر ۾ بيٺو ۽ ان کي اسڪول جي موڪل ڪرڻ لاء چيائين. ان وقت هيڊ ماسٽر وٽ اهڙي اعلان ڪرڻ کانسواء ٻي ڪا واٽ نہ هئي.
خير محمد سومرو اسڪول جو هيڊ ماسٽر هو. الجبرا جي مضمون تي کيس مھارت حاصل هوندي هئي. سندس ان مضمون تي هڪ ڪتاب بہ لِکيل هو ۽ اها شاگردن کي پڙهائيندو بہ هو. هو اسان جي پاڙي جي ويجهو رهندو هو. انتھائي شريف ۽ نرم طبيعت جو انسان. سندس هٿ ۾ مون ڪڏهين لڪڻ نہ ڏٺو ۽ نہ ئي شاگردن کي سزا ڏيندي ڏٺو.
علوي صاحب اسسٽنٽ هيڊ ماسٽر هو. اهڙو ماڻھو جيڪو هميشہ آرام سان رهڻ چاهيندو هو ۽ ڪڏهين ڪلاس ۾ بہ ايندو هو تہ نہ پاڻ گهڻي تڪليف ڪندو هو ۽ نہ ئي شاگردن کي تڪليف ڏيندو هو.
قربان جعفري ڊرائنگ جو استاد هو. هو اسان جي پاڙي ۾ تہ رهندو هو پر ذاتي طور بہ اسان جي خاندان جي گهڻو ويجهو هو ۽ اسان کيس ماما چوندا هئاسين. هو ڪڏهين ڪڏهين مون کي پنھنجي گهران ماني کڻي اچڻ لاء بہ موڪليندو هو. پر ڊرائنگ اهڙو مضمون هو جنھن ۾ منھنجي ڪا گهڻي دلچسپي نہ هوندي هئي.
ابراهيم لاسي نالي هڪ استاد هوندو هو. مون کي ياد ناهي تہ هو ڪھڙو مضمون پڙهائيندو هو. پر سندس تاثر هڪ دھشت وارو هو. هڪ ڏنڊو سدائين سندس هٿ ۾ هوندو هو. اها ڌار ڳالھہ آهي تہ اهو ڏنڊو مون کيس ڪنھن کي هڻندي نہ ڏٺو. سندس هڪ ڀاءُ محمد موسيٰ منھنجو ڪلاس فيلو هوندو هو ۽ سدائين پنھنجي ڀاءُ کان هيسيل هوندو هو. ابراهيم لاسي اسان جي ويجهي دوست ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن رحمان خاصخّيلي مرحوم جو مامو هو. هو پوءِ پوليس ۾ هليو ويو جيڪا آئون سمجهان ٿو تہ سندس لاءِ مناسب جاءِ هئي. هڪ ٻيو استاد، جنھن جو نالو مون کي وسري ويو آهي، گهڻو عرصو اسڪول مان غيرحاضر رهيو. سندس متعلق اها ڳالھہ مشھور هئي تہ هن پنھنجي زال کي قتل ڪيو هو. پوء هو اسڪول تہ موٽي آيو پر اها خبر نہ پئجي سگهي ۽ ان ڳالھہ ۾ ڪيتري سچائي هئي.
ماستر وهاب حساب ۽ ٻيا مضمون پڙهائيندو هو. هي انتھائي اذيت پسند ۽ ٻارن کي مارڏيڻ کانسواءِ انھن کي مختلف ٻين ڪلاسن ۾ وٺي اتان جي ٻارن کان بيعزت ڪرائيندو هو. نفسياتي طور ان جا نھايت گھرا اثر ٿيندا هئا، جيڪي شايد پوري زندگي لاء هجن ٿا. حساب جي مضمون ۾ ڪمزور هئڻ جي ڪري آئون ان جي اذيت ناڪ ورتاءَ جو شڪار رهيس. آئون ان کي استاد چوڻ بہ نہ چاهيندو آهيان. جڏهين بہ سندس خيال منھنجي ذهن ۾ ايندو آهي تہ هڪ نفرت ۽ ڪروڌ اچي ويندي آهي، جيڪا ڪنھن بہ ٻئي استاد لاء ناهي هوندي.
سائين عبدالرزاق ڀنڊ سنڌي جو استاد هوندو هو. کيس پنھنجي صورتخظي جي سٺي ۽ سھڻي هئڻ جو ڪريز هوندو هو. گهڻا ڇوڪرا کيس خوش ڪرڻ يا مذاق ڪرڻ لاء سندس بليڪ بورڊ تي لکيل اکرن لاء چوندا هئا تہ اهي هيرا موتي آهن اسان کي ڏيو تہ گهر کڻي وڃون. هڪ ڀيري ائين ٿيو تہ سائين ڪلاس پي ورتي تہ هڪ شاگرد ٿوري دير سان پھتو ۽ سائين کان انگريزي ۾ ڪلاس ۾ اچڻ جي اجازت گهري. سائين صفا ڪاوڙجي ويو تہ هڪ تہ دير سان آيو آهين ۽ ٻيو وري انگريزي ٿو ڳالھائين. سائين ڪلاس مان ان جي پويان ڊوڙندو ان کي ٻاهر ڇڏي آيو.
سائين تاج سمون نھايت ئي حليم ۽ نرم طبيعت جو ماڻھو هوندو هو. سندس علم ۽ ادب سان واسطو هوندو هو. اديون رسالي جون ڪاپيون ڪلاس ۾ کڻي ايندو هو. ان وقت رسالي جي قيمت اٺ آنا هئي. هو شاگردن کي رسالي وٺڻ ۽ پڙهڻ لاء همٿائيندو هو. گهڻو عرصو پوء جڏهين آئون يونيورسٽي ۾ هوس تہ مون کي هارون ڪاليج پاران ٿيندڙ لطيف ڊي جي موقعي تي مليو هو ۽ يونيورسٽي جي سرگرمين جي حوالي سان هلال پاڪستان ۾ منھنجن مضمونن کي ساراهيندي پٺي ٺپي ان ڪم کي جاري رکڻ لاء چيائين. سائين سان ڪا ٽريجڊي ٿي ويئي ۽ هو اوچتو غائب ٿي ويو ۽ پوء سندس ڪو ڏس پتو نہ ملي سگهيو.
مئٽرڪ تائين آئون ان اسڪول ۾ رهيس ۽ گڏيل سڏيل يادون کڻي نڪتس.