آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جا دوست (1)

اسٽيٽ بينڪ ۾ هڪ ڊگهي عرصي جي نوڪري دوران مون مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ منھنجو گهڻن ماڻھن سان واسطو پيو. اهو تعلق مختلف ماڻھن سان مختلف نوعيت جو هو. ڪن سان ويجهڙائي هوندي هئي ۽ ڪن سان رڳو ڪم جي حد تائين يا رسمي سلام دعا هوندي هئي.
جيتوڻيڪ اسان جو سڄو ڪم انگن اکرن جو هوندو هو، پر ان دور ۾ ڪمپيوٽر وغيرہ جو تہ تصور ئي نہ هو، بلڪہ جيڪي ڪيلڪيوليٽر هئا، انھن کي بہ ڪاغذ وجهي هينڊل هلائي استعمال ڪبو هو. ڪجهہ وقت کانپوء اليڪٽرانڪ ڪيلڪيولِيٽر ڏنا ويا. بھي کاتي وارا رجسٽر هوندا هئا، جن تي سڄو حساب ڪتاب ٿيندو هو. شروع ۾ منھنجي جنھن سيڪشن ۾ پوسٽنگ ٿي، اتي مون سان گڏ رشيد نالي همراه هوندو هو. اسان جو گڏيل ڪم هوندو هو. پر هن سان گهڻي ڪچھري وغيرہ نہ ٿيندي هئي، بس ڪم سان ڪم هوندو هو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ هو ڪينيڊا هليو ويو. منھنجو دوست ظفر جڏهين ڪينيڊا ويو تہ اتي سندس رشيد سان ملاقات ٿي هئي. هتي اسان سان گڏ هڪ ٻيو آفيسر ظفر علي هو. هن جو واسطو ڊيرہ غازي خان جي داجل تحصيل سان هو. هي مون کان هڪ سال کن اڳ بينڪ ۾ آيو هو. نھايت فضيلت وارو ماڻھو، ڪنھن کي ڪم کان منع نہ ڪندو هو. هو گهڻو عرصو ريسرچ ڊپارٽمينٽ ۾ رهڻ کانپوء اڪائونٽس ڊپارٽمنٽ هليو ويو. سندس ٻہ پٽ ۽ هڪ ڌي آهن ۽ ٽيئي ميڊيڪل ڊاڪٽر آهن. سندس ٻيئي پٽ آمريڪا ۽ ڌي جرمني ۾ آهي. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪجهہ عرصو ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ پنھنجي زال جي وفات کانپوءِ پٽن وٽ آمريڪا هليو ويو. ساڻس ڪڏهين فون تي حال احوال ٿيندا آهن. جهلم سان واسطو رکندڙ هڪ آفيسر اصغر بيگ هو. هڪ آزاد طبيعت جو ماڻھو هو. وڏن آفيسرن سان دوستي جي حد تائين ناتن هئڻ باوجود هو انھن جي ڪاڻ نہ ڪڍندو هو ۽ نہ ئي انھن جي ڪا غلط ڳالھہ مڃيندو هو. ڪجهہ آفيسرن لاءِ کيس ڊائريڪٽر پاران چيو ويو تہ انھن کي خراب سالياني رپورٽ ڏي پر هن ائين نہ ڪيو. ان جي ڪري سندس پنھنجي سالياني رپورٽ سٺي نہ هوندي هئي ۽ نيٺ ڊپارٽمنٽ مان ئي ٽرانسفر ڪري ٻئي ڊپارٽمنٽ موڪليو ويو. هو گهران ماني کڻي ايندو هو ۽ اڪثر مون کي ان ۾ شامل ڪندو هو. اصغر بيگ رٽائرمنٽ کانپوءِ ڪجهہ عرصو ڪراچي ۾ رهيو ۽ هن وقت هو اسلام آباد ۾ رهندو آهي.
خالد خاور ڪاظمي پشاور مان پروموشن کانپوءِ ٽرانسفر ٿي هن ڊپارٽمينٽ ۾ آيو هو. هو جيتوڻيڪ پنجابي هو، پر گهڻو عرصو پشاور ۾ رهڻ ڪري پشتو صاف ڳالھائيندو هو. هونئن پنھنجي ورتاءَ جي لحاظ کان مناسب ماڻھو هو، پر موقع مھل جي حساب سان اسٽينڊ وٺي نہ سگهندو هو ۽ ٻئي شخص کي اڳتي ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ٻي خاص ڳالھہ مون نوٽ ڪئي تہ دفتر جي ڪم کانسواءِ ڪتابن جي مطالعي وغيرہ کان لاتعلق هوندو هو جيڪا ڳالھہ گهڻن ۾ مشترڪ هئي. هو پريڊي اسٽريٽ صدر ۾ اسٽيٽ بينڪ جي فليٽن ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري آئون ساڻس گڏجي صدر آيس. مون کان پڇيائين تہ ڪھڙو ڪم آهي. مون کيس ٻڌايو تہ ڪجهہ ڪتاب گهرجن تہ مون کي چيائين تہ ڪتاب ڪا پڙهڻ جي شيءِ آهي. هن وقت هي بہ اسلام آباد ۾ رهندو آهي.
اقبال حسين ڪراچي جو اڙدو ڳالھائيندڙ هو. پنھنجي ڪم سان ڪم رکندڙ ماڻھو هو. يبنڪنگ ڊپلوما جا امتحان هلندڙ هجن ۽ اڪائونٽنگ جو پرچو هجي. هن مون کي چيو تہ منھنجي گهر اچو، اتي گڏجي اسٽڊي ڪنداسين. آئون وٽس هڪ ڏينھن رهيس. هو فيڊرل بي ايريا ۾ مغل هائوس وٽ رهندو هو. هو هرسال حليم جي دعوت ڪندو هو ۽ پنھنجن سڀني آفيس وارن کي گهرائيندو هو ان تاڪيد سان تہ گهران ٿانو کڻي اچجو تہ جيئن گهر لاء بہ حليم کڻي وڃو. هو آفيس وارن لاء نان بہ گهرائي رکندو هو. چوندو هو تہ يار اهي پنجاب وارا حليم کي بہ ٻوڙ سمجهي کائين ٿا، ان ڪري انھن لاء نان گهرائيندو آهيان، اهو سندس اصول هوندو هو تہ جيڪو هڪ ڀيري دعوت ۾ نہ ايندو هو ان کي ٻيھر نہ چوندو هو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ بہ هو فون تي حليم جي دعوت ڏيندو هو. هاڻي سندس وفات ٿي چڪي آهي. سندس وڏو پٽ اسٽيٽ بينڪ جي ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽر آهي.
فخرالدين نالي هڪ آفيسر هو. هو بينڪ جي فارين ايڪسچينج ڊپارٽمنٽ مان هتي آيو هو. هڪ ذهين ۽ پنھنجي ڪم تي ڀروسو ڪندڙ ماڻھو هو. هڪ ڀيري منھنجي موڪل جي درخواست ان ڳالھہ جي باوجود هن صحيح ڪري اڳتي موڪلي تہ سندس آفيسر اها موڪل نہ پيو ڏيڻ چاهي. ڪجهہ عرصي کانپوءِ هو سعودي عرب جي مرڪزي بينڪ SAMA ۾ هليو ويو. گهڻي عرصي کانپوءِ پنھنجي ڌي جي شادي جي سلسلي ۾ هو ڪراچي آيو هو تہ اسٽيٽ بينڪ ۾ مون سان سندس ملاقات ٿي هئي ۽ مختلف موضوعن تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي. ان کانپوء ساڻس ڪو رابطو ناهي.
اتي جيڪي آفيسر هئا، انھن ۾ هڪ خاتون مس آئزبل لوبو هئي. سندس خاندان گهڻو عرصو اڳ گوا مان اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيو هو. هڪ تہ هو پنھنجي ڪم ۾ هوشيار ۽ ٻيو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندي هئي. سندس ويجهو رهندڙ ڪجهہ ماڻھن جو چوڻ هو تہ سندس خاندان ۾ سوائي هڪ ڀاءُ جي ٻئي ڪنھن جي شادي ٿيل نہ هئي. ڪجهہ عرصي کانپوءِ نوڪري ڇڏي هو پرڏيھہ پڙهڻ لاء هلي ويئي.
وهاڙي پنجاب سان واسطو رکندڙ منير احمد نالي هڪ آفيسر هو. ڪجهہ عرصو مون کي ساڻس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هي پاڻ تہ شاعري نہ ڪندو هو پر ٻين جا ڪجهہ شعر ياد ڪري پيو ٻڌائيندو هو. منھن تي مٺو هوندو هو، پر پنھنجي فائدي لاء چغل خوري ۽ ٻيا ڪم بہ ڪندو هو. منھنجي ساڻس آخري ملاقات اسٽيٽ بينڪ لاهور ۾ ٿي هئي، جتي هو چيف مينيجر هو. سندس چوڻ هو تہ هن مذهبي موضوعن تي ڪجهہ ڪتاب لکيا آهن ۽ ڪجهہ تي ڪم ڪري رهيو آهي. رٽائرمنٽ کانپوءِ هو لاهور ۾ ئي رهائش پزير آهي.