آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

پوليس

شايد پنجاب جي شھرن ۾ اهو معمول آهي. اڳ مون ملتان ۾ رات جو هوٽل تي پوليس جي ڇاپي متعلق لکيو هو. هن ڀيري لاهور ۾ هئڻ دوران ٻہ ڀيرا ان ڳالھہ کي منھن ڏيڻو پيو. هڪ ڀيري هڪ ڏينھن اڳ رائيونڊ ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو، جنھن ۾ ڪجهہ جاني نقصان ٿيو هو. رات جو ڏهين ساڍي ڏهين وڳي هوٽل جي مينيجر سان گڏ پوليس پارٽي اچي ڪمري جو در کڙڪايو. مينيجر چيو تہ سر اهي رائيونڊ ۾ جيڪو ڌماڪو ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ جاچ ڪري رهيا آهن ۽ اوهان جي ڪمري جي تلاشي وٺندا. ڪمري ۾ اچي انھن سڀ سامان ڏسي منھنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لکي ۽ اهو پڇي تہ آئون ڪٿان آيو آهيان، هليا ويا. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ لاهور ۾ پي ايس ايل جو پھريون مئچ ٿي رهيو هو. شھر جي اڪثر علائقن کي ڪڙو چاڙهيو ويو هو ۽ سيڪيوريٽي سخت ڪئي ويئي هئي. رات جو ساڳي وقت ساڳي پوليس پارٽي هوٽل مينيجر سان گڏجي اچي در کڙڪايو. هڪ پوليس واري پنھنجي آفيسر کي چيو تہ سر اهو ساڳيو ماڻھو آهي جنھن کان اسان ڪجهہ ڏينھن اڳ پڇا ڪري ويا آهيون، پر انھن پوء بہ ڪمري ۾ گهڙي ساڳي ڪاروائي ڪئي ۽ هليا ويا. مون هوٽل جي مينيجر کي چيو تہ اوهان کي پاڻ پنھنجن مھمانن متعلق پوليس کي مطمئن ڪرڻ گهرجي نہ تہ ماڻھو اوهان جي هوٽل کان ئي پري هوندا. پر لڳو ائين ٿي تہ ان جي بہ گهڻي نہ ٿي هلي.